ڪــِـريل تــــارو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2014۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    ڪــِـريل تــــارو
    [​IMG]
    هڪڙي دفعي ٻه ڇوڪريون پنهنجي جهوپڙيءَ جي ٻاهران ليٽيون پيون هيون، ته اوچتو هنن جون اکيون آسمان ڏانهن کڄي ويون. انهن مان هڪڙيءَ ٻيءَ کي چيو: ”اهو تارو ڏسين ٿي؟ ڪهڙو نه سهڻو آهي. مون کي ڏاڍو وڻي ٿو“ ٻيءَ ان کان وڌيڪ تيز چمڪندڙ تاري ڏانهن اشارو ڪري چيو: ”مون کي ته سڀني کان وڌيڪ هو تارو وڻندو آهي. سچ پڇين، ته دل ائين چاهيندي آهي ته جيڪر ان تاري سان شادي ڪريان!“

    ان رات جڏهن هو جهوپڙيءَ ۾ سمهيون، تڏهن ننڊ جي گود ۾ پوڻ کان اڳ، اهو پڪو ارادو ڪري سمهيون ته سڀاڻي هو گڏجي جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ وينديون.

    ٻئي ڏينهن هي ٻئي گڏجي ڪاٺيون ڪرڻ ويون، ۽ جيئن ئي هو وڃي رهيون هيون، ته هنن وڻن جي پويان هڪ سيڙهه ڏٺي، جا هڪڙي ڊگهي وڻ تي چڙهي رهي هئي. انهن مان جنهن ڇوڪريءَ چمڪندڙ تاري سان شادي ڪرڻ جي سڌ ڪئي هئي، تنهن ٻيءَ ڇوڪريءَ کي چيو: ”مان مٿي چڙهي سيڙهه کي هيٺ ٿي لاهيان.“ هوءَ وڻ تي چڙهڻ لڳي، پر هوءَ ان کي پهچي نه سگهي. ايتري ۾ ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو، ته ڄڻ وڻ ويو ٿي ڊگهو ٿيندو. ٻيءَ ڇوڪريءَ پنهنجي سهيليءَ کي هيٺان رڙ ڪري چيو: ”هاڻ چڱو آهي، ته هيٺ لهي اچ، ڇو جو وڻ وڃي ٿو ڊگهو ٿيندو!“ ”نه،“ هن وراڻيو، ”بس هاڻي ڄاڻ پهتي مانس.“ هوءَ اڃا به مٿي چڙهندي ويئي.

    جڏهن هيٺ بيٺل ڇوڪريءَ وڻ کي ٿيندي ٿيندي ايترو ڊگهو ٿي ويل ڏٺو، جو ٻي ڇوڪريءَ ڏسڻ ۾ به نه ٿي آيس، تڏهن هوءَ ڊڪندي جهوپڙين ۾ آئي، ۽ سڀني ماڻهن کي اها ماجرا ٻڌايائين. هو سڀ وڻ ڏانهن وٺي ڀڳا، پر ڇوڪري گم ٿي چڪي هئي ۽ ڏسڻ ۾ به نه ٿي آئي.

    وڻ جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو، ۽ آخر ڇوڪري هڪ نئينءَ دنيا ۾ وڃي سهڙي. اتي پهچڻ کان پوءِ، ڇوڪري ٽارين کي هٽائي ٻاهر نڪتي، ۽ وڻ کان گهڻو پري هلي ويئي. هوءَ جيئن ئي گهمندي وڃي رهي هئي، ته هن کي هڪڙو مرد مليو، جنهن جي جواني واپس وري هئي. هن ڇوڪريءَ سان ڳالهايو، پر هن وٺي دانهون ڪرڻ شروع ڪيون. مرد ڇوڪريءَ کي چيو: ”ڇو! توکي ڇا ٿي ويو؟ اڃا گذريل رات تو مون سان شادي ڪرڻ جا سانباها پئي ڪيا!“ اهو مرد اصل ۾ اهو چمڪندڙ تارو هو.

    هن ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، ۽ هو ٻئي گڏ گهارڻ لڳا. هڪڙي ڏينهن ان مرد پنهنجي زال کي چيو ته هوءَ ٻين عورتن سان گڏجي ٻاهران پاڙون کوٽي اچي. مرد کيس منع ڪئي ته: ”جنهن ٻوٽي جي چوٽي سائي هجي، ان کي پٽڻ ته ٺهيو پر هٿ به نه لائج! نقصان ٿيندءِ!“

    اهڙيءَ طرح اها ڇوڪري هر روز پاڙون کوٽڻ ويندي هئي. هڪڙي ڏينهن، اڃا ٿورو وقت ٻاهر آئي مس ٿيو هئس، ته اوچتو هن جي دل ۾ سندس مڙس جي چيل ڳالهه تري آئي، ۽ هن کي عجب لڳو ته سائي ٻوٽي پٽڻ ۾ ڀلا ڪهڙو نقصان ٿي سگهي ٿو! هن پڪو ارادو ڪيو ته هوءَ هڪڙو سائو ٻوٽو کوٽي ضرور ڏسندي ته ان ۾ ڪهڙو راز سمايل آهي. ٻئي ڏينهن هن هڪڙو ٻوٽو، جنهن جي چوٽي سائي هئي، کوٽڻ شروع ڪيو. کوٽڻ ۾ کيس ڪافي وقت لڳو، ۽ هن سٽ ڏيئي اهو ٻوٽو پاڙان پٽي ورتو. پوءِ هن جي عجب جي حد نه رهي، جڏهن هن ڏٺو ته زمين ۾ اتي هڪ وڏو سوراخ ٿي پيو هو. هوءَ ان سوراخ مان چٽيءَ طرح ڏسي سـِـگهي ٿي، ته تمام تمام هيٺ سندس جهوپڙي هئي، جتان هوءَ آئي هئي.

    ٿورن ڏينهن گذرڻ بعد، هن کي هڪ ٻار ڄائو، جو پٽ هو. جڏهن به هوءَ ان سوراخ مان جهاتي پائي نهاريندي هئي، تڏهن پنهنجن ماڻهن کي گهمندو ڦرندو ڏسي، سندس چين آرام ڦٽي پوندو هو. هن کي گهر ۾ ڪوبه مزو نه ايندو هو، ۽ هن محسوس ڪيوته هن واپس وڃڻ ٿي چاهيو. پر هوءَ، اهو سوچي ته آخر هيٺ ڪيئن پهچنديس، اهو سوچي مغموم ٿي ويندي هئي. مگر دل ۾ هوءَ پهه پچائيندي رهي. هڪڙي ڏينهن هن کي خيال آيو ته ڇو نه گاهه مان رسي ٺاهجي. هن رسي ٺاهڻ شروع ڪئي، ۽ ڪيترن ڏينهن تائين هوءَ رسيءَ ٺاهڻ ۾ مشغول رهي. هن جي مڙس کي، هن جو گهر کان ايترو وقت غير حاضر رهڻ تعجب ڏياريندو هو، ته هوءَ ايترو وقت ٻاهر ڇو ٿي گهاري. آخر هڪڙي ڏينهن هن کانئس سبب پڇيو. ”اڙي!“ ڇوڪريءَ جواب ڏيندي چيس، ”مان سارو ڏينهن گهمندي آهيان، ۽ جڏهن ٿڪجي پوندي آهيان ته ڪٿي نه ڪٿي آرام ڪندي آهيان!“ هن کي اهو سبب موزون نظر نه آيو.

    جڏهن ڇوڪريءَ رسي ٺاهي تيار ڪئي، تڏهن هن رسيءَ کي سوراخ مان هيٺ سرڪائڻ شروع ڪيو، ۽ جڏهن رسي ساري هيٺ هلي ويئي، ۽ هـن سمجهـيو ته ڌرتــيءَ ســان وڃــي لــڳي هــونــدي، تـڏهن هڪ مضبوط ڪاٺيءَ سان رسـيءَ جي پڇڙي ٻڌي ڇڏيائين.

    اها ڪاٺي سوري سوراخ جي مٿان رکيائين، ۽ پٽ کي پنهنجي سيني سان مضبوط ڪري ٻڌي ڇڏيائين. پوءِ، رسيءَ ۾ ٻئي هٿ وجهي هوءَ هيٺ لهڻ لڳي. گهڻي وقت تائين هوءَ صحيح سلامت هيٺ لهندي رهي، پر اوچتو هن ڏٺو ته رسيءَ جي پڇڙيءَ اچي ويئي آهي - ۽ هوءَ اڃا ڌرتيءَ کان ڪافي مٿي هئي. هوءَ اتي ائين پئي لٽڪي، ۽ دانهون به ڪندي رهي. آخر جڏهن سندس هٿ رسي پڪڙي پڪڙي ٿڪجي پيا، تڏهن اوچتوئي رسي سندس هٿن مان ترڪي ويئي، ۽ هوءَ اچي هيٺ ڪـِـري. ڌرتيءَ تي ڪرڻ سان ذرا ذرا ٿي ويئي. جيتوڻيڪ هوءَ ڪـِـرڻ سان ڇيهون ڇيهون ٿي ويئي هئي، پر سندس پٽ نه مئو هو، ڇو جو اهو پٿر جو ٺهيل هو. سڀ تارا پٿر جا ٺهيل آهن.

    اهو ٻار اتي پيو هو. اوچتو هڪڙي چنڊول پکيءَ جي اڏامندي اڏامندي هن تي نظر پئجي ويئي. هن کي ڏاڍو رحم آيو، ۽ ٻار کي کڻي پنهنجي آکيري ۾ آيو. چنڊول هن کي پنهنجن ٻچن جيان تاتيو ۽ نپايو. جڏهن هو چڱو وڏو ٿيو، تڏهن آکيري مان نڪري، پکين سان گڏ، گهمڻ ڦرڻ ويندو هو. جيئن پکي وڏا ٿيندا ٿي ويا، تيئن هيءُ به وڏو ٿيندو ٿي ويو، ۽ هـاڻـي هـو ان لائـق ٿيو هـو، جو ٺينگ ٽپا ڏيئي سگهي. جڏهن پکي ايترا وڏا ٿيا، جو ڪجهه اڏامي سگهن، تڏهن ڇوڪرو به ڊڪڻ جهڙو ٿيو. جڏهن پکي گهڻو وڏا ٿي ويا ۽ ڪنهن به پاسي اڏامي ٿي سگهيا، تڏهن ڇوڪرو به ايترو ڦڙت ٿيو، جو هنن جو پيڇو ڪري ٿي سگهيو. هو اڃا به وڏا ٿيندا پئي ويا.

    جڏهن پکين جي ڏکڻ ڏانهن وڃڻ جي موسم آئي، تڏهن چنڊول پکيءَ ڇوڪري کي چيو: ”پٽ! چڱو ته ائين ٿيندو ته تون هاڻ پنهنجي گهر وڃ، ڇو جو هاڻي موسم ڏاڍي خراب ايندي، ۽ اسين پڻ ڏاکڻن ملڪن ڏانهن وڃي رهيا آهيون.“ ڇوڪري ادب سان جواب ڏنو: ”بابا! اوهان مون کي گهر ڏانهن ڇو ٿا اماڻيو؟ مان اوهان سان هلندس.“-”نه بابا!“ چنڊول چيو، ”ائين ٺيڪ نه آهي. چڱو ٿيندو ته گهر وڃ. تنهنجا مائٽ نهر جي هن پاسي رهندا آهن، تون اوڏانهن وڃ.“-”چڱو بابا“، ڇوڪري چيو، ”جيڪا اوهان جي مرضي پر مون کي هڪڙو تير ڪمان ٺاهي ڏيو.“ چنڊول هن کي ڪمان ٺاهي ڏني، ۽ پنهنجا ڪجهه کنڀ پٽي تيرن ۾ لڳايا. هن ڪل چار تير ۽ هڪ ڪمان هن کي ٺاهي ڏني. چنڊول هن کي رستو ٻڌايو، ۽ ڇوڪرو تير ڪمان کڻي روانو ٿيو.

