• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان اعتراف ٿو ڪريان ته..................... ڪامريڊ عرس سيلرو

منصور سرور

سينيئر رڪن
مان هڪ هاري جو پٽ ۽ پاڻ پورهيت رهيو آهيان ۽ سياسي طور تي شروعات ۾ ٽريڊ يونين سان ويجهڙائي سبب ڪميونسٽ پارٽي سان سلهاڙجي ويو هئس،

90ع واري ڏهاڪي ۾ سويت يونين مان ٿي واپس اچڻ کانپوءِ اهو سمجهيو هو ته پارٽي اندر تمام گهڻي تبديلي ممڪن بڻجي سگهندي پر ايئن نه ٿي سگهيو ۽ اسان سويت يونين مان پڙهي واپس موٽندڙ جي خواهش هئي ته پارٽي کي عوامي ۽ جمهوري بڻائينداسين جيڪو نه ڪري سگهياسين،

جنهن نتيجي ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڇڏي پيپلزپارٽي کي هڪ عوامي پارٽي سجهندي ان ۾ شموليت ڪئي ته جيئن مزدورن ۽ پورهيتن جي آواز کي وڌيڪ سگهارو بڻائي سگهجي پر پيپلزپارٽي تي جاگيردارن ۽ سردارن جي قبضي هئڻ سبب اسان پنهنجي طبقي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهياسين جنهن جو مان اعتراف ڪيان ٿو.
 
Back
Top