آبپاشي سُرنگ تي بجلي گهر ٺائڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟ آچر 17 آگسٽ 2014ع

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    [​IMG]

    سنڌ جي موجوده ڦُرلٽ واري ماحول ۾ ۽ خراب حڪمرانيءَ واري دور ۾ اڃا به اهڙا ڏيا ٻَرن ٿا، جيڪي سنڌ وارن جي حالت تي دلگير آهن ۽ مستقبل جي خطرن کان آگاهه ڪن ٿا. ڪاوش جي هڪ پُراڻي ليکڪ عطا راڄڙ انهيءَ جو نالو ”گمنام مجاهد“ رکيو هو، جو هن وقت هو نوڪري ۾ هو، پر تنهن هوندي به هو سنڌ وارن کي مستقبل ۾ ايندڙ يا ٿيندڙ ڳالهين بابت ٻڌائيندو هو. اهو آهي جناب فضل الله قريشي صاحب رٽائرمينٽ کانپوءِ هو ٽي وي ٽاڪ شوز وسيلي سنڌ وارن کي صحيح صورتحال کان آگاهه ڪندو رهي ٿو. ڪجهه وقت اڳي هن مون کي فون ڪري اسلام آباد مان پُڇيو ته ڇا مون واپڊا پاران ڏنل اها ايڊورٽائزمينٽ ڏٺي هئي، جنهن ۾ واپڊا وارا تربيلا ڊيم جي پنجين سُرنگ جنهن کي آبپاشي واري سُرنگ سڏين ٿا، جي بجلي گهر ٺاهڻ بابت اڀياس ڪرائڻ جو ٻڌايو هو. بدقسمتيءَ سان مون اها ايڊورٽائزمينٽ نه ڏٺي هئي. مون اها خبر هٿ ڪئي ۽ جڏهن اها ايڊورٽائزمينٽ ڏٺم ته منهنجا ڪن کڙا ٿي ويا. انگريزي اخبار ”دي نيوز“ جي 15 جولاءِ 2014ع واري شماري ۾ اها ايڊورٽائزمينٽ شايع ٿي هئي، جنهن جا تفصيل هن ريت آهن.

    وفاقي سرڪار عالمي بئنڪ کان هڪ قرض وٺڻ لاءِ تيار ٿي آهي، جنهن مان چوٿين سُرنگ تي واڌارو بجلي گهر هڻڻ کان علاوه نون منصوبن جي منصوبا بندي به ٿي سگهندي، انهيءَ ڏس ۾ پنجين تربيلا پن بجلي گهر جي چونڊ ڪئي وئي آهي. هينئر تائين ڪيل معلومات مطابق تربيلا ڊيم جي پنجين سُرنگ جنهن کي آبپاشي واري سُرنگ سڏيو وڃي ٿو، تي پن بجلي گهر ٺاهڻ فني ۽ اقتصادي طرح ممڪن آهي. ائين ڪرڻ سان تربيلا ڊيم جي آبپاشي لاءِ پاڻي ڇڏڻ جي صلاحيت نه گهٽبي. پنجين آبپاشي سُرنگ شروع جا 923 فوٽ پڪي ڪانڪريٽ جي ٺهيل آهي. پراڻي ڊيڊ اسٽوريج ليول 1300 فوٽ تي ان جي پاڻي ڪڍڻ جي گنجائش 49000 ڪيوسڪ هئي، جڏهن ته 1500 فوٽ تي گنجائش 86000 ڪيوسڪ هئي. هينئر ڊيم اسٽوريج ليول وڌي 1378 فوٽ ٿي وئي آهي، جنهن تي انهيءَ جي پاڻي ڪڍڻ جي گنجائش 65800 ڪيوسڪ آهي.

