اڙي عشق تو وٽ وري پيو اچان، خودڪشي، زندگيءَ کان پري آ اڃان، جڏهين ڀي تو هٿ مان آ هٿڙو ڪڍيو، هٿن جي لڪيرن سان ورچيو پوان، اوهان جي اکين ۾ ڪي ارغون هئا، اسان جي هئي دل سنڌ ڌرتيءَ جيان، جن جي قسمت ۾ دوزخ ڌُريان ئي لکيو، او خدا ڪيئين توکي چوان مهربان ؟ او سقراط هڪ سُرڪ جي ها ڀرين، زندگيءَ جي زهر جي، مڃان ها ميان آڪاش انصاري