رافعه ذڪريه هڪ انقلاب جو اڳواڻ مولانا صاحب آهي، جڏهن ته ٻئي انقلاب جي اڳواڻي هڪ ڪرڪيٽر ڪري رهيو آهي. هاڻي ٻئي ڌرڻو هڻي ويٺا آهن ۽ حڪومت سان ويڙهه وڙهي رهيا آهن. ٽي وي تي ٻنهي ڌرڻن کي ڏسڻ هڪ محنت طلب ڪم آهي. سڀ کان پهريان هي ته، هڪ جهيڙن مطالبن ۽ ايجنڊائن ۾ فرق ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترن پاڪستانين جي لاءِ آسان هوندو، جن ۾ اڪثريت ٽي وي اينڪرز جي هوندي، جيڪي طاهر القادري ۽ عمران خان، ٻنهي جا مطالبا غور سان ٻڌندا آهن. پر اسان جهڙن ٻين ماڻهن جي لاءِ جن جي ياداشت ڪمزور آهي، انهن کي انهن ٻنهي پارٽين جي شڪون کي ڌار رکڻ ۾ ٿوري ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. چونڊن ۾ ڌانڌلي جو مسئلو پاڪستان تحريڪ انصاف جو آهي، جڏهن ته معصوم ڪارڪنن جي قتل جو اشو پاڪستان عوامي تحريڪ جو آهي. ٻنهي پارٽين جا ڪجهه سنجيده ۽ مضبوط خدشا آهن پر مارچ کي ڏسندو رهڻ سان ٻين مسئلن کان توجه هٽندي رهي ٿي، جيڪا پڻ هڪ شرمناڪ ڳالهه آهي ۽ جنهن تي گهٽ ئي ڳالهايو وڃي ٿو. افواهه آهي ته پاڪستانين جي هڪ وڏي اڪثريت مارچ جي مسلسل ۽ پرفريب ڪوريج ڏسڻ جي چڪر ۾ پنهنجي معمول جي زندگي، جنهن ۾ ڪم، ٽيڪس ميسيجز ۽ پنهنجن آفيس انچارجن ۽ ساهورجن جي شڪايت ڪرڻ جهڙا ڪم شامل آهن، معطل ڪري ڇڏيا آهن. اهي 10 ڏينهن کان ٽي وي جي سامهون ويهي اسڪرين تي نظرون ڄمائي وڏي تبديلي جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. ٻڌو ويو آهي ته ڪجهه ماڻهو ته اوچتو کائڻ جي وقت ٽي وي تي قومي ترانو ٻڌندي ئي اٿي بيهندا آهن يا وري ڪنهن موقعي تي انتهائي خوشي ۽ مسرت وچان تاڙيون وڄائڻ لڳندا آهن، جنهن سان انهن جا گهر وارا پريشان ٿي ويندا آهن. ان ۾ حيرت جي ڳالهه ناهي ته جيئن جيئن انقلاب جو سفر پنهنجي ٽئين هفتي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، تيئن تيئن گهريلو رشتا ڏکيائين جو شڪار ٿي رهيا آهن. مڙس زالن تي ۽ ٻار والدين تي، ڀينرون ڀائرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نظر اچن پيون. مارچ ۾ شامل ماڻهن وٽ بيشڪ باٿ روم جي سهولت موجود ناهي پر گهر ۾ مارچ ڏسڻ وارا ڪجهه قدمن تي باٿ روم هجڻ باوجود، وڃڻ کان به لهرائين ٿا ته ڪٿي ٽي وي آڏو هٽڻ سان انقلاب نه اچي وڃي. هي وائڙپ هڪ قدرتي عمل آهي. آخر تبديلي جي لاءِ ايترن ڏينهن، ڪلاڪن ۽ منٽن تائين انتظار ڪيو آهي، ڪالز اٽينڊ ناهن ڪيا. اِي ميلز جا جواب ناهن ڏنا. صرف انهيءَ لاءِ ته ڪٿي انقلاب جي گهڙي گذري نه وڃي. ڪجهه ٻي صورتحال جيڪا هن مارچ سان پيدا ٿي آهي، اها کائڻ پيئڻ جي باري ۾ آهي. هڪ دوست ته مارچ ڏسڻ جي لاءِ کائڻ بلڪل ڇڏي ڏنو آهي، جنهن سان ان کي پنهنجو وزن ڪيئي پائونڊ گهٽ ڪرڻ ۾ شايد مدد ملي. هڪ ٻئي دوست ته مارچ جي فيشن ڪليڪشن بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪپڙا اهڙي سٺي ڪوالٽي جا هوندا ته اڳئين ڌرڻي جي مقرر وقت تائين ڪم ڏيندا. جڏهن ته ان جا رنگ به باآساني تبديل ڪري سگهبا ته جيئن ڪنهن ٻي پارٽي جي ڌرڻي ۾ ڪم اچي سگهن. مقررين جي تقريرن جو مواد، انهن جا شڪوه، سڀ سنجيده آهن. قتل ڪيل ڪارڪنن جا، يا چونڊن ۾ ڌانڌلي جا مسئلا مذاق ته ناهن پر انهن مسئلن کي جڏهن ٽي وي تي کنيو ويندو آهي ته وچ وچ ۾ شيمپو، موبائل فون ۽ باقي سمورين شين جا اشتهار بار بار ڏيکاريا وڃن ٿا. ڇو ته هي معاملو ختم ٿيڻ کانپوءِ زندگي معمول تي موٽي ايندي ته اهي شيون ئي ته خريد ڪرڻيون آهن. هاڻي جڏهن ٽي وي چينلز ۽ ٿڪل هاريل اينڪر پرسنز ٻنهي مارچن جي وچ ۾ جهولي رهيا آهن ته اسڪينرز جي سامهون ويٺل ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪنفيوزن جنم وٺي رهي آهي. ڇا زندگي معطل رهڻ گهرجي؟ يا ان کي جاري رهڻ گهرجي؟ ڇا هي واقعي ئي جشن ملهائڻ جو وقت آهي جيئن عمران خان چوي ٿو؟ ڇا ڪرپشن ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي جيئن طاهر القادري واعدو ڪري رهيو آهي؟ مارچ کي ڏسڻ، ٻڌڻ، حيرت ۾ ورتل ۽ مشڪلاتون ڏسندڙ، لکين ماڻهن جي ذهنن ۾ سوال ئي سوال جنم وٺي رهيا آهن.
ادا عمران خان جو ساٿ ڏيو ء چورن کان ڀڄي پاسو ڪريو اڄ تائين نواز شريف کان ڪنهن سوال ڪيو آهي ته هن پاڪستان آرمي جا جوان ڪارگل تي ڇو شهيد ڪرايا ان کان بعد سري عام ڪرپشن سڀني وڏن عِهدن تي پنهنجا مائٽ رکيا اٿس انشاءَالله انقلاب ضرور ايندو گو نواز گو