ڇا واٽس س ايپ فيس بُڪ جاءِ والارڻ وارو هو؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏27 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    1984ع ۾ آمريڪا ڄائو مارڪ زُڪر برگ 2004ع ۾ (يعني 20 سالن جي عُمر ۾) آمريڪا ۾ ڪئمبرج جي هارورڊ يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو هو۔ جتي اڪثر يونيورسٽيز ۾ فيس بُڪ نالي هڪ ڊيٽا بيس جُڙيل هوندو آهي۔ جنهن ۾ شاگردن جي معلومات توڙي تصوير هوندي آهي۔ جيڪو هر سال جنوري ۾ رليز ڪيو ويندو آهي ته جيئن شاگرد هڪ ٻئي سان ملي سگهن۔ مارڪ زُڪر برگ کي سُجهيو ته ڇو نه اهڙي طرز تي هڪ ويب سائيٽ ٺاهي وڃي ۽ اها معلومات انٽرنيٽ تي اچي۔ هن انهي تي ڪم شروع ڪيو ۽ شروعاتي طور تي هارورڊ جي شاگردن تائين انهيءَ کي محدود رکيو۔ پر پوءِ جلدي ئي اهو ٻين ڪئمپسز تائين به پکڙيو ۽ ايئن مقبوليت وڌندي وئي جيڪا اڄ تائين ناهي رُڪجي سگهي ۽ 4 فيبروري 2004ع تي فيس بُڪ نالي شروع ڪيل سوشل سائٽ جو ڪم اڄ ڪٿان کان ڪِٿي وڃي پُهتو آهي۔ڪُجهه ٻين ماڻهن جي انويسٽ ۽ مدد سان فيس بُڪ تي روز بروز نواڻ ايندي وئي ۽ مارڪ زُڪر برگ جا اثاثا اڄ ا ارب ڊالر کان اُڪري چُڪا آهن۔ فيس بُڪ جي ڊيٽا بيس اسٽوريج لاءِ گهُربل اسپيس اڄ 180 پيٽا بائٽ آهي۔ (هڪ پيٽا بائٽ 1024 ٽيرابائٽ جي برابر آهي ۽ 1024 جي بي گڏجي هڪ ٽيرا بائٽ ٺاهين ٿا)۔ فيس بُڪ جتي ماڻهن جي دلسپي جو سبب بڻيو اُتي ڪيترن ئي مُلڪن ۾ ڪافي تحريڪن ۽ انقلابن جو به سبب بڻيو جن ۾ حسني مبارڪ خلاف تحريڪ قابلِ ذڪر آهي۔ ڪافي مُلڪن ۾ ته دنيا جي هن وڏي ۾ وڏي سوشل نيٽ ورڪ تي پابندي به لڳندي رهي آهي۔ پر پوءِ به اڄ فيس بُڪ جا 1 ارب استعمال ڪندڙ آهن.

    هڪ عجيب ۽ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته جڏهن فيس بُڪ 2009ع ۾ پاڻ سان مُقابلو ڪندڙ ٽُئٽر جي ٽَڪر ۾ اڳ کان اڳرو ٿيڻ جي چڪر ۾ هو ۽ اهي ٻئي سماجي رابطن جو سائتس زورن تي هُيون ته گوگل جهڙي طاقتور اداري به پنهنجي پاران هِڪ اهڙي وکر، گوگل پلس جي نالي سان آڻي رکيو جيڪو ايڏو مقبول نه ٿيو. پر فيس بُڪ ۽ ٽُئٽر، ٻنهي تان نؤڪري جي درخواست ڏيئي نهڪار ۾ جواب حاصل ڪندڙ ياهو ويب سائٽ جو اڳوڻو نوجوان برائن آڪٽن اُنهي وقت اهو سوچيو به نه هوندو ته سندس هڪ دوست مسٽر ڪوم مشهورِ زمانه مهانگي ترين فون برانڊ ”آئي فون“ جي هڪ ايپليڪيشن پاپ اپ ميسيج کي ٿورو نئين انداز سان استعمال ڪرڻ جي چڪر ۾ هڪ واٽس ايپ نالي سافٽويئر ايپليڪيشن گهڙي وٺندو جيڪا اڳتي هلي ايڏي مقبول ٿيندي. دراصل برائن جي دوست موبائل فون جي عام ايس ايم ايس کي جديد انداز سان رنگ ڏنو جنهن لاءِ ٽيليفون ۾ اها مُفت ايپليڪشن لڳائي هڪ سُست رفتار انٽرنيٽ جي ڪنيڪشن هوندي به هلائي پئي سگهجي. جڏهن آڪٽن جي دوست کيس ٻُڌايو ته سندس انهيءَ ننڍڙي ايپلڪيشن کي مهيني ۾ اڍائي لک ماڻهن جي استعمال ۽ پسند ڪرڻ جيتري موٽ ملي آئي ته آڪٽن به دلسچپي ورتي ۽ وڃي ياهو ويب سائٽ لاءِ ڪم ڪندڙ پنهنجي پُراڻن يارن کي پاڻ وٽ وٺي آيو. انهن سڀني جي به دلچسپي وڌڻ لڳي ۽ ذاتي سيڙپ ڪري هن ايپليڪيشن کي مسلسل جِدت ڏني وئي.

