• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وفا ناٿن شاھ

Rabel Napar Sindhi

سينيئر رڪن
جسم تان لباس تو لهي،
جيئن هڏن تان ماس ٿو لهي،
چپ چڙهن پيا چپن مٿان
خوف ۽ حراس ٿو لهي،
لُڙڪ ٿا لهن شناس جا،
دل تان بي شناس ٿو لهي،
رنگ رنگ جو نمائشون،
ڪنوار جو لباس ٿو لهي،
ائين لهي ويو سرير ۾،
دل ۾ جيئن قياس ٿو لهي،
ڪنوارين ۾ واس ٿو لهي،
هٿ حور جا وڃي وفا،
عرش تان گلاس ٿو لهي .
وفا ناٿن شاھ
 
Back
Top