• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هاڻ سنڌي ٻولي ۾ يو آر ايل لکو

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
هاڻ يو آر ايل ۾ سنڌيءَ ۾ لکيل ويب سائيٽون کلنديون

اڄ 28 آگسٽ 2014 تي صبح جو سوير 5 لڳي اسٽار نيوز چينل آن لائين ڏٺم ته سنڌين لاءِ هڪ سٺي خبر ملي جنهن ۾ڄاڻايو ويو هو ته ڀارت ۾ هاڻ يو آر ايل ۾ هندي، سنڌي ۽ ڪجھه ٻين ٻولين ۾ لکيل ويب سائيٽون کلنديون. مثال: اوهان هنديءَ ۾ ايڊريس بار ۾ سرڪارڊاٽ ڀارت لکندو ته سرڪار جي ويب سائيٽ کلندي ـ ساڳي ريت اها سهوليت سنڌي، نيپالي، مراٺي ۽ ٽن ـ چئن ٻين ٻولين ۾ به ڏني وئي آهي ـ جيڪڏهن اوهان يو آر ايل ۾ـ سنڌي ٻوليءَ ۾ سرڪار.ڀارت لکندئو ته ڀارت سرڪار جي ويب سائيٽ کلي ويندي ـ مون يو آر ايل ۾ سنڌيءَ ۾ سرڪار .ڀارت لکيو ته سچ پچ ويب سائيٽ کلي وئي ـ ڀارت ۾ 15 نومبر 2014 کان ڊاٽ ڀارت جون ويب سائيٽون عام ماڻهو به حاصل ڪري سگھندا ـ
 
نه سائين. ڪونه ٿي کُلي.
سرڪار.ڀارت لکيم پر ڪونه کُلي..

ساڳي ريت توهان يوآرايل سنڌيءَ ۾ سنڌسلامت ڊاٽ ڪام لکندؤ ته گوگل ذريعي هن فورم جو لنڪ اچي ويندو.
 
Back
Top