    واٽس ايپز دراصل موبائل فون جي هڪ ننڍڙي ۽ گهٽ لوڊ وجهندڙ ايپليڪيشن آهي جيڪا موبائل فون ۾ موجود سڀني ڪانٽيڪٽڪس کي پاڻ وٽ محفوظ ڪري ٿي ۽ انهيءَ کي استعمال ڪندڙ اهو معلوم ڪري سگهي ٿو ته سندس فون بُڪ لسٽ ۾ موجود ڪهڙا ڪهڙا نمبر اهڙا آهن جن جي موبائل ۾اها اپليڪيشن انسٽال ٿيل آهي ۽ هو ساڻن انهيءَ ذريعي رابطو ڪري سگهي ٿو. رابطي جي ٻين ذريعن کان هن جو مُختلف هُجڻ ڪافي حوالن سان مُنفرد ۽ فائدي وارو آهي. ڇو ته هن ۾ ميسيج سان گڏ تصوير موڪلي سگهجي ٿي. آڊيو /وڊيو رڪارڊ ڪري يا اڳ ٿيل موڪلي سگهجن ٿا ۽ پنهنجي موجودگي جو هنڌ گوگل ميپ جي هن سان پاڻ مُرادي ڳانڍاپي هوندي بلڪل صحيح ٻُڌائي سگهجي ٿو. اوهان ڪٿي به هُجو پنهنجو موجودگي جو اطلاع ڪُجهه ميٽرس جي فرق سان اڳئين کي ٻُڌائي سگهو ٿا. جنهن سان هاڻ اهو ڪوڙ هڻڻ ڏکيو ٿي پيو ته آئون فلاڻي هنڌ ڪم ۾ آحيان ڀلي کڻي گهر بيڊ تان ڳالهائيندو هُجي. توڙي جو اهو سڀ فيس بُڪ جي ميسيجر ۾ به آهي پر اُتي رُڳو اهو ناهي. فيس بُڪ تي وڃڻ سان ماڻهو ڪيئي ڳالهين ۾ اُلجهيو وڃي ۽ اهو نيٽ يا فون جي گهٽ اسپيڊ تي تڪڙو هلي به ڪونه جڏهن ته هي هڪ عام ايپلڪيشن آهي ڄڻ ته موبائل ۾ اڳ موجود بلٽ ان ميسيج جو سسٽم هڪ جديد صورت اختيار ڪري ويو هُجي جنهن ۾ اوهان هاڻي رُڳو لکيل ميسيج نه پر ٻيو گهڻو ڪُجهه به گڏائي سگهو ٿا. سو به ايتري آساني سان جو پنهنجي مُلڪ ۾ اڃان تائين موبائل فون ۾ نه آيل ٿري جي ٽيڪنالاجي جي غير موجودگي ۾ به اها ايپلڪيشن جي پي آر ايس جهڙ ٿَڪل ٽيڪنالاجي تي به آساني سان ڪم ڪري ٿي پئي. بس رُڳو اوهان وٽ ٽيليفون ۾انٽرنيٽ جو هُجڻ لازمي آهي. جڏهن ته 3 جي ٽيڪنالاجي جي آمد بس اجهو ٿئي ٿي پئي ته پوءِ هن جو استعمال ويتر آسان ٿي پوندو. ڌارئين مُلڪن ۾ ته هاڻ سمارٽ فون صفا عام ٿي پيا آهن ۽ هن ايپليڪشن جو ڪنهن وٽ نه هُجڻ حيرت طور تصور ڪيو وڃي ٿو. ڪنهن وڏي بزنس مين ڪنهن مُلازم کي سيمپل ڏسڻ لاءِ ٻي شهر موڪليو آهي بجاءِ انهيءَ جي جو هو کيس ويٺو تفصيل موڪلي يا فوٽو ڪڍي ميل ڪري بس هتان تصوير ورتي اُتان پُهتي. ڪو مشين تي ڪم ڪندي اُلجهي پيو ۽ تڪڙ ۾ مدد وٺڻ چاهي ٿو. بس هڪ فوٽو ڪڍي ٻي کي اُماڻيو ۽ مدد پُهتي. جيڪڏهن مشين مان ڪو مخصوص آواز اچي ٿو ته اُهو رڪارڊ ڪري به موڪلي پيو سگهجي ته اڳيون همراهه اهو ٻُڌي انهيءَ مُطابق حل ٻُڌائي. مطلب ته فوري طور ڪو احوال بهتر کان بهتر انداز ۾ ڏيڻ جو هي بهترين ذريعو چئبو.

