لطيفا

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    پيراشوٽ
    هڪ پروفيسر نئين قسم جو پيراشوٽ ايجاد ڪيو ۽ ان کي آزمائڻ لاءِ هن جهاز جو سفر ڪيو پوءِ جهاز تان ٽپو ڏنو، هي جڏهن زمين کان ٻه ٽي هزار فٽ مٿي هيو ته کيس ياد آيو ته سندس ايجاد ڪيل نئين قسم جو پيراشوٽ ته جهاز ۾ ئي پيل آهي.

    خودڪشي
    مريض (ڊاڪٽر سان): ڊاڪٽر صاحب، مان پنهنجي هن بيماري مان تمام گهڻو تنگ ٿي ويو آهيان، ڪڏهن سوچيندو آهيان ته خودڪشي ڪري ڇڏيان. ڊاڪٽر: نه، نه اهڙي ڳالهه ناهي، باقي اسان ڇا جي لاءِ ويٺا آهيون.

    ساهه جي تڪليف
    ڊاڪٽر (مريض سان): ها ٻڌاءِ! وري ڪا تڪليف ته ناهي؟ مريض (سهڪندي جواب ڏنو): بس ساهه ۾ ٿورڙي تڪليف آهي جو تيزيءَ سان اچي وڃي ٿو، ڊاڪٽر (مطمعن ٿيندي چيو): ترس هينئر ئي ٿو بند ڪيانس.

    1 کان 10 تائين ڳڻ…
    هڪ ڇوڪر بيمار ٿي پيو، ان جو پيءُ کيس ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو، ڊاڪٽر اوزار سندس سيني تي رکي ٻار کي چيو ”پٽ هڪ کان ڏهن تائين ڳڻ“ اهو ٻڌي ٻار پنهنجي پيءُ کي چيو، ”بابا توهان وري مون کي اسڪول وٺي آيا آهيو؟!“

    وارن واري وگ
    هڪ ڏينهن ڇوڪري پنهنجي ڇوڪريءَ دوست کي چيو: منهنجي دل ٿي چوي ته مان پيو سڄو ڏينهن تنهنجي وارن سان کيڏان. ڇوڪريءَ ڇا ڪيو جو، پنهنجي وارن واري وگ لاهي ڇوڪري کي ڏني ۽ چيائينس: شام ضرور ڏجان سڀاڻي يونيورسٽي به وڃڻو آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو