• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سو روپين ۾ ڪيو جهاز جو سفر

منصور سرور

سينيئر رڪن
نئي دهلي (ع آ نيوز) ڀارتي هوائي ايئرلائين ڪمپنيءَ ايئر انڊيا ڊي جي موقعي تي رعايتي پيڪيج جو اعلان ڪندي ڀارت ۾ ٽڪيٽ جي قيمت هڪ سو رپيا رکي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، ايئر انڊيا اختيارن موجب 27 آگسٽ کان 31 آگسٽ تائين ٽڪيٽون وڪيون وينديون ۽ ان سان گڏ اهو به چيو ويو آهي ته ٽڪيٽون صرف ايئر انڊيا جي ويب سائيٽ تان خريد ڪري سگهجن ٿيون، ۽ ٽڪيٽ خريد ڪرڻ وارا 27 آگسٽ کان 30 سيپٽمبر جي وچ ۾ سفر ڪري سگهندا ان کان پوءِ اهي ٽڪيٽون قابل قبول نه هونديون. اختيارين ايئر انڊيا ڊي جي موقعي تي هڪ تقريب پڻ ڪندي جنهن ۾ ڪمپني جي ملازمن کي انعامن سان نوازيو ويندو. واضع رهي ته 27 آگسٽ 2007 ۾ ائير انڊيا ۽ انڊين ايئر لائين کي پاڻ ۾ ضم ڪيو ويو هو ۽ پهريون ڀيرو هن ڏينهن کي ايئر انڊيا ڊي جي طور ملهايو وڃي ٿو.
Air-India-300x180.jpg
 
Back
Top