    ڪجهه وقت هو پنڌ ڪندو رهيو، ۽ آخر هو ان ڳوٺ ۾ اچي سهڙيو، ۽ هڪڙيءَ جهوپڙيءَ ۾ گهڙي ويو، جنهن ۾ هڪ ٻڍي عورت رهندي هئي. ڇوڪري ٻڍيءَ کي چيو، ”ڏاڏي! مون کي پاڻي پيار.“ ٻڍيءَ جواب ڏنس، ”پٽ! پاڻي ڏاڍي مشڪل سان ملي ٿو. پاڻي انهن کي ملندو آهي، جيڪي ڊڪڻ جا تکا آهن.“ – ”ڏاڏي! پاڻي مشڪل سان ڇو ٿو ملي؟“ هن عجب ۾ پڇيو. ”پٽ! صرف جوان ۽ طاقتور ئي پاڻي کڻي ايندا آهن، ڇو جو هو تمام تڪڙو ڊڪي سگهندا آهن. اتي نديءَ ۾ هڪڙي بلا رهندي آهي، جا هر ڪنهن کي کائي چٽ ڪري ڇڏيندي آهي.“ – ”ڏاڏي!“ ڇوڪري چيو، ”مون کي مينهن جي پيٽ مان ٺهيل ساندارو ۽ مينهن جي سـِـڱ مان ٺهيل وٽو ڏي. پاڻي مان پاڻيهي کڻي ايندس.“ – ”پٽ!“ ٻڍيءَ چيو، ”ڪيترائي نوجوان ان بلا جو کاڄ ٿي چڪا آهن. مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته تون به نه ان جو شڪار ٿي وڃين.“ آخرڪار ٻڍيءَ مينهن جي پيٽ مان ٺهيل ساندارو ۽ مينهن جي سڱ مان ٺهيل وٽو ڇوڪري کي ڏنو ۽ هو نهر ڏانهن روانو ٿيو.

    نديءَ وٽ پهچي، هن وٽي سان سانداريءَ ۾ پاڻي ڀرڻ شروع ڪيو. جڏهن ساندارو ڀرجي تار ٿيو، ته اوچتو بلا به پنهنجو سر ٻاهر ڪڍيو. هن پنهنجو وات ڦاڙي ساهه کنيو، ۽ ساهه کڻڻ سان گڏ ڇوڪرو به سانداري سوڌو هن جي وات ۾ هليو ويو. ڇوڪرو پاڻ سان گڏ هڪڙو تکو ڪپ به آندو هو. جڏهن هو بلا جي پيٽ ۾ پهتو، تڏهن ڏٺائين ته اهي سڀ ماڻهو، جيڪي بلا ڳرڪائي ويئي هئي، اتي ويٺا هئا. ڪپ سان ڇوڪري بلا جي پاسي ۾ هڪڙو سوراخ ڪڍيو، ۽ هنن سڀني ماڻهن کي، جي بلا جي پيٽ ۾ پيا هئا، ان سوراخ وسيلي ٻاهر ڪڍيو، ۽ پاڻ به پاڻيءَ جو ساندارو کڻي ٻاهر آيو. پوءِ پاڻيءَ جو ساندارو کڻي هو ڏاڏيءَ وٽ آيو.

    ”ڪير؟“ هن جي ڏاڏيءَ عجب ۾ پوندي چيو، ”پٽ، تون اصل ڪير آهين؟ ڇا ڪندو آهين؟“ – ” ڏاڏي،“ ڇوڪري وراڻيو، ”مان هڪ ڪريل تارو“ آهيان. مون ان بلا کي ماري ڇڏيو، جنهن اوهان سڀني کي پاڻيءَ کان ٿي سـِـڪايو.“ ٻڍيءَ هڪڙي ماڻهوءَ کي اهو سمورو سماچار سڻايو، جنهن رڙيون ڪري ساري ڳوٺ کي اها خبر ڏني ته: ”ڪريل تاري“ اها بلا ماري آهي، جنهن سڀني کي پاڻيءَ ڍڪ کان محروم رکيو هو.

    ”ڪريل تاري“ جڏهن ان ڳوٺ مٿان ان بلا جي مصيبت دور ڪئي، تڏهن ڏاڏيءَ کان پڇيائين: ”ڏاڏي! هت ڀرسان ڪي ٻيا به ڳوٺ آهن؟“ پوڙهيءَ جواب ڏنس، ”هائو ابا! اجهو هڪ ڳوٺ ته هو، هن واهه جي پرئين پاسي کان آهي.” پوءِ ڪريل تارو پنهنجو تير ڪمان کڻي ان ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو.

    برف وسڻ جي موسم به اچي ويئي، ڇوڪرو پنڌ ڪندو پئي ويو، ۽ آخر هڪڙي ڏينهن شام جو هو ان ڳوٺ ۾ اچي پهتو. اتي پهچي، هو هڪڙيءَ جهوپڙيءَ ۾ گهڙي ويو، جنهن ۾ هڪ ٻڍي عورت، اڪيلي ۽ غمگين ويٺي هئي. هن جي اڳيان جا باهه ٻري رهي هئي، تنهن ۾ صرف هڪ ڪاٺي وڃي بچي هئي. ڇوڪري ٻڍيءَ کي چيو: ”ڏاڏي! مون کي اچي سيءَ ورايو آهي، تون باهه کي مچائين ڇو نه ٿي؟“ – ”پٽ ڳالهه ئي نه پڇ!“ پوڙهيءَ عورت چيس، ”ڪاٺين جو ملڻ ڏاڍو مشڪل آهي، ڇو جو ٻيلي ۾ هڪڙو وڏو چٻرو رهي ٿو، جو اهڙو ته خطرناڪ آهي، جو جيڪو اوڏانهن وڃي ٿو، تنهن کي ماري ٿو ڇڏي.“ – ”مون کي ڪهاڙي ۽ نوڙي ڏي،“ ڇوڪري ٻڍيءَ کي چيو، ”مان ٿو وڃي ڪاٺيون ڪري اچان.“ – ”اڙي ابا!“ ٻڍيءَ غمگين ٿيندي چيس، ”تون نه وڃ ابا!“ اهو چٻرو ڏاڍو خوفناڪ ۽ ظالم آهي. هو ماڻهن کي چهنب ۾ کڻي پنهنجي ڪن ۾ ٿو بند ڪري ڇڏي.“

    ”ڪريل تارو“ نوڙي ۽ ڪهاڙي کڻي، ٻيلي ڏانهن روانو ٿيو. هو ٻيلي ۾ ڪاٺيون به ڪري رهيو هو ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاري به رهيو هو. جڏهن هن چڱي ڀري ڪاٺين جي ڪئي، تڏهن اها زور سان نوڙيءَ ۾ ٻڌائين، جڏهن هن ڪاٺيون ٻڌي پوريون ڪيون، تڏهن اوچتو اهو خوفناڪ چٻرو ظاهر ٿيو، ۽ ڇوڪري کي چهنب هڻي کڻي پنهنجي ڪن ۾ وجهي ڇڏيائين. ڇوڪرو جڏهن چٻري جي ڪن ۾ اندر پهتو، تڏهن هن پنهنجو تير ڪمان ڪڍيو، ۽ زور سان ڇڪي چٻري جي مغز ۾ تير هنيو. چٻرو ڌڙام ڪري اچي هيٺ ڪريو.

    ڇوڪرو چٻري جي ڪن مان رڙهي ٻاهر نڪتو، ۽ ڪاٺيون کڻي پوڙهيءَ جي جهوپڙيءَ ۾ پهتو. ڪاٺين جي ڀري هيٺ لاهي، ڇوڪري ڏاڏيءَ کي چيو: ”ڏاڏي! هاڻي کڻي باهه کي مچ مچاءِ. بدن سيڪي، سيءَ کي ڀڄائينداسين. هن کي ختم ڪري ڇڏيو اٿم، جنهن اوهان کي هن وقت تائين سيءَ ۾ پئي سـُـڪايو!“ پوڙهيءَ اها خوشخبري هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻڌائي، جنهن وري خوشيءَ ۾ رڙيون ڪندي، اها خبر ساري ڳوٺ کي سڻائي ته ”ڪريل تاري“ اهو خوفناڪ چٻرو، جو ٻيلي ۾ رهندو هو، سو ماري ڇڏيو آهي.

    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، ”ڪريل تاري“ پنهنجي ڏاڏيءَ کان پڇيو ته هت ويجهڙائيءَ ۾ ٻيا به ڪي ڳوٺ آهن. پوڙهيءَ ٻڌايس ته ٻيون به ڪيتريون ئي بستيون آهن. ”ڪريل تاري“ اهو ڳوٺ ڇڏيو، ۽ ٻئي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو.

    هاڻي سيارو پنهنجي جوانيءَ ۾ هو، ۽ زمين ساري برف سان ڇانئيل هئي. ”ڪريل تارو“ پنڌ ڪندي ڪندي، هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتو. ويجهوئي هڪڙيءَ ٻڍيءَ عورت جي جهوپڙي هئي، ۽ هو ان ۾ اندر وڃي ويٺو. مهمان نوازيءَ جي اصول خلاف، ٻڍيءَ هن کي مانيءَ کائڻ جي صلاح ئي نه ڪئي. آخر بک کان بيحال ٿيندي، ڇوڪري ٻڍيءَ کي چيو، ”ڏاڏي مان ته بک ۾ پاهه ٿو ٿيان!“

    ”اڙي، پـُـٽڙا!“ هن چيو، ”کاڌو ته آهي ئي ڪونه!، مينهن ڪٿان هٿ اچي ئي ڪانه ٿي. جڏهن به ڪنهن کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، تڏهن هڪڙو وڏو اڇو ڪانءُ آهي، جو مينهن کي خبردار ڪندو آهي ۽ هو ڀڄي وينديون آهن.“ ”ڪريل تاري“ چيو: ”پوءِ اوهان کي ته ڏاڍي تڪليف هوندي! اهو ته ڏاڍو خراب ٿيو. مان ڪوشش ڪندس، شايد اوهان جي لاءِ ڪجهه ڪري سگهان! تون ڏاڏي، صرف ايترو ڪر، جو ٻاهر ڳوٺ ۾ وڃي اهڙو ڪو ڪڙتو وٺي اچ، جنهن جي مٿان وار هجن، ۽ ٻڍي سردار کي چئينس ته ٻه تکا ڊوڙندڙ نوجوان هٿ ڪري مون ڏانهن روانا ڪري. بس پوءِ تون ويهي ڏس، ته مان ڇا ٿو ڪريان!“

    ٻڍي عورت ڪڙتي هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتي. گهر گهر مان پڇا ڪندي، آخر هڪڙي گهر مان هن کي اهو هٿ آيو. هوءَ سردار وٽ به ويئي، ۽ هن کي چيائين ته هو ٻه تکا ڊوڙندڙ نوجوان چونڊي هن جي جهوپڙيءَ ڏانهن روانا ڪري. پوءِ هوءَ ڪڙتو کڻي جهوپڙيءَ ۾ پهتي.

