• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪنهن در ڏيون دانهڙي !

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
اسانوٽ سنڌ ۾ هڪ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهڻي سروس هئي ايس آر ٽي سي ، جيڪا سنڌ جي هر شهر کان ڪراچي تائين بحال هئي ، اسانجا ڪيترا ئي ماروئڙا ان ۾ سفر ڪندا هئا ، شاگردن لاءِ به تمام موزون هئي ، جنهن سروس کي آخرڪار ڪنهن طريقي سان ختم ڪري ان جون بسون نيلام ڪيون ويون ، هونئن به هن وقت هر طرح سڄي سونهاري سنڌ کي ڄڻ ته نيلام ڪيو ويو آهي ، هتي ڌاريا لا تعداد آباد ڪيا ويا هئا ۽ انهنجي آبادڪاري جو سلسلو وڏي تيزي ۾ اڃان تائين برقرار آهي ، اسانجا تعليمي اداره به تباهي ۽ سياست جي ور چڙهي ويا آهن ، اسانجي سمورن وسيلن تي غيرن جا انبار لڳا پيا آهن ، دعا آهي ته اهڙو ڪو سورمو اسان مان وري پئدا ٿئي جيڪو هن سُتل قوم کي جاڳائي ۽ اسان کي سک ، امن ۽ ڀائيچاري جي راھ تي گامزن ڪري ، اڳي صرف ٻٽي قومي پارٽيون هيون هاڻي انهن منجهان ڪيتريون پارٽيون ٿي پيون آهن؟ اسانجا سمورا قومپرست اڳواڻ اگر پنهنجا ننڍا ننڍا مفاد ۽ ذاتي انائون ختم ڪري اگر متحد ٿين ته به سڳوري سنڌ جو ڀلو ٿي پئي ، اسانجا جوڌا غيرن جي هٿان وڪامجي رهيا آهن ، ڀنگ جي پيداوار اسلام آباد پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ جام ٿئي ٿي مگر اسان وٽ تمام گهڻي استعمال ٿئي پئي ! اسانجو نئون نسل نشي ۽ ڪامريڊي ۾ مبتلا ٿي پنهنجو پاڻ کي ڪو ايجوڪيٽڊ سڏرائي تباھ لڳو پيو آهي ، اسانوٽ سنڌي ثقافت ملهائڻ تي ننڍڙين معصوم نياڻين کي روڊ تي آندو ٿو وڃي ! اسلام آباد ۾ ڏسو طاهرالقادري ۽ عمران خان جي قيادت ۾ سيڪڙو عورتون روڊن تي آواره ۽ بي پرده نڪري آيون آهن ، مينهوڳي ۾ نوجوان روڊن تي نچي رهيا آهن ۽ عورتون مستي ۾ جهومي رهيون آهن ! ڇا اها اسانجي ثقافت آ؟ ڇا ايئن انقلاب ايندا آهن؟ اسان پنهنجي سهڻي ثقافت ، مهمان نوازي تان دستبردار ٿي ويا آهيون ، اڄ به سنڌ ۾ کوڙ واياڻيون آهن جيڪي ٻاهر نڪرنديون آهن ته باقاعده با پرده ۽ حياءَ واري زيور کي برقرار رکنديون آهن ! اسانکي انهن قومن کان به عبرت حاصل ڪرڻ گهرجي جيڪي ڏتڙيل قومون هيون نه انهنوٽ وسيلا هئا نه طاقت هئي مگر اهي متحد ٿيا ۽ ترقي يافته ۽ امن پسند قومن ۾ شمار ٿيا ! اسانوٽ زلزلا آيا اهو امدادي سامان گدامن ۾ رکيو ويو وري مها ٻوڏ مهل اهو خراب سامان مسڪينن کي ڏنو ويو باقي نئون سامان برابر ٻوڏ متاثرن لاءِ آيو کوڙ سارن ملڪن مان مگر 5 فيصد مستحقن کي شايد مليو ! باقي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي پارٽي ميمبرن ۽ خاص ماڻهن کي ڏنو ويو ، اسانوٽ وطن ڪارڊ به ايئن ئي 5 سيڪڙو مستحقن کي مليا باقي سرندي وارن پنهنجن کي نوازيو ، اسانجا کوڙ جوڌا اسانجي سنڌي ماروئڙن ، واڻين ، ميمڻن ، شيخن ۽ ٻين ڪاروباري ماڻهن کان ڀتا خوريون وٺي ، اغوائن جي بازار ۾ باهيون ٻاري ويٺا آهن ، اسان جي سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به امن امان قائم ڪونهي ، سٿرائي جو ڪو نظام بحال ڪونهي ، هن وقت پنجاب ۽ سرحد ۾ ايئن ڪونهي اسانجا ڪامورا پنهنجين اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ويٺا آهن ، نه انهنکي مارائڙن تي ٿيندڙ ظلم نظر اچي رهيو آهي ۽ وري انهنجي ڪنن ۾ ڄڻ ته سيهو ڀريل هجي جو ڪنهن غريب جي دانهن ورنائي انکي آٿت ئي رڳو ڏين ! رڳي ڪھ ڪهان لڳي پئي آ ، ڪير انهنجا مئل ضمير جاڳائي انهنکي جنجهوڙي اٿاري !؟
آخر ۾ صرف ايترو ئي چئجي ٿو ته
الله جيئن نالو وڏو تيئن مون تو در آسرو
يا وري
الله کي پارت آ الله سڻائي ڪندو
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top