صورتَ سَڀ سلطان، پاڻَ ڏسَڻ آيو پَنھنجو تَماشو! ڪاٿئين حَنبل، شافِعي، ڪاٿئِين مالِڪ، نعمان؛ ڪاٿَئِين پَٽي پوٿيون، ڪاٿَئِين پِڙھي قرآن؛ ڪاٿئين اَنَاالحق چَوي، ڪاٿئِين ڦيرائي فرمان؛ ڪاٿئين طفوليَت ۾، ڪاٿئين پِيرُ جوان؛ ڪاٿَئِين مِير وزير ٿيو، ڪاٿَئِين ھَنومان؛ ”سچُو“ پيو صَبرَ ۾، ھوءِ حَيرتَ ۾ حَيران! ( سچل سائين )