    سنڌ وارن جو جياپو سنڌو درياءَ جي پاڻي تي آهي. دنيا جي 5000 سال پراڻي تهذيب سنڌو درياءَ تي وڌي هئي. سنڌ جي 70 سيڪڙو آدمشماري پيئڻ جي پاڻي ۽ زرعي آبادين لاءِ سنڌو درياءَ جي پاڻي تي مدار رکي ٿي، انهيءَ جو وڏي ۾ وڏو شهر ڪراچي پيئڻ جي پاڻي لاءِ سنڌو درياءَ جو محتاج آهي، انهيءِ درياءَ جي پاڻي ۾ رنڊڪ سڄي سنڌ کي متاثر ڪري ٿي، تنهن ڪري اسان انهيءَ جي پاڻي اچڻ ۾ رنڊڪ ڪڏهن به برداشت نه ٿا ڪري سگهون. وري جڏهن دريائن تي وڏا ڊيم ٺهن ٿا ته اهي درياءَ جو پاڻي روڪين ٿا. درياءَ تي وڏو ڊيم معنى جيئن ننڍي واهه تي ڇاٻ جنهن جي ڪري واهه جو پاڻي رُڪجي ٿو. وڏن ڊيمن مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ بجلي گهر ٺاهيا وڃن ٿا، انهن بجلي گهرن ۾ پاڻي سُرنگن ذريعي آندو وڃي ٿو، انهن سُرنگن مان بجلي ته پيدا ٿي وئي، پر هيٺ آبپاشي جي گهرجن لاءِ به ته پاڻي کپي. ٿي سگهي ٿو ته بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ته سُرنگون ته ٺاهيون وڃن ٿيون، پر اهو پاڻي هيٺ سڄي سال جي آبپاشي گهرجن لاءِ پورو نه هجي. اهڙا ئي ڪجهه خدشا تربيلا ڊيم جي 4 بجلي سرنگن مان پاڻي پاڻي هيٺ ڪڍڻ تي آبپاشي جي انهيءِ وقت جي ماهر ۽ سيڪريٽري آبپاشي مرحوم جناب عبدالوهاب شيخ ظاهر ڪيا.

    هاڻي واپڊا وارا انهيءَ پنجين آبپاشي سُرنگ تي بجلي گهر ٺاهڻ ٿا گهرن ۽ انهيءَ لاءِ چون ٿا ته ائين ڪرڻ سان آبپاشي جون گهرجون متاثر نه ٿينديون؟ سنڌ وارا ڪيئن اعتبار ڪن، جڏهن واپڊا وارا چون هڪڙي ڳالهه ٿا ۽ اها ڳالهه نه ٿي بيهي. مان ڪجهه مثال هيٺ ڏيان ٿو.

    * 1970ع واري ڏهاڪي ۾ واپڊا وارا آر بي او ڊي ٺاهڻ وارو منصوبو کڻي آيا، جنهن جو ڇوڙ منڇر ڍنڍ ۾ ڏيکاريو ويو، انهيءَ منصوبي تي سنڌ وارن اعتراض ڪيو ۽ چيو ته، لوڻياٺي پاڻيءَ جو منڇر ۾ ڇوڙ منڇر ڍنڍ کي برباد ڪري ڇڏيندو. واپڊا وارن چيو ته، ائين ڪرڻ سان منڇر ڍنڍ جي پاڻي تي ڪو اثر نه ٿيندو ۽ ان جي لوڻياٺ ليول 700 پي پي ايم (PPM) کان نه وڌندي، ائين چئي منصوبو منظور ڪرائي ويا.

    * 1980ع جي ڏهاڪي ۾ واپڊا وارن ايل بي او ڊي وارو منصوبو شروع ڪيو، جنهن جو ڇوڙ شڪور ڍنڍ ۾ ڪرڻ جو رٿيو ويو، تنهن کانپوءِ اهو ڇوڙ شاهه سمندو کوري ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن لاءِ 24 ميلن جي هڪ وڏي سم نالي Tidal Link)) جي نالي سان رٿي وئي. بدين وارن انهيءَ تي اعتراض واريا پر زوري اها سم نالي ٺاهي ويا، نتيجو اهو نڪتو ته اها سم نالي ٽُٽي وئي، انهيءَ تي چولري ويئر ڪري پيو ۽ سمنڊ جيڪو کوري تائين محدود هو، هاڻي ڪي پي او ڊي جي زيرو پوائنٽ تائين چڙهي آيو آهي ۽ ملڪ ٻوڙي ڇڏيو آهي.

