ڪجه ڏينهن اڳ، ٽنڊي محمد خان کان سجاول روڊ تي سٺيا اسٽاپ وٽ هڪ پرائمري ماستر محمد عمر سٺيو، پوليس جي بي رحم گولين جو نشانو بڻجي ويو. هڪ سچو انسان، عوام جي خدمت ڪرڻ وارو انسان، هڪ شريف انسان، جنهن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو فجر جي نماز پڙهي ان کان پوءِ قران شريف جو دور ڪري پنهنجي گهر ڏانهن وڃي رهيو هو. پر جڏهن هن ڏٺو رستي ته گهر جي گلي وٽ اوطاق جي سامهون ٽي پوليس موبائيل بيٺيون آهين. جن ۾ هاڻي تقريبن 17پوليس وارن جو تعداد ٻڌايو وڃي ٿو. اسان جي شريف ۽ سلجهيل ماستر جڏهن پنهنجن گهرن جي اڳيان هڙو هل ۽ هنگامو ڌٺو ته رهي نه سگهيو ۽ وڌيڪ معلومات لا هنن وٽ هليو ويو. خبر پئي تي اتي مين پڙي جو ڪارخانو آهي. پوليس ڀتو وٺڻ آئي آهي. ٺيڪ انهي وقت هو پاڻ ۾ ڏيتي ليتي سان ٺهي نه سگهيا ۽ پاڻ ۾ هٿين پيجي ويا. ڏسندي ڏسندي گوليون هلڻ شروع ٿي ويون. جن جو نشانو پرائمري ماستر عمر سٺيو بنجي ويو. پر جيڪي غير قانوني ڌنڌي وارا هئا، انهن کي ڪجه به نه ٿيو ۽ نه ئي پوليس وارن کي. پر نشانو هڪ شريف انسان ٿي ويو. جنهن جا چار ننڍا معصوم ٻار هئا. جنهن جو هاڻي صرف الله کان علاوه ڪير به ڪونهي. جن پاڻ جهگڙو ڪيو اهي هاڻ وري ٺهي ويا. ساڳيو ڌنڌو چالو آهي. هنن چور ۽ ڀاڳئي جو قصو ائين آهي جئين ٻار پاڻ ۾ وڙهيا هجن ۽ ٻي ڏينهن وري سڀ گڏ راند پيا ڪڏن.
سوال هي آهين ته؛
هڪ شريف انسان ڇو ٿو بيگناه مارجي وڃي؟
غلطيون هڪڙا ڪن ۽ سزا ٻين کي ڇو ٿي ملي؟
غيرقانوني ڌنڌو هڪڙا ڪن، وچ ۾ هڪ بيگناه ڇو ٿي پيسجي وڃي؟
سوال هي آهين ته؛
هڪ شريف انسان ڇو ٿو بيگناه مارجي وڃي؟
غلطيون هڪڙا ڪن ۽ سزا ٻين کي ڇو ٿي ملي؟
غيرقانوني ڌنڌو هڪڙا ڪن، وچ ۾ هڪ بيگناه ڇو ٿي پيسجي وڃي؟