    سردار ٻه نواجون، جي تکا ڊوڙندا هئا، ”ڪريل تاري“ ڏانهن روانا ڪيا، جنهن انهن نوجوانن کي سمجهائيندي چيو ته جڏهن به ڪو پاڏو يا مينهن ڳوٺ جي ڀرسان لنگهي، ته هو ان جي پويان وڃن، ۽ جڏهن مينهن هن کي ڏسي ڀڄڻ شروع ڪري، ته هو به ان جي پٺ وٺن، ۽ ان کي رسي، تير هڻي ماري ڇڏين. پوءِ ان جي کل ڦاڙي، اتي ئي ڦٽو ڪري ڇڏين. هو پاڻ کانئن به اڳي، ان مينهن جو پيڇو ڪندو، پر کين، سندس خيال نه ڪرڻ گهرجي. ڪجهه وقت بعد، ڳوٺ جي ڀرسان ڪيئي پاڏا ۽ مينهون چرندي نظر آيون. ڳوٺ جا ماڻهو انهن کي مارڻ لاءِ ٺهي سنڀري گهرن کان نڪتا. جڏهن هو ويجها اچي پهتا، ته ڪانوَ مينهن کي رڙ ڪري چيو: ”ڊوڙو ڊوڙو اچي ويا اچي ويا! اهي توهان جي پويان آهن!“ مينهنِ جي ڪن تي آواز پيو، ۽ هو اٿي ڊوڙيون مينهن ڊوڙڻ شروع ڪيو ۽ انهن جي پويان هڪ ڪمزور پاڏو پڻ هو، جنهن جي بدن تي تمام ڇڊا ڇڊا ۽ ڀورا وار هئا. اهو انهن مينهن جي ولر کان پوئتي رهجي ويو. ٻنهي تکن ڊوڙندڙن انهيءَ پاڏي جي پٺ ورتي، ۽ ان کي ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪائي وڌائون، ۽ آخر تير هڻي ان کي ماري وڌائون. پاڏو اتي ئي ڪري پيو، ۽ پوءِ هنن ان جي کل کي چيري، ان جو گوشت پٿاري، ويڪرو ڪري اتي ئي ڇڏي ڏنو. اهڙيءَ طرح پاڏي کي ماري ۽ چيري، اتي ئي ڦٽو ڪري، هو گهرن ڏانهن موٽيا. ٿورو پنڌ ڪري پوئتي منهن ورائي ڏٺائون، ته ڪيترائي پکي ۽ جانور، پاڏي جي گوشت کائڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيا هئا. پکين ۾ اهو اڇو ڪانءُ پڻ هو. هو ڪڏهن ڍونڍ مٿان اڏامي رهيو هو، ته ڪڏهن هيٺ ٿي لهي آيو، ۽ وڏي آواز ۾ چيائين پئي: ”لاشڪ هي ”ڪريل تارو“ آهي!“ هو آهستي آهستي مئل پاڏي جي ويجهو سري رهيو هو، ۽ ٻين پکين کي به چيائين پئي، ”لاشڪ هي ”ڪريل تارو“ آهي! خير، اوهان ان جي اکين کي هٿ به نه لايو، اهي خاص منهنجي لاءِ ڇڏي ڏيو!“ هو به ويجهو ايندو ويو، ۽ اکين ۾ اڃا چڪ وجهڻ جي ٿي ڪيائين، ته ايتري ۾ ”ڪريل تاري“ مئل پاڏي جي کل هيٺان هٿ ڪڍي، هن جون ٻئي ٽنگون پڪڙي زور سان کڻي قابو ڪيون.
    ”ڪريل تاري“ کي ڏسي، ٻيا سڀ پکي ڀڄي هليا ويا، بگهڙ ۽ لومڙ ٽڪريءَ ڏانهن لـِـڪڻ لاءِ وٺي ڀڳا. ’ڪريل تارو‘ ڪانوَ کڻي، پنهنجي ڏاڏيءَ جي جهوپڙيءَ ۾ آيو. سردار ڏانهن نياپو موڪليائين ته اچو ته فيصلو ڪريون ته هن ڪانوَ کي ڪهڙي سزا ڏجي. سردار چيو، ”مان هن کي پنهنجي مڪان ڏانهن نيندس، جتي هن کي دونهي ۾ ٽنگي ماريندس.“ پوءِ سردار، ڪانوَ کي جهوپڙيءَ ڏانهن کڻي ويو، جتي هن کي بخاري مٿان، جتان دونهون گڏ ٿي نڪرندو هو، قابو ڪري ٻڌي ڇڏيائين، پر هڪڙي ڏينهن ڪانءُ ڦٿڪي ڦٿڪي، پاڻ ڇڏائي ڀڄي ويو.

    ”ڪريل تاري“، ڪجهه نوجوانن کي سڻيءَ جي تيلين پٽڻ لاءِ موڪليو، ۽ انهن جي تندن مان هڪ ڊگهو مضبوط ڌاڳو تيار ڪيائين. ڌاڳي جي هڪڙيءَ پڇڙيءَ ۾ هڪڙو سنهون ۽ لسو ڌاڳو ٻڌي، ان ۾ هڪڙو کنڀ ٻڌي ڇڏيائين. جهوپڙيءَ جي ڪوٺي تان اهو کنڀ هن اڏاريو، ۽ هن کي ويو ٿي ڍر ڏيندو. ماڻهن کي چيائين ته ”جڏهن ڌاڳي جو مٿي وڃڻ بند ٿي وڃي، تڏهن ڌاڳي کي وٺي تڪڙو هيٺ ڊوهجو. ۽ خدا گهريو ته ڌاڳي جي پڇڙيءَ ۾ اوهان کي ڪانءُ ڦٿڪندو نظر ايندو.“ ماڻهن جڏهن ڏٺو ته ڌاڳو چري ئي ڪونه ٿو، تڏهن وٺي هن کي هيٺ ڊوهڻ شروع ڪيائون، ۽ ٿورو وقت ڊوهڻ کان پوءِ ماڻهن جي عجب جي حد ئي نه رهي، جڏهن ڏٺائون، ته ڪانءُ قلابازيون کائيندو، ڌاڳي سان گڏ هيٺ لهندو پئي آيو. پوءِ ماڻهن ڪانوَ کي اتي جو اتي پورو ڪري ڇڏيو. ڪانوَ جي مارجڻ کان پوءِ، هنن کي ڪيترا پاڏا ۽ مينهون ۽ ٻيا جانور هٿ آيا، جي کائي هنن پنهنجي سالن جي بک لاٿي. ڳوٺ جي ماڻهن ”ڪريل تاري“ کي ڏاڍيون دعائون ڪيون.

    ”ڪريل تارو“ اهو ڳوٺ ڇڏي، پوءِ ٻي ڏانهن پنڌ پيو. ٿوري پنڌ ڪرڻ کان پوءِ“ هو هڪڙي ٻي ڳوٺ ۾ اچي پهتو. سامهون هڪڙيءَ پوڙهيءَ عورت جي جهوپڙي هئي، ان ۾ اندر گهڙي ويو. پوڙهيءَ کي چيائين، ”ڏاڏي، مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي، ڪجهه کائڻ لاءِ ڏي.“ – ”پٽ،“ پوڙهيءَ چيس، ”اسان ڏاڍيءَ مصيبت ۾ آهيون، کائڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي. جڏهن به شڪار ڪرڻ ويندا آهيون، تڏهن برفاني ديو برف جو طوفان موڪليندو آهي، ۽ اسان کي ڪجهه به پلئه ڪونه پوندو آهي.“ ”ڪريل تاري“ ڏاڏيءَ کي چيو، ”هاڻي ڪو جانور نظر آيو، ته تون ۽ مان ٻئي گڏجي ان کي مارينداسين، ۽ پوءِ ڪجهه نه ڪجهه گوشت کائڻ لاءِ ملي ويندو. تون پنهنجي ڪتن واري گاڏي تيار ڪري بيهار.“ جڏهن جهنگ کان ٻاهر نڪتا، تڏهن ڇوڪري ڏاڏيءَ کي چيو، ”تيار ٿيءُ، ته ٻاهر شڪار ڪرڻ هلون.“ پوءِ هو ٻئي ڪتن واريءَ گاڏيءَ تي چڙهي، شڪار ڪرڻ ويا، ڪيترا جانور ماريائون، جن ۾ هڪ سهڻي ۽ ٿلهي متاري جهنگلي ڳئون پڻ شامل هئي. ”ڪريل تاري“ ڏاڏيءَ کي چيو، ”اچ ته هن ڳئونءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪريون.“