    * سال 2001ع ۾ گريٽر ٿل ڪئنال ٺاهڻ لاءِ بلوچستان ۾ ڪڇي ڪئنال ۽ سنڌ ۾ ريڻي ڪئنال وارا منصوبا شروع ڪرايا ويا، ته جيئن چئي سگهن ته اهي ٻين صوبن ۾ به ترقياتي منصوبا ٺاهين ٿا پيا، حالانڪه سنڌ وارن اها گهر نه ڪئي هئي، بلڪه گهوٽڪي جي مهر سردارن انهيءَ جي مخالفت ڪئي هئي. مٿين حصيدارن جي سوچ اها هوندي آهي ته وڌ ۾ وڌ زمينون آباد ڪن ۽ بجلي پيدا ڪن، ڀلي اهو پنجاب صوبو هجي يا واپڊا. هيٺين جي سوچ ۽ جياپو انهيءَ ۾ آهي ته ٺهيل نظام جو پاڻي نه گهٽجي پوءِ جيڪڏهن واڌو پاڻي آهي ته ڀلي نيون ٻنيون به آباد ڪيو ۽ بجلي به پيدا ڪيو. اهڙو ئي مسئلو لنڪ ڪئنالن جو آهي، جن وسيلي پنجاب وارا سنڌو جو پاڻي معاون دريائن جي انهن ايراضين لاءِ کڻي وڃن ٿا، جيڪي اڳي انهن ٽن دريائن تي آباد ٿينديون هيون، جيڪي سنڌ طاس معاهدي کانپوءِ هندوستان ڏي هليون ويون آهن. سنڌ جو موقف اهو آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ ٺهيل آبپاشي نظام جي گهرجن کان وڌيڪ پاڻي آهي ته ڀلي لنڪ ڪئنال هلايو، پر جيڪڏهن گهٽ آهي ته انهن لنڪ ڪئنالن کي نه هلايو وڃي، تنهن ڪري اهي لنڪ ڪئنال نه سداواهه آهن نه ماهي واهه، اهي واڌو پاڻي وارا واهه آهن، يعني جڏهن سنڌو درياءَ ۾ سنڌ جي آبپاشي گهرجن کان وڌيڪ پاڻي هجي ته هلايا وڃن، پر مٿين ڏاڍن مڙسن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن نموني ۾ اهي گهڻو کان گهڻو وقت هلن. انهيءَ سلسلي ۾ هنن ڪنهن خانگي اداري کي سامهون آڻي، چشما جهلم لنڪ ڪئنال جي پُڇڙي تي بجلي گهر ٺاهڻ جو رٿيو ته جيئن اتي بجلي گهر ٺاهي چشما_ جهلم لنڪ ڪئنال کي ڇهه ماهي واهه يا سدا واهه ٺاهي سگهجي. بجلي گهر تي خرچ 8.729 آمريڪي ڊالر ايندو ۽ اتي 11292 ڪيوسڪ پاڻي استعمال ڪري 44.331 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندا. ڪنهن به بجلي پيدا ڪندڙ اداري کي نيپرا کان اجازت وٺڻي هوندي آهي، هن اداري به سال 2009ع ۾ نيپرا کان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ لائسنس جي گُهر ڪئي، نيپرا وارن قاعدي مطابق ماڻهن کان اعتراض گهرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو، جنهن ۾ سنڌ سرڪار به اعتراض واريا، اها ڪارروائي اڃا هلي ٿي پئي. سنڌ جو موقف اهو آهي ته لَٽُ پوڻ ڪري تربيلا ڊيم جي گنجائش 9.3 ملين ايڪڙ فوٽ مان گهٽجي 6.581 ملين ايڪڙ فوٽ رهجي وئي آهي، جنهن ڪري سنڌو مان بجلي گهر لاءِ چشما لنڪ ڪئنال مان پاڻي ڇڏڻ ڏکيو ٿي ويندو ۽ بجلي گهر لاءِ گهربل 11292 ڪيوسڪ پاڻي نه ملي سگهندو ۽ فائدي ۽ نقصان واري ڪاٿي ۾ بجلي گهر ٺاهڻ ممڪن نه ٿيندو. ٻئي پاسي منگلا ڊيم جي ليول 1202 فوٽ مان 1242 فوٽ ڪرڻ سان ان جي گنجائش 5.3 ملين ايڪڙ فوٽ مان وڌي 7.392 ملين ايڪڙ فوٽ ٿي ويندي، معنى ته معاون دريائن جي ايراضين لاءِ منگلا ڊيم ۾ ڪافي پاڻي هوندو ۽ انهن ايراضين لاءِ چشما_ جهلم لنڪ وسيلي وڌيڪ پاڻي جي ضرورت نه ٿيندي ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ پاڻي جو اخراج گهٽجي ويندو. بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ پاڻي کپي، جڏهن بجلي پيدا ڪرڻ وارو گهربل پاڻي ئي نه ملندو ته اهو بجلي گهر نقصان ۾ هلندو. نيپرا سامهون اڃا شنوائيون هلن ٿيون پيون. شنوائن کان پوءِ نيپرا فيصلو ڪندي ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال جي پُڇڙي تي بجلي گهر هڻڻ جو لائسنس ڏي يا نه ڏي.

