مون ونڊو لائيو مووي ميڪر سافٽ ويئر ڊائون لوڊ ڪيو آهي جيڪو ڪنٽرول پينل ۾ ونڊو اسينشلس 2012 جي نالي سان موجود آهي ۽ انسٽال ڪرڻ وقت ڏيکاري ٿو ته اوهان وٽ تازو ورزن انسٽال ٿيل آهي پر پروگرام کولڻ سان کلي ڪونه ٿو ـ ڪو حل؟ يا ان کان ڪو بهتر پروگرام لائيو مووي ميڪنگ توڙي ايڊيٽنگ لاءِ هجي ته ٻڌايو ـ مهرباني ـ
توهان وٽ سسٽم ڪنفگريشن ۽ ونڊوز ڪهڙي آهي...؟ ڇا توهان جي سسٽم ۾ گرافڪس جا درست ڊرائيورس انسٽال ٿيل آهن...؟ جيڪڏهن توهان ونڊوز 7 يا 8 استعمال ڪري رهيا آهيو ته پهريان وارو پروگرام ان انسٽال ڪريو ۽ هيٺين لنڪس تان ونڊوز اسينشل لائيو مووي ميڪر 6.0 ورجن ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو... ونڊوز 7 يا 8 32 بٽ لاءِ لنڪ ونڊوز 7 يا 8 64 بٽ لاءِ لنڪ
سائين ونڊو 7 آهي ۽ ظاهري طرح سڀ ڊرائيوَرز ٺيڪ ڪم ڪن ٿا پر ارر ڏيکاري ٿو: مووي ميڪر نه ٿو هلي سگھي ڇاڪاڻ ته اوهان جي سسٽم ۾ گھٽ ۾ گھٽ واري ضرورت پوري ناهي ـ مووي ميڪر ٻيهر هلائڻ کان اڳ اوهان ونڊو ڪارڊ جا سسڀ ڊرائيورس اپ ڊيٽ ڪريو ـ بهرحال، اوهان جي صلاح تي عمل ڪري ڏسون ٿا ـ
ياد رهي ته ونڊوز اسينشل مووي ميڪر تيسين نه هلندو جيسين توهان جو سسٽم گهٽ ۾ گهٽ هيٺين ڪنفگيريشن رکندڙ نه هجي... سسٽم ريم: گهٽ ۾ گهٽ 1GB پروسيسر: 2.4 Ghz گرافڪس ڪارڊ: گهٽ ۾ گهٽ ايترو هجي جو اهو مائڪروسافٽ ڊائريٽڪس 9.0c کي سپورٽ ڪندڙ هجي... مٿي جنهن ايرر جي توهان ڳالهه ڪري رهيا آهيو ... ان کي فڪس ڪرڻ لاءِ هي وڊيو ڏسو... ياد رهي ته ونڊوز اپڊيٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ پنهنجي سسٽم جي ڪنفگريشن کي سامهون رکندا...