    جيئن ئي هو ان ڳئونءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪري رهيا هئا، ته برفاني طوفان جو ديو سامهون ٽڪريءَ تي ڏسڻ ۾ آيو. سندس هٿ ۾ هڪ ڳرو گرز هو. ديو هنن ڏانهن اهو گرز الاريو، ۽ ڏاڏي ڀڄڻ تي هئي، ته ”ڪريل تاري“ رڙ ڪري چيس، ”ڀڄ نه، ڏاڏي!“ هن ڳئون جي بڪي وڍي، ڏاڏيءَ جي هٿ ۾ ڏني. ان وچ ۾ برفاني ديو سندن نزديڪ پهچي چڪو هو. هن پريان ئي گجندي ”ڪريل تاري“ کي رڙ ڪري چيو، ”هن پوڙهيءَ کي اها بڪي ڇو ڏني اٿئي؟“ ديو غصي ۾ ڏڪندي، لت کڻي پوڙهيءَ کي هنئي. اڙي اڙي.... سندس ٽنگ وڃي پري پيئي. هن پنهنجي ٻانهن مٿي کنئي، ۽ جيئن ئي پوڙهيءَ کي مڪ هڻي رهيو هو، ته سندس ٻانهن وڃي پري پيئي. ديو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، ۽ جيئن ئي وات کوليائين ته گجگوڙ ڪري هنن کي ڊيڄاري، ته سندس ڳچي ئي پٽجي وڃي پري پيئي، ۽ پوءِ ته ديو پاڻ به زمين تي ڪري پيو. ”ڪريل تاري“ ڳئون کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو، ۽ ديو کي اتي ڦٽو ڪري، پوڙهي ۽ پاڻ جهوپڙيءَ ڏانهن موٽي آيا.

    جهوپڙيءَ ۾ پهچي، هن شڪر ڪيو، ته هاڻ هنن وٽ ڪجهه کائڻ لاءِ ته آهي. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ ”ڪريل تاري“ سوچيو ته بهتر ائين ٿيندو ته هو وڃي ديو جي خبرچار لهي. پر سندس ڏاڏيءَ روڪيندي چيس، ”نه، بابا، نه - تون نه وڃ! هن سان ايڏي جٺ ڪئي اٿيئي، ۽ هاڻ توکي مارڻ کان سواءِ هو نه ڇڏيندو.“ – ”ڏاڏي، ڀلائي ان ۾ آهي ته مان وڃان.“ ”ڪريل تاري“ نيٺ فيصلو ڪندي چيو. ”هو رهندو ڪٿي آهي؟“ ”ڪريل تاري“ پڇيو. ڏاڏيءَ ٻڌايس ته هو نديءَ جي ڪناري ڀرسان جيڪو غار آهي، ان ۾ رهندو آهي.

    ”ڪريل تارو“ اوڏانهن روانو ٿيو. اڃا غار ۾ اندر گهڙيو ئي مس ته پريان برفاني ديو، جنهن کي سندس زال گهر کڻي آئي هئي، رڙ ڪري چيس، ”مون سان اهڙيءَ جٺ ڪرڻ کان پوءِ به تون هيڏانهن آيو آهين؟“ – ”ڇو، چاچا؟“ ”ڪريل تاري“ چيس، ”اوهان سان ڪجهه ڳالهائڻو به هوم، ۽ اوهان جي تير ڪمان ڏسڻ جي پڻ چاهنا هئم.“ پوءِ ڊوڙي وڃي ڪمان کنيائين، جا وڏي وڻ جي ٿڙ مان ٺهيل هئي. ان کي زور سان موڙي ٻه ٽڪر ڪري ڦٽي ڪيائين.

    برفاني ديو غصي ۾ ڦٿڪندي، چيس، ”ايڏو ظلم ڇو ٿو ڪرين؟ نـِـڪر منهنجي جاءِ مان، نڪري وڃ! توکي ڪوبه رحم نٿو اچي! شرم ڪر ڪجهه!“ – ”واه واه!“ تاري چيس، ”مان ته تنهنجو گرز به ڏسندس.“ پوءِ هن ڊوڙي وڃي گرز کنيو، ۽ ڀر ڪڍائي ديو کي مغز وارو هڻي ڪڍيائين. ديو ته اتي ئي ڍيري ٿي پئجي رهيو. پوءِ ديو جي زال ۽ ٻارن کي ماريائين، پر هڪڙو ٻار بچي ويو، جو غار جي هڪڙي ڏر ۾ رڙهندو رڙهندو غائب ٿي ويو. هو اهو سڀ ڪم پورو ڪري جهوپڙيءَ ۾ آيو، ۽ ڏاڏيءَ کي سربستو احوال ٻڌايائين ته ڪيئن هن ديو ۽ سندس زال کي ٻارن سوڌو، سواءِ هڪ جي جو ڏر ۾ لڪي ويو هو، ماري ڇڏيو هو. هن ڏاڏيءَ کي صلاح ڏني ته سڀني ڳوٺ جي ماڻهن کي وڃي ٻڌائي ته پاڻي گرم ڪري ان ڏر ۾ وجهندا رهن، جيستائين اهو باقي بچيل ديو جو ٻچڙو به مري وڃي. ماڻهو گهڻي وقت تائين ائين ڪندا رهيا، پر اڃا پاڻي وجهڻ بند ٿي ڪيائون، ته ڏٺائون ٿي ته پاڻي سارو ڄمي برف پئي ٿي ويو. آخر هو ٿڪجي، چپ ڪري ويهي رهيا. جيڪڏهن ”ڪريل تارو“ ان باقي بچيل ٻار کي به ماري ها، ته هاڻي اسان کي اها برف ڪڏهن به نه ستائي ها.

    پوءِ ”ڪريل تاري“ اهو ڳوٺ ڇڏي، ٻئي ڳوٺڙي ڏانهن روانو ٿيو. هاڻي سيارو پوري جوڀن ۾ اچي ويو هو. ڏينهن ننڍڙا راتيون ڪافي وڏيون ٿينديون هيون، ۽ رات جي سياهي تمام جلد ڦهلجي ويندي هئي. گهمندي گهمندي هڪڙي ڏينهن، هو هڪڙيءَ نهر جي مٿان اچي پهتو، ۽ ڏٺائين ته پريان روشنائي نظر اچي رهي هئي، هو ان روشنيءَ طرف هليو. ۽ ڀرسان اچي ڏٺائين ته هڪڙو شخص ويٺو آهي، جنهن جي ڳچيءَ ۾ ماڻهن جي ڪنن مان ٺهيل ڪنڍي پيئي آهي. ”ڪريل تاري“ کي دل ۾ کـُـکي ويو ته چئن اکين وارو ديو اهو آهي. هو يڪدم پوئتي موٽيو، ۽ اهي ٻوٽا ڳولڻ لڳو، جن ۾ ماڻهن جي ڪنن جهڙا گل ٿيندا آهن. ڀرسان ئي ڪيترا اهڙا ٻوٽا هئا، جن مان ڪنن جهڙا گل پٽي ”ڪريل تاري“ به هڪڙي ڪنڍي ٺاهي ڳـچيءَ ۾ وڌي. پوئتي موٽي، سڌو ان ديو ڏانهن ويو، جنهن هن کي سلام ڪري چيو، ”دوست، تون وري ڪٿان پيو اچين؟ تون هو بهو مون وانگر آهين!“

    ”هائو،“ ”ڪريل تاري“ چيس، ”مان به تو جهڙو سنياسي آهيان. پر هڪڙي ڳالهه ته ٻڌا“، تنهنجو ساهه ڪيئن نڪرندو؟“ ”اڙي واهه!“ ديو چيو، ”ماڻهن کي اها خبر پئجي وڃي، ته مون کي ماري ڇڏين، پوءِ هو مون کي ڦاسائي کڻي وڏي باهه ٻاريندا، ۽ ان مٿان چرٻي ساڙيندا ۽ جادوءَ جا جهنجهڻا وڄائيندا، ۽ پوءِ آءٌ ائين مري ويندس! سو آءٌ ٿو اها ڳالهه توکي ٻڌايان! چريو آهيان ڪيئن؟ مان ته ماڻهن جا ڪن پٽي پنهنجي ڪنڍيءَ ۾ پوئيندو رهندو آهيان. سامهون ڳوٺ ۾ هڪڙو مڪان آهي، جنهن ۾ مون اڃا تائين پير نه پاتو آهي. جڏهن سڀ ماڻهو سمهي پوندا، تڏهن ان مڪان ۾ گهڙندس.“

    ”ڪريل تاري“ چيس، جيئن ته اسين ٻئي هڪ ذات جا آهيون، تنهن سبب اسان ٻنهي جي ساهه نڪرڻ جو طريقو پڻ ساڳيو آهي!“ جنهن مڪان لاءِ ديو اشارو ڪري رهيو هو، تنهن لاءِ ”ڪريل تاري“ چيس، ”مان اندر وڃان ٿو، ۽ جڏهن سڀ سمهي پوندا، تڏهن توکي اچي ٻڌائيندس.“ – ” ٺيڪ آهي،” چار اکئي ديو خوش ٿيندي چيس.

    ”ڪريل تارو“ ان ڳوٺ ۾ ويو، ۽ هڪڙي مڪان ۾ اندر گهڙي، زور سان رڙ ڪري پڇيائين، ”سڀ ننڊ ۾ آهيو ڇا؟“ هڪڙي جواب ڏنس، ”نه،” ”ڪريل تاري “ ان کي سربستو احوال ٻڌايو ته “ڪن پٽيندڙ چار اکيو ديو هيڏانهن اچي رهيو آهي. توهان سڀ مڪر ڪريو، ڄڻ ته ننڊ پيا آهيو. زور زور سان کونگهرا هڻو، ته جيئن هن کي پڪ ٿئي. اوهان کي مان هن جي مارڻ جو طريقو ٻڌايان ٿو. هن کي ڦاسائي هڪ وڏي باهه ٻاريو، ۽ ان باهه تي چرٻي ساڙيو ۽ ان تي جادوءَ جا جهنجهڻا وڄايو، پوءِ هو پاڻهي مري ويندو.”

    مڪان ۾ جيڪي به ماڻهو هئا، سي ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ جيئن ”ڪريل تاري“ چين، تيئن ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. ”ڪريل تارو“ واپس موٽي ديو وٽ آيو، ۽ هن کي چيائين، ”هو ته سڀ گهريءَ ننڊ ۾ پيا آهن، ۽ پيا ٿا کونگهرا هڻن - اچ ته هلون، جلد اچ! پهريائين اندر مان گهڙندس“ – ”ڪڏهن به نه،“ ديو رڙ ڪئي، ”پهريائين مان ويندس“ – ”چڱو،“ ”ڪريل تاري“ قبول ڪندي چيو.

    هو ان مڪان ڏانهن روانا ٿيا، ۽ مڪان جي ٻاهران ڪن لائي ٻڌائون، ته سڀئي کونگهرا هڻي رهيا هئا. ”ڪريل تاري“ وري به ديو کي چيو، ”پهريائين مان اندر گهڙان!“ ديو چيس، ”نه - اڳ ۾ مان اندر ويندس.“

    ديو اندر گهڙيو، ۽ جڏهن اندر پهتو، تڏهن ”ڪريل تاري“ دروازو ٻاهران بند ڪري ڇڏيو، ۽ ان کي ٻاهران زور ڏيئي بيهي رهيو. ”ڪريل تاري“ رڙ ڪري، اندر ماڻهن کي چيو، ”ديو اندر آيو اٿو!“ ماڻهو يڪدم اٿي کڙا ٿيا، ۽ هڪ وڏي باهه وٺي ٻاريائون. ديو ٻاهر نڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ”ڪريل تارو“ به ٻاهر جبل جيان مضبوط بيٺو هو، ۽ دروازو کلي نه سگهيو. ماڻهن چرٻي ساڙڻ شروع ڪئي، ۽ جادوءَ جا جهنجهڻا وڄائڻ لڳا، ۽ ديو اتي ئي سٽجي ڪـِـري پيو، ۽ مري ويو. صبح جو ”چار اکئي“ کي کڻي ٻاهر رستي تي ڦٽو ڪيائون. سڀ ماڻهو اچي مڙيا. هر ڪنهن پنهنجا ڪن سڃاتا. ”ڪريل تاري“ هڪڙو وڏو ڪـُـونر ماڻهن جي پگهر سان ڀريو، ۽ هنن کي چيائين، ”هرڪو اندر اچي، ڪنن مٿان پگهر هڻي، انهن کي پنهنجيءَ جڳهه تي ڄمائي.“ سڀني ائين ئي ڪيو، ۽ هنن جا ڪن اڳي وانگر قدرتي بڻجي ويا.

    هو اڃا ان ڳوٺ ۾ هو، ته هن کي خبر پيئي ته ڀرسان واري ڳوٺ جي ماڻهن کي هن جي مدد جي ڏاڍي ضرورت هئي. اتان جي ماڻهن هن لاءِ هڪ عاليشان مڪان جوڙايو هو، ۽ هڪ نوجوان ۽ حسين ڇوڪري هن سان پرڻائڻ لاءِ به تيار ڪئي هئي. هنن ماڻهن جي، ٻين جي ڀيٽ ۾، ڏاڍي بري حالت هئي. هتي هڪ ڌوتي رهندي هئي، جنهن سڀني ماڻهن کي گنجو ڪري ڇڏيو هو. ”ڪريل تارو“ ان ڳوٺ ۾ پهتو، ۽ جيڪي ڪجهه ٻڌو هئائين، سو سڀ اکين سان ڏٺائين. هن لاءِ الڳ مڪان تيار ڪيو ويو هو، ۽ ڇوڪريءَ جنهن هن سان شادي ڪرڻ پئي چاهي، هن لاءِ منتظر اکيون پايون ويٺي هئي. سڀئي ماڻهو گنجا هئا، ۽ هنن پنهنجا مٿا ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏيا هئا.

    ڌوتيءَ جڏهن ”ڪريل تاري“ جي اچڻ جو ٻڌو، تڏهن هوءَ هن سان ملڻ لاءِ رواني ٿي. هن ”ڪريل تاري“ کي چيو، ”اڙي ابا! ٻڌم جو ته تون آيو آهين، تڏهن توسان گڏجڻ لاءِ هلي آيس. توکي ته خبر هوندي ته مان وارن مان هڪڙو ڪڙتو ٺاهي رهي آهيان، ۽ باقي ٻن کوپڙين جيترا وار گهرجن.“

    ”هائو، ڏاڏي!“ تاري چيس. ”مون کي پاڻ خبر پيئي ته توکي وارن جي ضرورت آهي، ان ڪري ته مان هليو آيس!“ ڇوڪريءَ جي مٿي جا وار اڃا سلامت هئا. هن جا وار ڊگها ڊگها پشم جهڙا نرم هئا. ٻئي ڏينهن هو پنهنجيءَ مڱينديءَ کي وٺي ڌوتيءَ جي جهوپڙيءَ ڏانهن ويو. هن جي مڱيندي ڊڄي رهي هئي، ۽ جهوپڙيءَ ۾ اندر گهڙڻ کان پئي ڪيٻايائين. پر ”ڪريل تاري“ هن کي دم دلاسا ڏيئي، دل ٻڌائي، ۽ هو ٻئي جهوپڙيءَ جي اندر گهڙيا.

    جڏهن ٻئي اندر پهتا، تڏهن ڌوتيءَ چين، ”توهان کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي اٿم.“ – ”ڪيئن نه ٿيندي!” تاري مرڪندي چيس، ”اسان صرف ان لاءِ آهيون، ڇو جو توکي ٻن وارن سان ڀريل کوپڙين جي سخت ضرورت آهي.“ ”ڪريل تاري“ پنهنجيءَ زال کي اڳ ئي سمجهائي ڇڏيو هو، ته هوءَ ڌوتيءَ کان ڪجهه پري ٿي ويهي. ڌوتيءَ پنهنجي پاڪي تکي ڪرڻ شروع ڪئي.

    ”ڪريل تاري“ چيو، ”پهريائين منهنجا وار ڪوڙ!“ ڌوتي پاڪي کڻي هن ڏانهن وڌي. جيئن ئي هوءَ کيس ويجهو آئي، تيئن ”ڪريل تاري“ زور سان ٽڪر هنيس، ۽ جيئن ته هو پٿر جو ٺهيل هو، تنهن سبب ڌوتيءَ کي سخت ڌڪ لڳو، ۽ هوءَ هڪ ئي ڌڪ ۾ ختم ٿي ويئي.

    ماڻهن جڏهن ٻڌو ته ’تاري‘ جي هٿان ڌوتي مري ويئي، تڏهن هنن سڀني وٺي جهوپڙيءَ ڏانهن ڊوڙ پاتي، ۽ ڏسي پڪ ڪيائون ته ڌوتي مري چڪي آهي. هنن جهوپڙيءَ ۾ پنهنجا پنهنجا وار تلاش ڪرڻ شروع ڪيا. هر ڪنهن پنهنجا وار سڃاتا. ”ڪريل تاري“ پگهر جو ڪونر ڀريو، ۽ سڀني کي چيائين ته هو وار کوپڙيءَ مٿان رکي، اهو پگهر ان جي چوڌاري مهٽين. سڀني ماڻهن ائين ڪيو، ۽ جڏهن هو جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪتا، تڏهن هنن سڀني جا مٿا اڳي وانگر وارن سان ڀريل هئا.

    ”ڪريل تاري“ ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، ۽ هميشه لاءِ انهن سان گڏ گهارڻ لڳو.

    ____________________________________
    : حوالو :
    ڪتاب : آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون
    ليک : جارج بـَـرڊ گـِـرنيل
    تصنيف ۽ ترجمو : علي بخش ميمڻ
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو