ڇا سنڌ سماج جي تباهي جا ذميوار ًگهڻي ڀاڱي سنڌي ڊرامان رائيٽرس ۽ عشقيه شاعر!آهن

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏28 آگسٽ 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اي سنڌ جا ڊرامان ليکڪو! اديبئو! شاعرئو! جيئن ته هن سنڌي سماج جي تباهيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي سنڌي رائيٽرس جو ئي حصو آهي ۽ جن پنهنجي لکت کي سماج سُڌار لکتن بجاءِ سماج تباهه لکتن سان مُڪمل ڊانا ڊول ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪو گس به نٿو ملي.

    [​IMG]
    گهربو اهو هو ته اسان سٺن نقطن ۽ پاسن کي کڻي هلون آ ۽ انهن ئي ڪريڪٽرن کي نروار ڪري پنهنجي هيءَ تباهه و برباد ٿيل سنڌي سوسائٽي بچايون ها، اسان جاهل، توهم پرست بي علمو ماحول پيش ڪيو ۽ خراب ڪريڪٽرن ۽ ناسورن کي پنهنجو هيرو ڪري پيش ڪيو ۽ جيڪي به سماجي بُرايون هُيون ،خراب عادتن ۽ ماحول کي اڳيان آندو
    [​IMG]
    ۽ ان جو اثر وٺي ۽ ان جي ڪاپي ڪري اسانجي اڄ جي جنريشن انهن بدڪرادرن ۽ انوائرنمينٽ جو اثر وٺي پاڻ کي ان ماحول ۾ مڪمل زم ڪري ڇڏيو ۽ ان ڪري اڄ جي سموري سنڌ ۽ ان غلط ماحول. جنهن ۾ چوري، ڪارو ڪاري، ونگار، ڌاڙيل گيري، مُنشي گيري، ڪمداري، رُشوت، جهالت، نا انصافي، ظلم، جبر، ڏاٺ مُڙسي ۽ زور زبردستيءَ کي بهترين ڄاڻي اپنايو ۽ صحيح علم کان پري پري رهي. جن علم حاصل ڪيو اُنهن به زبردستي ۽ ڪاپي ۽ سفارشي ڪلچر اپنائي ڪيو ۽ اهي بهتريون ڇڏي بُراين جي فروغ لاءِ اڳتي وڌيا ۽ هاڻ جيئن ته اسان سڀئي ڊرامان ليکڪ، اديب، شاعر ئي گهڻي ڀاڱي سنڌي معاشري جي تباهيءَ جا مڪمل ذميوار آهيون ان ڪري اسان تي لازم آهي ته پاڻ چينج ڪريون ۽ پازيٽو سوچ کڻي اڳتي وڌون ۽ جهل ۽ بُراين وارا ڪريڪٽر، اسٽوريز، ڪهاڻيون ۽ شاعري ڇڏي بهترين لکتن کي فروغ ڪري سنڌي معاشري کي تباهيءَ ۽ جهالت جي انتها تائين پُهچڻ کان بچايون. ته اچو ته ٻيا بهترين مضمون کڻي اُنهن کي ڊراماٽائيز ڪريون ڇو جو اڄ جي ميڊيا دئور ۾ اڄ جي جنريشن هاڻ ٽي وي ڏسي پنهنجو معاشرو ٺاهي ٿي ۽ جيڪو انهن کي ڏيکاريو يا پڙهايو ويندو اُهو ئي گس وٺندا ته
    [​IMG]
    هاڻ قوم کان پنهنجي ماضيءَ جي خراب لکت تي کُلي معافي وٺي نه صرف معاشرو بچائڻ لاءِ قدم قدم سان ملائي اڳتي وڌون پر ٻولي به بچايون. ڇو جو اڻ پڙهيل يا معمولي پڙهيل رائيٽر، اديب، شاعر شوق پوري ڪرڻ ۾ پنهنجي خراب لکتن سان ئي معاشري جي تباهي جو ڪارڻ بڻيا آهن. مثال سمجهائڻ لاِءِ اسان به پهل ڪريون ٿا ۽ توهان به. اچو ته پنهنجون پئدا ڪيل خرابيون پاڻ دور ڪريون ۽ ۽ ٻوليءَ ، تهذيب، ماحول ۽ ثقافت جي حفاظت ڪريون ۽ هڪ پڙهيل لکيل اسڪرپٽ ايڊيٽر لڳائي لکت تي ايمرجنسي سينسر هڻي بهترين لکتون پاس ڪريون ۽ سنڌ، سنڌي معاشرو، سماج، تهذيب، ٻولي، تمدن،بچايون .! سنڌ بچايون ! پنهنجو ضمير بچايون! پنهنجو نسل بچايون!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اڄ توهانجون پوکون پيا لُڻيون! اي سنڌ جا دانشورئو! هتي اقرار ڪري هاڻ ته سنڌي معصوم ۽ اٻوجهه قوم کي اعتماد ۾ وٺو! ۽ يقين ڏياريو ته محض تسڪين حصول ملازمت لاءِ اڳتي نه وڌندئو! هاڻ ته پنهنجو احتصاب پاڻ ڪري اڳتي اچو! اقرار ڪريو ته توهان ڪٿي ڪٿي ، ڪهڙيون ڪهڙيون ۽ ڇو غلطيون ڪيون هُيون جنهنجي ڪري نتيجي ۾ هاڻ اسانکي توهم پرست ۽ جاهل، موالي ڪلچرڊ، تعليم کان گهڻو دور، ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر سماج مليو آهي ۽ اسانجي هيءَ جنريشن مُڪمل بداخلاق ، بد لحاظ، بي ادب، ننڍي وڏي جا ساڃاح ۽ سُڃاڻپ کان عاري محض فينسي ڪپڙن ، والين، چوڙين ۽ ڳانن ۾ ويڙهيل جاهل ۽ موالي ٿي ملي آهي. عوام جي عدالت ۾ حاظر ٿي وڃو! جيڪو ڪيوَ سو معاف ۽ درگُذر هاڻ هن رستي تان هٽيل جنريشن کي دڳ ڏئي پٽڙيءَ تي آڻيو! متان پوءِ دير ٿي وڃي ۽ سنڌ جو واڳون ڌارين جي قبضي ۾ نه هلي وڃن ۽ تواريخ توهان تي روئيندي رهي.

    پنهنجي سوشل ميڊيا فورم کي فڪري ۽ ذهني سوچ علمي انقلاب ۾ آڻي سنڌ بچايو، سنڌي ميڊيا بچايو ۽ فحاشي ۽ موالي ڪلچر جي فروغ ڇڏي رُڳو علم وڌايو! جهالت ۽ توهم پرستيءَ اسان باب الاسلام جي ماڻهن کي اپاهج ڪري ڇڏيو اهي.سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن ۾ ذهني انقلاب آڻڻ (برين واش) جي ضرورت تي زور ڏجي. ۽ اهو ڪردار صرف ۽ صرف سنڌي ۽ بلوچي ليکڪ ئي ڪري سگهن ٿا ٻيو ڪو به نه. جيڪي پنهنجي هر سماجي، معاشرتي، ڊرامائي، تخليقي يا خابرو(نيوز) لکت ۾ علم جي حصول لاءِ لکتون لکي قوم جي برين واش ڪن. جيسين لکياري اهو ڪم نه ڪندا سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن ۾ ذهني انقلاب ڪونه ايندو ڇو جو سندن ذهنن ۽ رت کي سازشي قُوتن بُزرگن ، ولين ۽ درويشن جي مزارن تي اوتارا يونيورسٽيون قائم ڪري نشي (سُلفي، ڀنگ، شراب ، هيروئن وغيره) جهڙو زهر پياري سنڌي غريب عوام کي ذهني طور تي بلڪل مائوف ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن جي رت مان نشي واري غلاظت ڪڍڻ بنان علم جو حصول ممڪن ئي ناهي. جديد سائنسي طريقن موجب انهيءَ کي برين واش چئي سگهجي ٿو. پاڪستان جي 67 سالن کان قائم ٿيڻ، جلسن، جُلوسن، نعرن، شامون ۽ راتيون ملهائڻ جي 67 سال جدوجهد کان پوءِ به سنڌي ۽ بلوچ قومن ۾ علم لاءِ گهُربل ذهني سوچ ۽ سُڄاڳي پئدا نه ٿي سگهي آهي، جنهن جو واحد ۽ واحد ڪارڻ تنظيمن توڙِي سرڪاري توڙي خانگي توڙي سنڌي ميڊيا ۾ ڊومينيشن ڪندڙ نشائي ۽موالي ڪلچر آهي ۽ ان جي آڌار تي ئي ترقيون ٿين ٿيون يا پروگرام ملن ٿا ته جيڪو هر اجتماع کان کائڻ ۽ کارائڻ واري تقريب ۾ پوءِ ڏسي سگهجي ٿو جتي سُوٽا به لڳن ٿا ته پيگ جا پيالا به پيئجن ٿا. مشاهدي ۾ آيل آهي ته جنهن تقريب ۾ اهو اهتمام ناهي اُتي وري تقريب دوران ڪوڪا ڪولا۽ پيپسيءَ ۾ ڪن خاص مدعو ٿيندڙن لاءِ اهي اهتمام ڪيل هوندا آهن. ڪن وائيٽ ڪالر اديبن ۽ شاعرن طرفان دعوت به تڏنهن قبول ڪئي ويندي آهي جڏنهن کين کائڻ پيئڻ وارن لوازمات ڏيڻ جي يقين دهاني ڪرائبي آهي ۽ جيڪي خُشڪ محفلون اهن اُنهن ۾ تعداد ئي ڪونه هوندو آهي. ادب، شاعري ۽ ڊراما نگاريءَ جي لکتن ۾ گهڻي قدر پيار ۽ عشق سمايل آهي ته جرنلزم ۽ خبرنامن وغيره ۾ وري ڌاڙيلگيري، ڪامورا شاهي، جاگيرداري، ۽ گهڻي ڀاڱي وڏيرا شاهيءَ کي اُجاگر ڪيل آهي ۽ انهن پاٿاريدارن جي فروغت لا انٽرويو به . جيڪي سول سوسائٽي، سماجي تنظيمون يا اين جي اوز ڳوٺ ڳوٺ وڃي تبليغون ڪن ٿا اُهي به انهن جاگيردارن ۽ وڏيرن ۽ ڪامورن جا مهمان هوندا آهن ته تقريرُن يا بيٺڪن سان ذهني انقلاب ڪونه ايندو. پهريون انقلاب قومن جي رت ۾ نشي جهڙو زهر ڪڍڻ ، جنهن ۾ يقينن وقت گهربو ڇو جو هن ۾ هاڻ معاشري جو هر فرد وڪڙجي ويو آهي ۽ اهو تڏنهن مُمڪن آهي ته نشي جو آزاديءَ سان ملڻ وارو هضول بند ڪيو وڃي ۽ هر نشائيءَ جو سوشل بائڪاٽ ڪيو وڃي. ٻيو حصول نئين جنريشن کي ان علت کان بچائڻ ۽ پاسيرو ڪرڻ جو آهي ته هي سماجي، سول ۽ اين جي اوز تنظيمون هر علائقي ۾ وڃي اُتي پاڻ به موبائل ايجيوڪيشن جو اهتمام ڪن ۽ اُتي جي ماڻهن کي به انگيج ڪن ۽ بنگلن ۽ گهرن ۾ ويهي نه پر ٽينٽن ۽ جهوپڙين ۾ ويهي، وڻن هيٺان ويهي جيئن عام ڳوٺائي رهندڙ آهي ۽ پوءِ اُن جي مُسلسل رکوالي ۽ نگراني ڪن ته علم جو انقلاب ايندو. ٻيو ڪو حل آهي ئي ڪونه 67 سالن جو تجربو ٻُڌائي ٿو بلڪه ويتر بُڇڙائي، جهالت، توهم پرستي وڌندي وڃي. شعر شاعري، ڊراما، ڪتاب به علم پرايو مضمونن تي ئي هُجن ڇو جو عشق مُشڪ ۽ فحاشي تبليغ هاڻ گهڻي ٿي، سون تي سُهاڳ جو ڪم ٿيندو جڏنهن عام سنڌي به پنهنجي سوشل ميڊيا ڪرتن کي به خود نمائيءَ کان ڪڍي علم انقلاب طرف آڻڻ لا استعمال ڪندو ڇو جو سنڌ جي بقا جو سوال اهي. ائين ڪرڻ سان اجاين تصويرن کي فليش ڪري ڪامينٽس وٺڻ بجا گهر ويٺي به هر فرد علم انقلاب ۽ سوچ پئدا ڪري سنڌ ۽ بلوچستان بچائي سگهي ٿو. ممڪن ڪا ڳالهه ناهي پر وقت طلب ۽ ٿورڙي مُشڪل ضرور آهي جي ٻه ماڻهون به ايجيوڪيٽ مشن طرف راغب ٿيا ته هو ٻيا گهڻا گهر راغب ڪري وٺندا ۽ سنڌ جي روايت به ته آهي! (ڦُڙي ڦُڙِي درياءُ) پوءَ گهٻرايو ڇو ٿا ٻانهه ٻيلي ٿيو اسان سان ، اسانجي آئڊيا سان! يا پنهنجو پاڻ پنهنجي آئڊيا سان !پر آڻيو تعليمي انقلاب! جلد از جلد سنڌي قوم ۾!

    سنڌ جي ناليوارن ليکڪن، اديبن، شاعرن، دانشورن، فلاسفرن، اُستادن ۽ هر شعبي جي نمائندگي ڪندڙن جو سنڌ جي (عوامي عدالت ۾ احتصاب) ٿو ڪجي! ، عوامي عدالت ۾ حاظر ٿي وڃو ۽ پنهنجي ڪيل جُرمن يا الزامن جو قوم کي حساب ڏيو ۽ قوم کي ٻُڌايو ته توهانجي هوندي سنڌي قوم ، ڪاپي ڪلچر، رُشوت، چوري، جهالت، غربت، مُفلسي، غير اخلاقي سرگرمين ۾ ڪيئن جڪڙجي وئي ۽ توهانجي هوندي سنڌي ماڻهن لاءِ تعليم جو حصول ڇو ناممڪن ٿي ويو آهي؟
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏28 آگسٽ 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. علي روشن

    علي روشن
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ادا اوهان صحي ٿا چئو . پر وڏو هٿ سنڌي چينلن جو آهي ڀائو جيڪي اهڙا ڊراما نشر ٿا ڪن
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    بلڪل صحيح آ. مونکان وڌيڪ گهر جو ڀيدي ڪير هوندو ڀاءُ! تڏنهن ته دانهون ڪريان پيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو