ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اهو سچ آهي ته جيڪڏهن دشمن ڪک به هجي پر اک ۾ اچي پوندو ته آزار ڪندو. اهو پوءِ به ڪک آهي. مگر لک ناهي. منهنجا ماروئڙا ۽ سانگيئڙا لکن کان به مٿي آهي. ان ڪري سهڻي ۽ انسان دوست شاعر چيو ته ”لک لهي ٿي لوڏ، جيجان! تن جتن جي“ جن جي لوڏئي لکن جي هجي، پوءِ پاڻ املهه ماڻهن کان به مٿي نه هوندا ته ٻيو ڇا هوندا. ٻيءَ دنيا وارا پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڪنهن جي ڪا نه ٻڌندا آهن، پر اسان پنهنجي ڪنن ۾ شيهو وجهي ڇڏيو آهي، ان ڪري پاڻ کي به ڪو نه ٿا ٻڌون، شاهه سچل ۽ سامي دانهو ڪوڪون ڪندا ويا ته ٻيلي پاڻ سڃاڻو، پرائين دهلين وڃي نه نچو، پر اسان ضدي ۽ اهڙا ته هوڏي جو اهو سبق هڪ ڪن سان ٻڌي هڪدم ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيو، پنهنجي عقل تي اعتبار ڪرڻ بدران وانگاري مڙس ٿي پياسين، ڪنهن جلسي جي ڪانڍ ايندي ته کڻي ڪانٻو ٻڌنداسين، شاهه، سچل ۽ قلندر جو ميلو لڳندو ته دعوت نامي لاءِ ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن جا ڪن کائي وينداسين. ڪنهن پارٽي ڌرڻي هڻڻ جي ڳالهه ڪئي ته اسان اڳي ئي ڦاٽڪ جهلي بيهنداسين، بس ! اسان کي فقط هنبوڇيون هڻڻيون آهن ۽ ناچوءَ جيان نچڻو آهي، وڏي ڳالهه اها ته دوست ۽ دشمن، نظريئي ۽ اصول کي ڪو نه ڏينداسين، ٻه ماڻهون گڏ ٿيندا ته اسان به اتي وڃي ٺڪاءُ ڪنداسين، ڄڻ اهو ميڙاڪو آهي ئي اسان جو، جيئن اهو ڪاڄ ڪيو ئي اسان لاءِ ويو آهي، جڏهن حقيقت اها آهي ته اسان جو پنڊيءَ تي به نالو ڪو نه هوندو. اسان ته بي حس ۽ بي جان پرزا آهيون، پوءِ دوستن کي وڻي ته استعمال ڪن ۽ جي دشمنن کي وڻي ته ڪم آڻن، اسان پاڻ- هرتو لڪڻ راڄ آهيون. ڪيترا جلوس ڪڍيا آهن، ڪيترا دفعا ڌڪا ٿاٻا کاڌا آهن، ڪيترو رليا پنيا آهيون، ڪڏهن ڪا سکن واري ڏکڻ جي هير گهلي آهي ؟ ڪڏهن ڪي اسان جا مسئلا حل ٿيا آهن ؟ جيئن ٿڌ تيئن وڌ جيان هر ڪو نئون سج اسان لاءِ سورن جي نئين رات کڻي ٿو اچي. اسلام آباد ۾ سياسي ملاکڙو شروع ٿيو ته اسان جي ڳڀرو جوانن جون ننڊون ڦٽي ويون. هنن لاءِ جهڙوڪ ڪشمير جو مسئلو بڻجي چڪو هجي، پر اسان کي ڪير سمجهائي ته اهڙن ميلن ملاکڙن جا روحاني راز ڪي ٻيا هوندا آهن. ڪاش ! اسان انهيءَ ڳالهه تي پڪ ڪيون ۽ ڳنڍ ٻڌي يقين ڪريون ته حڪومتون جڏهن مخالف سياستدانن سان ڊائلاگ ڪرڻ گهرنديون آهن ته اڳ ۾ انهن کي جيل اماڻيو ويندو آهي، پوءِ ڳالهيون شروع ٿينديون آهن، عوام کي ڪا خبر چار به هوندي، اتي اکيون ٻن مان چار ٿينديون، خيالن ۽ مفادن جي ڏي وٺ ٿيندي ۽ پوءِ قيدين جا بند خلاص ٿيندا. قيد مان نڪري ڪو ڊاڙ به هڻي نه سگهندو ته حڪومت هن سان ڳالهين ڪرڻ لاءِ آتي هئي. اهڙيءَ ريت وري جڏهن وس وارا ۽ وسن وارا، اقتدار جا اصل ڌڻي يا قابض، حڪومتن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرندا آهن ۽ انهن کان ڪو نئون ” عمران معاهدو “ صحيح ڪرائينديون آهن ته اسلام آباد جهڙا ميلا ملاکڙا لڳايا ويندا آهن. حڪومتن کي تاشقند جون ٻليون ڏيکاريون وينديون آهن هڪ طرف حڪومت خلاف تحريڪ زور تي هوندي ته ٻئي طرف دستخط ڪرڻ لاءِ ڪورا ڪاڳر سرڪار جي اڳيان رکيا هوندا. سرڪار انهن تي اکيون ٻوٽي آمنا صدقا چئي صحيح ڪئي ته طوفان ٽري ويندو. ٻي صورت ۾ ڪي حڪومتون گهر ڀيڙيون ٿينديون، يا ڪي هٺيلا يا ارڏا ڦاهيءَ چڙهي ويندا. حڪومتن خلاف تحريڪن جا اهي ئي روحاني راز ٿيندا آهن اهي ئي طريقا هوندا آهن، هن صورتحال ۾ نه ته تحريڪ هلائڻ وارا هيروز هوندا يا ٿيندا آهن ۽ نه وري حڪومتون مظلوم ۽ بي قصور ٿينديون آهن. اهو چوڻ ته حڪومتون چونڊجي اينديون آهن، اسان جي سماج ۾ ان کان وڌيڪ ٻي ڪا به خود فريبي ۽ خوش فهمي ٿي نه ٿي سگهي، هتي حڪومتون ٺيڪي تي ملنديون آهن ۽ هر ڪا چونڊ ڌانڌليءَ جي ڪُکِ مان جنم وٺندي آهي، ڀلا اها ڪهڙي اليڪشن آهي، جنهن بعد ڌانڌلين جو الزام نه لڳايو ويو هجي ؟ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جي ايم سيد کي مسلم ليگ ڌانڌلين سان هارايو. ذوالفقار علي ڀٽي کي ڌانڌلين جي الزام هيٺ هٽايو ويو. بينظير کي ڌانڌلين ذريعي شڪست ڏني وئي، سياستدانن جيڪڏهن ڪو سچ ڳالهايو آهي ته اهو هي آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌليون ٿينديون آهن. هاڻي هن صورتحال ۾ جڏهن ته حڪومتون اسان جو نه تحريڪون اسان جون ۽ اسان لاءِ نه جلسا اسان جا ۽ جلوس اسان لاءِ هر ڪو مارڪون وڌائڻ لاءِ پيو اهڙا ميلا ملاکڙا ڪري پر پوءِ به اسان لک نه ٿا ٿيون ته ڪک پن ئي ٿيون.