    اڃا چشما_جهلم لنڪ ڪئنال جي پڇڙيءَ تي بجلي گهر ٺاهڻ جو فيصلو ئي نه ٿيو آهي ته واپڊا وارن آبپاشي واري پنجين سُرنگ تي بجلي گهر هڻڻ لاءِ اڀياس ڪرائڻ جو نوٽيس اخبار ۾ ڏنو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ائين ڪرڻ سان هيٺ پاڻي پاس ڪرڻ جي گنجائش نه گهٽبي. 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ لکيل آهي ته ڊيمن مان پاڻي ڪڍڻ جي ترجيح آبپاشي جي گهرجن لاءِ هوندي. معنى بجلي پيدا ڪرڻ پهرين ترجيح نه هوندي، پوءِ آبپاشيءَ لاءِ پاڻي ڪڍڻ واري سُرنگ تي بجلي گهر ٺاهڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟

    منهنجي سنڌ حڪومت جي واسطيدار عملدارن ۽ پاڻ سنڌ حڪومت کي عرض آهي ته انهيءَ لاءِ وفاقي حڪومت کي پرزور اپيل ڪن ته آبپاشيءَ واري پنجين سُرنگ تي بجلي گهر ٺاهڻ واري اسٽڊي بند ڪن، نه ته سنڌوءَ جو پاڻي گهٽجڻ ڪري، سنڌ جي جياپي Survival)) کي خطرو آهي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    ماشاالله سائين توهان تمام ڪارائتو ليک ونڊ ڪيو آهي
     
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    سائين اسان جا حڪمران پنجاب جهڙا سياسي ناهن يا وري هو اسان کان وڌيڪ قوم پرست آهن جو هر سهولت پنجاب جي لا ئي آهي انسان جي لا سڀ کان وڌيڪ اهميت پاڻي جي آهي تنهن تي پنجاب سرڪار جو قبضو آهي هي ليک شايد انهن تي ڪوبه اثر نه وجهندا نه ته مجال آهي جو وفاق صرف پنجاب جي خوشهالي جي لا ئي ترقياتي منصوبا قائم جوڙي اسان جي جي حڪمرانن جو موڊ ٿيو ته صرف هڪڙو بيان جاري ڪندا اهو به غير ضروري.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو