اڇڙو ٿر جي ماروئڙن جي لاءِ ڪيل اعلان اڌورا رهجي ويا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ايم ملوڪ درس طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2014۔

  1. ايم ملوڪ درس

    ايم ملوڪ درس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم اوتڻ
    ماڳ:
    اڇڙو ٿر ويجهو کپرو شهر
    اڇڙو ٿر جي ماروئڙن جي لاءِ ڪيل اعلان اڌورا رهجي ويا

    جتي سڄي سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي اتي هڪ نظر ضلعي سانگهڙ جي تعلقي کپري جي اڇڙي ٿر جي ٻن يوسين ڪامل هنگورو ۽ بلال م آيل ڏڪار تباهي مچائي ڇڏي آهي . ان يونين جي تازو سنڌ جي وزير اعلي قائم علي شاه دورو ڪيو .۽ ان ٻن يونين کي ڏڪار سٽيل ڪرار ڏئي هڪ ڪروڙ جو اعلان ڪيو هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪ وزير اعلي فوري طور نوٽيس وٺڻ جو حڪم ڪيو اهي اعلان خالي ساوا باغ ڏيکارڻ جي برابر هئا .پر ڏٺو وڃي ته وڏا ماڻهو هميشه غريب مسڪينن جو رت چوسڻ جا عادي هوندا آهن. اهي ماڻهو اچي اڇڙو ٿر جي ماروئڙن کي خالي وڏن اعلانن تي دلاسا ڏياري هليا ٿا وڃن. اهو نٿا سوچين ته هي ماروئڙا ڪيڏي وڏي تڪليف ۾ آهن . اهو هنن ماڻهن کي احساس نه آهي .تازو وڏي وزير جي بيان هزارين ٿر واسين جي جيءٌ کي جهوري چڪنا چور ڪري ڇڏيو آهي .ڏڪار واري حالت ۾ اڇڙو ٿر واسين کي ان وقت راشن مال جو چارو ڏئي .وڃي عيش آرام ڪن ڇا اهي ماروئڙن جا اڄ هڪ ڪٽي اٽي ۽ هڪ ڪٽي چاري تي آهن، اڙي خداراه جڏهن ڪجهه ٿئي به نٿو اوهان کان ته پوءِ اهي خالي آسارا دلاسا ڇو ٿا ڏيو. ٿر جا ماروئڙا اڳئي عذاب م آهن. ويتر اوهان جا وڏا اعلان انهن جي مٿان عذاب بڻيل آهن.لڳاتار مهينو گذرڻ جي باوجود اڃا تائين ٻئي چڪر واري سامان جي ورهاست نه ٿي سگهي آهي .ٿر جا ماروئڙن جي حالت تمام خراب آهي . هڪ ته شديد گرمي ويتر اهي ٻار بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن.ڇو ته اڇڙو ٿر ۾ وڌ کان وڌ نيوٽريشن جي ڪمي آهي، جنهن ۾ ٻارن کي ،دست، الٽي ،۽ ٻيون کوڙ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا آهن.ته هن قحط سالي ۾ تڪ جا چونديل نمائندا ڪٿي آهن. جنهن ٿر واسين کي وڏا وڏا اعلان ڪري انهن جو قيمتي ووٽ کسي وڄي وڏن بنگلن ۾ آرام سان ستا پيا آهن. ۽ هتي ٿر واسي هن ڪاري ڏڪار کي منهن ڏئي رهيا آهن . ۽ تڙپي رهيا آهن ، انهن معصوم گلن جهڙن ٻارڙن جي حالت تمام خراب آهي .هيئنر صورتحال اها آهي .ته اڇڙي ٿر جي پياسي صحرائن تتل واري جي دڙن تي هلندڙ اهي ماروئڙا هاڻي ڏڪار واري حالت ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ،جنهن ۾يوسي بلال جي ڳوٺن جنهن ۾ ڪلرو، جيسرو، جي ڳوٺن ۾ سخت ميڊيڪل ڪئمپ جي ضرورت آهي، ڳوٺ ماڏهير جي 200 سئو ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ، جانور، پکي، پاڻي نه ملڻ جي ڪري مري رهيا آهن ،يوسي ڪامل جي ڳوٺن وسڻاهو. ماڻڪائو، سعيدائو ، لڌور ، تيار، لونگ جو تڙ، مٺي جي کوهي ، قاسم وارو ، کارو ، جيو تڙ ،لاکيو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ جي وڏي کوٽ جي ڪري ڪافي بيمارين منهن ڪڍيو آهي، ان لاءِ ضرورت ان ڳاله جي آهي ته 85 سالن جي نوجوان سي ايم کي پنهنجي ڪيل واعدي کي وفا ڪري هنگامي بنيادن تي اڇڙي ٿر جي پوئتي پيل علائقي جي مارو ماڻهن جي جياپي جي سگهه لاءِ کاڌ خوراڪ راشن اٽو لٽو پيئڻ جي صاف پاڻي جا آرو پلانٽ لڳائي اپاءَ وٺي ۽ ضلعي ليول تي مقرر ڪيل ڪامورن جي موڪليل ڪوڙين رپوٽن جي تحقيقات ڪري ۽ انهن جي ڪن مهٽ پڻ ڪري ته جئين اڇڙو ٿر جي مارو ماڻهن جي ڦٽن تي مرحم رکي سگهجي.

    ايم ملوڪ درس


    03068223531
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو