منصور سرور
سينيئر رڪن
مان توڙي جو ٻه سال وزير به رهي چڪو آهيان، ان دوران سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي سنڌ جي غريب ماڻهن جي دردن جو درمان ڪرڻ جي حتي الامڪان ڪوشش ڪئي پر مان اعتراف ٿو ڪريان ته پنهنجي ڪوشش باوجود سنڌ جي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ هڪ سيڪڙو به تبديلي آڻي نه سگهيس. ٿر ۾ ڳوٺ ڳوٺ وڃي ڏڪار سٽيلن جي سهائتا جي ڪوشش ڪئي پر ان باوجود اعتراف ٿو ڪريان ته نه ته اسان جي ڪوششن ڪو رنگ لاتو، نه ئي حڪومتي ڪوششن، ٿر جي 70 سيڪڙو گهرن لاءِ اڄ به ٻن ويلن جي ماني وڏو مسئلو بڻيل آهي.
ملڪي آئين جي شڪ 24، 32، 35 ۽ 38 تحت عوام کي صحت، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست ۽ حڪومت وقت جي ذميواري آهي، پر مان پنهنجي ٻن سالن جي وزارت واري دور ۾ عوام کي اهي سهولتون جيڪي آئين تحت ملڻ کپن، سي ڏيارڻ ۾ به ناڪام ويس، نه رڳو مان پر سڀ سياستدان ان ۾ ناڪام ٿيا آهن، جن جو کين به اعتراف ڪرڻ گهرجي.