    انهيءَ کان علاوه هن جي مقبوليت جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته هي ڪافي ٻين ايپلڪيشنز جيان رُڳو ائنڊرائڊ سافٽويئر تي هلندڙ موبائل سان مشروط ناهي. بلڪه هي ايپلڪيشن تقريبن هر سُٺي (سمارٽ فون) تي هلي ٿي ڀلي کڻي اهو ائنڊرائڊ آپريٽنگ سسٽم سان هلندو هُجي يا ڪنهن ٻي سان. اڄڪلهه ائنڊرائڊ جي ايتري هاڪ آهي جو ماڻهن اصل برانڊز وساري موبائل فونز کي ٻن ڪيٽيگريز ۾ وِرهائي ڇڏيو آهي هڪڙا ائنڊرائڊ ٻيا نان ائنڊرائڊ. جڏهن ته فرق رُڳو آپريٽنگ سسٽم جو آهي جيئن اڳي ونڊوز 95، 98 ۽ پوءِ وسٽا ۽ هاڻ 7 کان پوءِ اٺ پئي هلي يا وري لينڪس يا ميڪينٽاش وغيره. پر اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄڪلهه موبائل فونز ۾ مقبول ترين آپريٽنگ سسٽم ائنڊرائڊ ئي آهي ڇو ته انهي پُٺيان شُروع کان وٺي گوگل جو هٿ هو ۽ هاڻ به سرپرستي اٿس ۽ اڻ ڳڻيون ٻيون ايپلڪيشنز رُڳو ائنڊرائڊ لاءِ مخصوص آهن. اڄڪلهه جڏهن پنهنجي مُلڪ ۾ به سمارٽ فون عام ٿي پيا آهن ۽ گهڻي قدر ڪمپنيز انٽرنيٽ پيڪيج نه ڪرائيندڙ کي به عام رواجي ايس ايم ايس پئڪيج ڪرائيندڙ کي واٽس ايپ جو استعمال مُفت ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي ته هي ايپلڪيشن اسان وٽ به ڪافي مقبول ٿيندي پئي وڃي.

    واٽس ايپ جي مقبوليت جو اندازو ته سڀني کي هن جي استعمال ڪندڙن جي تعداد مان ئي ٿي ويو هو جيڪي اربن ۾ آهي جيڪي روزانو نه رُڳو اها ايپليڪيشن استعمال ڪن ٿا پر روزانو فعال رهن ٿا. انٽرنيٽ جي شروعاتي دؤر ۾ ياهو يا ايم ايس اين ميسينجر جو بولا بالا هو وري آرڪٽ آيو ته ميسينجر سڀني کي وِسري ويا. وري جو فيس بُڪ آيو ته سڀ ڪُجهه پوئتي هليو ويو. پر نيٺ اهي ڳالهيون به هليون فيس بُڪ به جو چاهه به اجهو ٽُٽو ۽ ماڻهن پاران فيس بُڪ جي اصل مقصد کان هٽي رُڳو رابطي جي ذريعي طور پئي استعمال ڪيوته هي ايپلڪيشن پرائويسي جي ڪري تڪڙو مقبول ٿيڻ لڳي. اهو ئي سبب آهي جو پهريان فيس بُڪ جي خالق ۽ مالڪ مسٽر مارڪ واٽس ايپ جي موجوده مالڪ مسٽر برائن کي نوڪري نه پئي ڏني پر اڄ هِن واٽس ايپ خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو. واٽس ايپ جي خريد ڪرڻ جي پُڄت نه ساريندي واٽس ايپ مالڪ مسٽر برائن کي فيس بُڪ جو ڀاڱي ڀائيوار به ڪيو آهي. انهيءَ کي چئبو آهي ته ڪو اوهان کي ڪنهن ڪم لاءِ ”نه“ چوي ته مٿس ناراض نه ٿِجي بلڪه سندس ٿورا مڃجن ته هُن کيس هڪ نئين ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. رُڳو 50 ماڻهن جي محدود ٽيم سان واٽس ايپ کي ڪاميابي جي اوچائي تي پُهچائي مسٽر برائن اها ايپلڪيشن فيس بُڪ کي وِڪڻي اڄ فيس بُڪ جو ڀائيوار آهي.
    [​IMG]
    مسٽر برائن آڪٽن جو ٽوئٽ جڏهن کيس ٽوئٽر ۽ فيس بُڪ نؤڪري ڏيڻ کان جواب ڏنو ۽ اڄ هو فيس بُڪ جو شيئر هولڊر آهي.

    [​IMG]
    مسٽر ڪوم (ساڄي پاسي) جنهن هن ايپليڪيشن ٺاهڻ لاءِ قدم کنيو ۽ مسٽر برائن جنهن انهيءَ کي اڳتي وڌائي ڪاميابي ڏياري.

    [​IMG]
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
  3. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    بلڪل صحيح ٿا چئو.... پر مون ڪڏهن اڳ ۾ واٽس ايپ استعمال ناهي ڪيو. اڄ پهريون ڀيرو استعمال ڪيو اٿم. ڏسون......
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏4 سيپٽمبر 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين معلومات سائين، لک قرب
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا توهان جي ڳالهه درست آهي پر فيس بوڪ جي مقبوليت به روز وڌندي پئي وڃي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو