تعليم کي سياست کان پاڪ ڪيو وڃي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ايم ملوڪ درس طرفان آندل موضوعَ ‏27 آگسٽ 2014۔

  1. ايم ملوڪ درس

    ايم ملوڪ درس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم اوتڻ
    ماڳ:
    اڇڙو ٿر ويجهو کپرو شهر
    تعليم کي سياست کان پاڪ ڪيو وڃي

    جتي قومون ترقي جي راه تي گامزن هجن اتي اسان تعليم جهڙي زيور کان محروم آهيون .

    اسان وٽ تعليم تباهي جي ڪناري تي پهتل آهي. ۽ پرائمري تعليم جو جيڪو حشر ڏينهيون ڏينهن پوئتي پئجي وڃي . سو اسان سڀني جي سامهون آهي .اڄ جي تعليم جا کوڙ سارا مسئلا آهن .سياسي ماڻهن کي پوسٽون ڏيڻ ۽ انهن کي اهو چوڻ ته پاڻ کائو اسان کي به کارايو.سائين تعليم جي تباهي جو مک ڪارڻ اهي سياسي ماڻهو آهن . جن هٿ وٺي تعليم کي تباه ڪيو آهي، ۽ واڳون جهڙا وات ڦاري ويٺا آهن . جيڪا بجيٽ تعليم لاءِ رکي وڃي ٿي، ڇا اها رقم 100 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪئي وڃي ٿي ، بلڪل نه تعليم جي بجيٽ مان رکيل 60 سيڪڙو رقم تعليم تي خرچ ڪئي وڃي ته تعليم بچي سگهندي . ۽ سياسي ماڻهن کي تعليم کان الڳ ڪيو وڃي. جئين ڪو به سياسي ماڻهو جو ڪمدار ويهي (ايس ڊي او )شپ هلائي ،۽ اتي هو ويهي پنهنجا نوازي هلائي ،ته ظاهر آهي تعليم تباه ٿيندي ،انهن ڪامورن جي رحم تي هزارين استاد ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجا ڌنڌا ڪري رهيا آهن ، هتي جا ڪامورا ضلعي ۽ تعلقي جي جا ماڻهو هجن ۽ اهي اتي جي ڪامورن کي سڻڀين پوسٽن تي رکرائي پنهنجي اصليت ظاهر ڪندا آهن . ڦرڻ لٽڻ جو زور هوندو آهي ، سي ڪامورا سياسي وڏيرا ڀوتار سڀ تعليم جا دشمن آهن،جتي تعليم ۾ هڪ سياسي ماڻهو جو ڪمدار هلائي ته اها تعليم سڌرندي نه بلڪل نه اوهان فيصلو ڪيو. جنهن قوم جي تعليم هڪ سياسي وڏيري جي هٿ ۾ هجي ، ڇا اها قوم ترقي ڪندي . قطعي نه ،هتان جا وڏيرا شاهي تعليم جا دشمن آهن، سنڌ جي نوجوانن جي تعليم تباه ڪرڻ لاءِ هر وقت چيلهه ۾ سندرو ٻڌي بيٺل آهن، هتان جا وڏيرا شاهي نه ٿا. چاهن تو ڪو غريب جو ٻار پڙهي لکي ڪو وڏو نوڪري وارو ٿئي ،جيڪو هتي جي وڏيرن کي منظور نه آهي. هتي جي ڀوتارن کي خبر آهي ته جنهن ڏينهن غريب جو ٻار پڙهي ڪنهن منزل ته پهچي ويو .ته هو غريب جو ٻار مون سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائڻ جهڙو ٿي ويندو .۽ پوءِ اسان ڀوتارن جاگيردارن جا اڳيان ڪو هاري ناري هٿ ٻڌي عرض ڪري . هيٺ پٽ تي ويهڻ جو رواج ختم ٿي ويندو . جنهن ڏينهن اسان جي سنڌ جي تعليم هنن وڏيرن ، جاگيردارن، جي چنبي مان آزاد ٿئي وئي ان ڏينهن کان هڪ نئين سنڌ جنم وٺندي .۽ اسان جي آزادي وارو خواب ب پورو ٿي ويندو.

    ايم ملوڪ درس کپرو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بلڪل درست ... تعليم ئي انقلاب آڻيندي، تنهنڪري اسان سڀني جون ڪاوشون بهتر تعليم لاء هجڻ گهرجن. حڪومت کي گهرجي ته تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪري ... سڀني استادن کي ٻين ادارن ۾ نوڪري ڪرڻ کان منع نامون جاري ڪري ... ڏسو ته ڪيئن نه ٿي تبديلي اچي تعليمي ميدان ۾.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ايم ملوڪ درس

    ايم ملوڪ درس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم اوتڻ
    ماڳ:
    اڇڙو ٿر ويجهو کپرو شهر
    مهرباني سليمان وساڻ صاحب،،،،،،،،،،،،،،،،،،
     
  4. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    بھترين خيالات...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو