سنڌ جي حصي جو پاڻي کڻڻ لاءِ اسلام آباد جو زور جمع 11 جولاءِ 2014

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    [​IMG]

    انگريزي اخبار ڊان ۾ 10 جولاءِ تي مٿئين عنوان هيٺ هڪ خبر لڳي، جنهن ۾ چيو ويو ته، ”سنڌ جي چيف منسٽر 29 مئي 2014ع تي ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي گڏجاڻي ۾ اسلام آباد شهر کي سنڌو درياءَ مان پنهنجي حصي مان پيئڻ جو پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي.“ انهيءَ لاءِ دليل اهي ڏنا ويا ته، ”سنڌ سڀني کان هيٺيون ڀاڱي وار ٿيڻ ڪري پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي.“ انهيءَ صورتحال ۾ سنڌ جو پاڻي ڪَٽي اسلام آباد کي ڏيڻ ڏکيو ڪم هو. وري ڪراچي جهڙي ميگا سٽيءَ کي سنڌ جي حصي مان پاڻي ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو رهن ٿا، تنهن کانپوءِ سمنڊ ۾ گهٽ پاڻي ڇڏڻ ڪري سمنڊ مٿي چڙهي آيو آهي، جنهن ڪري سامونڊي پٽيءَ ۾ 20 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن. سنڌ کي 1991ع واري ٺاهه مطابق پاڻي ڏنو پيو وڃي، جنهن جي مردم شماري تيزي سان وڌي رهي آهي، انهي خراب صورتحال ۾ سنڌ وڌيڪ پاڻي نه پيو گهري، پر پنهنجون گهرجون پنهنجي حصي واري پاڻي مان پوريون ڪري پيو، انهيءَ لاءِ هو کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪرڻ لاءِ R.O پلانٽ پيو هڻي.

    گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي سيڪريٽري ٻڌايو ته، اسلام آباد لاءِ رڳو 200 ڪيوسڪ پاڻي کپي، جيڪو ٺاهه ۾ڏنل حصن جي بنياد تي پنجاب کي ڏيڻو پوندو 95 ڪيوسڪ، سنڌ کي ڏيڻو پوندو 83 ڪيوسڪ، خيبرپختونخوا کي 15 ڪيوسڪ ۽ بلوچستان کي 7 ڪيوسڪ. اسلام آباد وفاقي گادي جو هنڌ آهي ۽ سنڌ وفاق جو حصو آهي. اسلام آباد کي پيئڻ جو پاڻي ڏيڻ لاءِ سنڌ کي رڳو 83 ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻو پوندو، اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، سنڌ جو چيف منسٽر ڇو ٿو انڪار ڪري، اچو ته جائزو وٺون.

    اسلام آباد کي ڇو سنڌوءَ مان پاڻي کپي:

    پاڪستان جي آدم شماري وڌي پئي، انهيءَ سان گڏ شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي گهرج به وڌي پئي. اسلام آباد ۾ به گهرج وڌي پئي، جو ڪيترا نوان سيڪٽر ٺهن پيا، ڪيترا وڏا پلازه ۽ هوٽل ٺهن پيا ۽ خيبرپختونخوا ۾ دهشتگرديءَ جي ڪري ڪيترائي ماڻهو لڏي اسلام آباد ۾ اچي ويٺا آهن. هينئر سڀني ذريعن مان اسلام آباد کي پاڻي ملي ٿو 130 ڪيوسڪ جڏهن ته گهرج آهي 200 ڪيوسڪ. اسلام آباد لاءِ اهو پاڻي حاصل ڪجي ٿو، سِملي، خانپور ۽ راول ڊيمن ۽ اٽڪل 180 ٽيوب ويلن مان. اهي سڀئي ذريعا اعتبار جوڳا ناهن، ڇو جو انهن جو مدار برساتن تي آهي، جنهن سال مينهن گهٽ پون ٿا ته ڊيمن ۾ ايترو پاڻي ذخيرو نٿو ٿئي ۽ زير زمين پاڻي جي ليول ڪِرڻ ڪري ٽيوب ويلن مان به گهربل پاڻي نه ٿو نڪري، وري ماڻهن کي جيئڻ لاءِ پيئڻ وارو پاڻي کپي ۽ اهو اعتباري هجي، معنى هڪڙي پاسي وڌندڙ آدم شماري لاءِ پاڻي کپي ۽ ٻئي پاسي اهو اعتبار جوڳو هجي.

    اسلام آباد کي پاڻي ڏيڻ جي ذميواري سي ڊي اي جي آهي. سي ڊي اي پنڊي وارين ٻن ايجنسين يعني واسا ۽ راولپنڊي ڪينٽونمينٽ بورڊ سان گڏجي هڪ ڪميٽي ماٽ ميڊونلڊ ذريعي هڪ اڀياس ڪرايو ته انهن ٻنهي شهرن کي ڪٿان گهربل اعتباري پاڻي ملي سگهندو. هُنن اڀياس ڪري ٻڌايو ته، سال 2050ع تائين اسلام آباد کي 400 ڪيوسڪ پاڻي کپي ۽ موجوده گهرجن لاءِ 200 ڪيوسڪ کپي. اعتباري پاڻي جو ذريعو هنن سنڌو درياءَ ٻڌايو. انهن ٻڌايو ته، تربيلا ڊيم جي مٿئين پر سيرن پاڪٽ مان پاڻي کڻي اسلام آباد ۽ پنڊيءَ تائين پهچائي سگهبو.

    سنڌوءَ مان پاڻي ڏيڻ:

    پيئڻ جو پاڻي ڏيڻ تي ڪنهن کي به اعتراض نه ٿيڻ کپي، جو پاڻي جي ترجيحات ۾ پهرين ترجيح پيئڻ جي پاڻي جي آهي، پر اصل مامرو اهو آهي ته، اهو ڪنهن جي حصي مان ڏنو وڃي. 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ پاڻي چئن صوبن ۾ ورهايو ويو آهي، وفاق يا ٻيو ڪو علائقو حصيدار ناهي. پاڻي ورهائڻ وقت آبپاشيءَ جون گهرجون نظر ۾ رکيون ويون. معاهدي ٿيڻ وقت سنڌ ڪراچي لاءِ پيئڻ جو پاڻي گهريو، ڇو جو انهيءَ وقت جي صدر انهيءَ شهر لاءِ 1200 ڪيوسڪ منظور ڪيو هو، پر اهو معاهدي ۾ جدا نه ڏنو ويو ۽ سنڌ کي پاڻي ڏيڻ واري هنڌ اهو لکيو ويو ته، ”ان ۾ ڪراچي شهر لاءِ منظور ٿيل پيئڻ ۽ صنعتي ضرورتن وارو پاڻي شامل آهي.“ انهيءَ مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته هر صوبي جي ٻين گهرجن لاءِ پاڻي انهي صوبي جي ڏنل پاڻي ۾ شامل آهي، پر اسلام آباد ڪنهن صوبي جو حصو ناهي، انهيءَ جو پاڻي ڪنهن جي حصي مان وڃي؟ ڇو جو ٺاهه ۾ وفاق لاءِ پاڻي ورهايل ڪونهي ۽ اهو علائقو ڪنهن صوبي جو حصو به ناهي، پوءِ اسلام آباد کي پاڻي ڏيڻ واري اسڪيم ڪٿان منظور ڪرائجي؟ اها اسڪيم پلاننگ ڪميشن ڏي موڪلي وئي، هن ڪامينٽس لاءِ صوبن کي موڪلي. سنڌ وارن انهيءَ تي اعتراض ڪيو ۽ چيائون ته، ”اسلام آباد پنجاب صوبي سان لڳو لڳ آهي، تنهن ڪري اهو پاڻي پنجاب صوبي جي حصي مان ڏنو وڃي.“ تنهن کانپوءِ اهو ارسا کي موڪليو ويو، جو ارسا پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ وارو ادارو آهي. ارسا وارن چيو ته، ٺاهه ۾ رڳو صوبن جو پاڻي ورهايو ويو آهي، انهيءَ ۾ پيئڻ جي پاڻي يا وفاق لاءِ پاڻي جو ذڪر ڪونهي، پر جيئن ته پيئڻ جو پاڻي هڪ بنيادي گهرج آهي، تنهن ڪري وفاق انهيءَ جي منظوري هڪ سرڪاري حڪمنامي ( (Executive Order ذريعي ڏني، پر وفاقي سرڪار ائين نه ڪيو، جو ڪو به صوبو اعتراض ڪري پئي سگهيو، تنهن کانپوءِ اهو مامرو بين الصوبائي رابطي واري کاتي کي ڏنو ويو، پر هنن به اهو چئي هٿ ڪڍيا ته اهو مامرو واسطيدار ڌريون سڌو سنئون صوبن سان طئي ڪن. پڇاڙي ۾ اهو مامرو گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي ڏنو ويو، جنهن جي گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ جي وڏي وزير سنڌ جي حصي مان 83 ڪيوسڪ وفاقي گادي واري شهر کي پيئڻ لاءِ ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

    چيف منسٽر جو انڪار:

    چيف منسٽر جي انڪار جا ٽي اعتراض ٻڌايا ويا آهن. پهريون سنڌ ۾ پاڻي کوٽ آهي، جو سڀني کان هيٺيون ڀاڱي ڀائيوار آهي. اها حقيقت آهي ته سنڌ کي صحيح نموني پاڻي نه ملڻ ڪري اڪثر کوٽ رهي ٿي، پر ڇا 83 ڪيوسڪ اسلام آباد شهر کي پاڻي ڏيڻ ڪري انهيءَ کوٽ ۾ ڪو خاص فرق پوندو. ٺاهه ۾ اسان جي ٽنهي بئراجن جو حصو گهٽ ۾ گهٽ 20.800 ڪيوسڪ آهي ۽ وڌ ۾ وڌ 136.500 ڪيوسڪ آهي ته 83 ڪيوسڪ سان کوٽ ڪيترو وڌندي؟ منهنجي نظر ۾ اهو دليل ڪو ايترو زور وارو ناهي. ٻيو دليل اهو ڏنائين ته، اسان 2 ڪروڙ آدم شماريءَ واري ڪراچي شهر کي پيئڻ جو پاڻي ڏيون ٿا، جيڪو اسان جي نظام تي لوڊ آهي، تنهن ڪري اسان اسلام آباد کي 83 ڪيوسڪ نه ڏئي سگهنداسين. ڪراچي کي اسان هينئر 1200 ڪيوسڪ پاڻي ڏيون ٿا ۽ انهيءَ لاءِ وڌيڪ 1200 ڪيوسڪ کپن. 83 ڪيوسڪ ايترو گهڻو لوڊ ڪونهي. ٽيون دليل اهو ڏنو ويو ته، سنڌ کي گهٽ پاڻي ملڻ ڪري ڪوٽڙي کان هيٺ جي گهرجن لاءِ گهربل پاڻي نه ملڻ ڪري سمنڊ چڙهي آيو آهي ۽ اٽڪل 20 لک ايڪڙ زرعي زمين خراب ٿي ويئي آهي. اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي، پر اڀياس مطابق اسان کي هر ڏينهن ڪوٽڙي کان هيٺ کپي 5000 ڪيوسڪ ۽ پنجن سالن ۾ کپي 25 ملين ايڪڙ فوٽ. پوءِ اسلام آباد کي پيئڻ جو پاڻي 83 ڪيوسڪ ڏيڻ سان سمنڊ جي چڙهي اچڻ تي ڪهڙو فرق پوندو.

    صحيح دليل ڇا هجڻ کپن؟

    چيف منسٽر سنڌ، سنڌ جي حصي مان اسلام آباد شهر کي 83 ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، منهنجي خيال ۾ هن اهو صحيح ڪيو، پر دليل اهو هجڻ کپي ها ته جنهن بنياد تي سنڌ جو حصو 83 ڪيوسڪ يعني پاڻي ٺاهه مطابق ڪڍيو ويو آهي، انهيءَ ٺاهه تي عمل ڪرايو. 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ سڄي سال جي هر ڏهن ڏينهن جو پاڻي سڀني صوبن لاءِ ڏنل آهي. ورهاست انهن حصن مطابق ٿيڻ کپي، پر زور وارا انهيءَ تي عمل ڪرڻ بدران ورهاست لاءِ ٽي سطحي فارمولو کڻي آيا آهن. (Three TierFormula ) جنهن مطابق 105 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي هجڻ وقت ٺاهه مطابق ورهاست ڪرڻ بدران سال 1977 کان 1982 تائين سراسري کنيل پاڻي جي بنياد تي ورهاست ڪن ٿا، جيڪو پاڻي ٺاهه جو حصو ناهي، تنهن کانپوءِ سڀني صوبن کي واڌ ۽ کوٽ ۾ ڀائيوار ٿيڻو آهي، پر ننڍن ٻن صوبن يعني خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان کي کوٽ واري وقت فُل پاڻي کڻڻ ڏين ٿا. نتيجو ڇا ٿو نڪري ته ٽنهي صوبن کي واڌو پاڻي ملي ٿو ۽ وڌ ۾ وڌ نقصان سنڌ کي ٿئي ٿو. وري جڏهن سنڌ ۾ کوٽ هجي ته سنڌوءَ جو پاڻي لنڪ ڪئنالن وسيلي مددي دريائن جي ايراضين ڏي نه نيو وڃي. منگلا ڊيم فُل ڀريل هجي ۽ سنڌ ۾ کوٽ هجي ته منگلا ڊيم مان به سنڌ کي پاڻي ڏنو وڃي، پر زور وارا منگلا ڊيم جي گڏ ڪيل پاڻيءَ کي سنڌ کي ڏيڻ بدران پنجاب جي ربيع جي گهرجن لاءِ سنڀالي رکن ٿا.

    جيڪڏهن پاڻي ٺاهه تي صحيح عمل ٿئي ته 83 ڪيوسڪ بدران هزارن جي انگ ۾ سنڌ جو پاڻي وڌي ويندو ۽ انهيءَ وقت اسلام آباد کي پيئڻ جي لاءِ 83 ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ اسان لاءِ ڏکيو نه رهندو، پر جيستائين انهيءَ ٺاهه تي عمل ڪونهي، جنهن مطابق اسان جو حصو 83 ڪيوسڪ ڪڍيو ويو آهي ته سنڌ 83 ڪيوسڪ پنهنجي حصي مان ڏيڻ تي ڇو راضي ٿئي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو