نثارابڙو
نائب منتظم
ٻه پوڙها ماڻهون، ٻئي سخت بيمار، اسپتال جي ساڳئي ڪمري ۾ اچي داخل ٿيا ...
هڪ مريض کي اسپتال جي دريءَ سان کٽ رکڻ جي اجازت ڏني وئي هئي جو هو هميشه کگهندو هو ۽ پنهنجن ڦڦڙن جي رتوبت دريءَ کان ٻاهر اڇلائيندو هو . اها دري ان ڪمري جي هڪ ئي دري هئي ۽ بس.
ٻي مريض کي ڪجهه اهڙي بيماري هئي جو هو هميشه سڌو کٽ تي پيو هوندو هو.
ٻئي مريض ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪٻئي سان ڳالهائيندا رهندا هئا ... پنهنجين زالن ۽ ڪٽنب بابت، پنهنجن گهرن بابت، پنهنجين نوڪرين مطلق، فوجي مشقن مطلق ۽ ڪٿي ڪٿي گهمڻ ڦرڻ ويا هئا وغيره
هر شام جو دريءَ جي ڀر وارو پوڙهو اٿي ويهندو دريءَ جي سامهون ۽ ساٿي مريض سان ڳالهيون ڪندي کيس دريءَ جي ٻاهران جا نظارا، گل گلزاريون ۽ پکين جي اڏام ۽ ٻاهر ٿيندڙ هر قسم جي چرپر جي باري ۾ ٻڌائيندو رهندو هو ...
بستري تي سمهيل پوڙهو ٻي ساٿي مريض جي ڳالهين مان خوش ٿيندو رهندو هو، ڇاڪاڻ جو هو ڪافي عرصي کان بستري تي پيل هو ۽ ٻاهر جي دنيا جي رنگينن کان وانجهيل هو، هو ٻاهر پاڻ ته ڏسي نه ٿي سگهيو ۽ نه چر پر ڪري ٿي سگهيو انڪري هو دريءَ جي ڀر واري مريض جي ڳالهين مان لطف اندوز ٿيندو هو۽ ٻاهر جي دنيا جا خيالي مزا وٺندو هو.
ساٿي مريض کيس ٻڌائيندو هو ته دريءَ مان تمام سهڻو باغ نظر اچي رهيو آهي، باغ جي ڀر ۾ تمام سهڻي ڍنڍ آهي جنهن ۾ طرح طرح جا پکي تري رهيا آهن، ٻار پنهنجون ننڍڙيون ٻيڙيون هلائي رهيا آهن، نوجوان جوڙا ٻانهن ۾ ٻانهون وجهي باغ ۽ ڍنڍ جي ڪناري تي گهمي رهيا آهن، باغ جي ڪيارين ۾ رنگ برنگي گل پنهنجي ڀرپور جوانيءَ ۾ ٻهڪي رهيا آهن،. باغ جي اندر ٻاهر خوبصورت رنگ برنگي وڻ جن تي پکي پنهنجو ٻوليون ڪندي اڏامي رهيا آهن ۽ پريان شهر جون ڊگهيون ۽ خوبصورت عمارتون نظر اچي رهيون آهن ... وغيره وغيره
دريءَ وارو پوڙهو جڏهن ٻاهرين منظرڪشي ڪندو هو ته کٽ تي پيل مريض پنهنجيون اکيون بند ڪري انهن منظرن ۾ گم ٿي ويندو هو ... هڪ گرم منجهند جو دريءَ وارو مريض ٻاهر ماڻهن جي هڪ جلوس جي منظر ڪشي ڪري رهيو هو، جيتوڻيڪ ڪو آواز نه ٿي آيو پر تنهن هوندي به کٽ تي پيل مريض اهو منظر اکيون بند ڪري ڏسي ٿي سگهيو، ...
اهڙي طرح سندن ڏينهن گذريا، هفتا گذريا ۽ مهينا گذريا
هڪ ڏينهن صبح جو معمول مطابق اسپتال جي نرس آئي ته ڇا ڏسي ته دريءَ جي ڀر ۾ پيل پوڙهو مريض الله کي پيارو ٿي چڪي آهي ۽ سندس روح پرواز ڪري ويو آهي ... نرس کي افسوس ٿيو ۽ هن اسپتال جي عملي کي گهرايو ته پوڙهي جو لاش کڻي وڃي هٿيڪو ڪن.
ڀر واري مريض کي به ڏاڍو ڏک ٿيو پر ڇا ٿي ڪري سگهيو، سو اسپتال وارن کي عرض ڪيائين ته کيس دريءَ واري کٽ تي سمهاريو وڃي ته جيئن تازي هوا کائي سگهي. نرس کيس مدد ڪئي هن کي دريءَ جي ڀر واريءَ کٽ تي ليٽائي هلي وئي
پوڙهي مريض، آهستگيءَ سان، سور کائيندي پنهنجي هڪ ٻانهن جي ٺونٺ تي ٿورڙو سڌو ٿي ٻاهر دريءَ کان اهي نظارا ڏسڻ جو ڪوشش ڪئي جيڪي سندس ساٿي مريض هر روز ٻڌائيندو هو. آخر هو ڪجهه مٿي ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ ۾ ڪامياب ٿيو ...
دريءَ جي سامهون ٻاهر ڇا هو؟
... هڪ ڀڳل ٽٽل ڪاري ڀت ...
پوڙهو حيران ٿي ويو ۽ نرس کان پڇا ڪيائين ته هي ڇا دريءَ جي ٻاهر وارا اهي سڀ نظارا ڪيڏانهن ويا جيڪي سندس مرحوم ساٿي مريض هر روز ٻڌائيندو هو ... هت ته سامهون هڪ ڪاري ڀڳل ٽٽل ڀٿ آهي
نرس کيس جواب ڏنو ته هن کٽ وارو مرحوم مريض ته انڌو هو، هو ته اها ڀت به ڏسي ڪونه سگهيو هوندو. ها هن اوهانکي خوش ڪرڻ ۽ همٿائڻ خاطر اهي سڀ ڳالهيون ٻڌايون هونديون ته جيئن تون خوش ٿي پنهنجي مرض سان مقابلو ڪري سگهين.
اخلاقي نصيحت:
بيشڪ اسانجي ڪهڙي به حالت هجي، اسين ٻين کي خوش ڪري سگهونٿا.
ٻين کي ڏک ٻڌائڻ سان پنهنجا ڏک اڌ ٿيندا پر ٻين سان خوشيون ونڊ ڪرڻ سان ٻيڻيون ٿينديون آهن.
جيڪڏهن پاڻکي امير محسوس ڪرڻ چاهيو ٿا ته اهڙين شين جي باري ۾ سوچيو جي اوهان وٽ آهن ۽ اهي شيون ڪنهن ناڻي سان خريد ڪري نٿيون سگهجن.
Today is a gift, that is why it is called The Present
اڄوڪو ڏينهن هڪ تحفو آهي ان ڪري چيو وڃي ٿو present يعني (حال) تحفو