ريڊ زون ڇا آهي؟ الهداد شيخ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اسلام باد شهر ۾ ريڊ زون جي وڏي اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته هن حساس علائقي ۾ رياست جي اهم ترين ادارن جو آفيسون ۽ عمارتون آهن، ريڊ زون جو علائقو آبپاره مارڪيٽ کان هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي اتر واري پاسي آهي. ايمبيسي روڊ هڪ ڊگهو روڊ آهي، جنهن جي هڪ پاسي ريڊ زون آهي ته ٻئي پاسي خانگي ۽ سرڪاري رهائش گاهون آهن، ايمبيسي روڊ سرحدي پٽي آهي، آبپاره مارڪيٽ کان وڃڻ ٿيندو ته هڪ ڪلوميٽر فاصلي تي سرينا هوٽل آهي، هوٽل جي ڀرسان سرينا چوڪ آهي، انهيءَ چوڪ کان ريڊ زون شروع ٿئي ٿو، سرينا هوٽل به ريڊ زون ۾ اچي وڃي ٿو. سرينا چوڪ جي ڀرسان فرانس چوڪ آهي، انهيءَ چوڪ کان شاهراهه دستور شروع ٿئي ٿي. شاهراهه دستور ٻن ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي، شاهراهه دستورڪ جتان شروع ٿئي ٿي انهيءَ چوڪ (فرانس چوڪ) وٽ ڊپلوميٽڪ انڪليو (سفارتي علائقو ) به آهي، انهيءَ سفارتي علائقي جو مک گيٽ به هن ئي جاءِ تي آهي، سفارتي ڪالوني جي چوڌاري وڏي مضبوط ديوار ٺهيل آهي، اها ڪالوني هڪ قلعي صورت ۾ موجود آهي. شاهراهه دستور تي پرڏيهي کاتي جي مرڪزي عمارت آهي، پرڏيهي کاتي جي عمارت ڀرسان ريڊيو پاڪستان جي عمارت آهي، ريڊيو پاڪستان وٽ هڪ چوڪ آهي، انهيءَ چوڪ جي بلڪل ڀر ۾ وزير اعظم پاڪستان جي آڦيس آهي، جنهن کي وزير اعظم سيڪريٽريٽ چيو وڃي ٿو. وزير اعظم سيڪريٽريٽ جي بلڪل سامهون اليڪشن ڪميشن جي ڀر ۾ شريعت ڪورٽ آف پاڪستان جي عمارت آهي. شريعت ڪورٽ جي ڀر ۾ فيڊرل بورڊ آهن، روينيو (ايف بي آر) جي مرڪزي آفيس آهي. شاهراهه دستور تي وزير اعظم سيڪريٽريٽ جي بلڪل ڀر ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آهي، سپريم ڪورٽ جي بلڪل ڀر ۾ پارليامينٽ هائوس آهي، اهي چار ئي عمارتون هڪ ٻئي سان جڙيل (ڳنڍيل) آهن. ريڊ زون ڏانهن وڃڻ يا ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ نادرا چوڪ وٽان به رستو آهي، نادرا چوڪ وٽان به رستو آهي. نادرا جو مرڪزي هيڊڪوارٽر آهي، ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ريڊ ب چوڪ وٽان به رستو آهي، ريڊ ب چوڪ سپريم مارڪيٽ جي ڀرسان آهي، ايوب چوڪ وٽان ريڊ زون شروع ٿئي ٿو. هن چوڪ وٽ ميرئيٽ هوٽل ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن جي عمارت به آهي، مرئيٽ هوٽل ۽ پي ٽي وي هيڊڪوارٽر جي بلڪل سامهون منسٽرز ڪالوني آهي. سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي هائوسز ۾ ميرئيٽ هوٽل جي سامهون ريڊ زون ۾ آهن.سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي معزز ججن جون رهائش گاهون ججز ڪالوني به ريڊ زون ۾ آهي. ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ لاءِ چوٿون رستو مارگلا روڊ وارو رستو به آهي، هن روڊ کان ايندڙ رستو شاهراهه دستور ڏانهن وڃي ٿو، مارگلا روڊ کان اڳتي وفاقي وزيرن جون آفيسون (پاڪستان سيڪريٽريٽ) به ريڊ زون ۾ آهن، پاڪ سيڪريٽريٽ کان اڳتي هلبو ته سڏ پنڌ تي وزير اعظم هائوس يعني وزير اعظم جي رهائش آهي. وزير اعظم هائوس پاڪ سيڪريٽريٽ جي پويان واري علائقي ۾ آهي، شاهراهه دستور تي پارليامينٽ هائوس جي عمارت سان لڳو لڳ پوئين پاسي ايوان صدر آهي. ايوان صدر ۽ پارليامنيٽ هائوس جي وچ ۾ صرف لوهي گرل لڳل آهي، جيڪا ديوار طور سڃاتي وڃي ٿي، ايوان صدر جي اڳيان ڪيبنيٽ بلاڪ آهي، جنهن ۾ ڪابينا ڊويزن، اطلاعات واري وزارت ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن توڙي ٻيون وزارتون آهن ريڊ زون ۾ سڀني اهم عمارتون شاهراهه دستور تي آهن. هن وقت عمران خان جو ڌرڻو پارليامينٽ هائوس اڳيان ويهي رهيو آهي، اهي ماڻهو شاهراهه دستور تي ويٺل آهن، هن شاهراهه جي هڪ پاسي وزيراعظم آفيس، پارليامينٽ هائوس ۽ سپريم ڪورٽ جون اهم عمارتون آهن ته ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن، پرڏيهي وزارت، ايف بي آر، شريعت ڪورٽ ۽ ٻيون اهم عمارتون آهن. رياست جي اهم ترين عمارتن واري هن علائقي کي پرويز مشرف جي دور ۾ ريڊ زون قرار ڏنو ويو هو. ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ اسلام آباد ۾ خودڪش ڌماڪن جو سلسلو عروج تي هو، هر وقت شهر ۾ ڌماڪي جو خوف رهندو هو، طالبان پاران سيڪيورٽي فورسز ۽ اسلام آباد پوليس تي آپگهاتي بم ڌماڪا معمول بڻجي ويا هئا، انهيءَ دور ۾ اهم عمارتن تي حملن جو خطرو هو، انهيءَ ڪري هن علائقي کي ريڊ زون قرار ڏئي. ان ۾ عام ٽريفڪ جي اچ وڃ ۽ اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا تي پابندي مڙهي وئي هئي، سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي، ريڊ زون ۾ پکي به ناهي داخل ٿي سگهندو، پر هن وقت هزارين ماڻهو هن علائقي ۾ موجود آهن
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو