ڏات وڏي شيءِ ناهي

تون جو مُون کان پوءِ اچين
ڪينجهرکان ڪارونجهر تائين منهنجا گيتَ ٻڌين
مون کي ياد ڪرين

سنڌڙي ساري ڳاڙهو کُهنبو ٿي ويندي تيسين
۽ جي اُن تي منهنجي ڦلڙيون ڦلڙيون ڏاتِ ڏسين
شال اِهو سمجهين

ڏات وڏي شيءِ ناهي
پر سَچُ وڏي شيءِ آهي
۽ جو سَچ مچائي
سو مَچ وڏي شيءِ آهي
 
Back
Top