پهرين قسط پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو ٻي قسط پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو ٽين قسط پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو ============================================================ تُرڪي ۾ سنڌ جي نقشي جهڙي ڍنڍ گوگل ميپ ۾ ڍنڍ جو نظارو تُرڪي جيڪو دُنيا جو اهو واحد مُلڪ آهي جنهن جو ڪُجهه حِصو (لڳ ڀَڳ) 3 سيڪڙو يورپ ۾ آهي جڏهن ته باقي ايشيا ۾. تنهنڪري هن کي يورو ايشيا به سڏيو وڃي ٿو. ۽ وري جياگرافيائي بيهڪ به اهڙي اٿس جو دُنيا جي نقشي تي ڏِسبو ته ايئن لڳندو جهڙو ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ هڪ پُل آهي جيڪا ٻنهي کي ڳنڍيو بيٺي آهي. هيٺ ڏکڻ ۾ بحرِ روم (Mediterranean Sea) مٿي اُتر ۾ وري بحرِ اسود ((Black Sea اٿس. اهو ئي سبب آهي جو صدين کان يورپ ۽ ايشيا وچ ۾ سامونڊي توڙي خُشڪي رستي هن مُلڪ کي واپار جي رستي طور استعمال ڪيو پئي ويو ۽ هن مُلڪ جي وڏي اهميت هُئي ۽ آهي. توڙي موجوده تُرڪي جو اولهندو پاسو هنن جي وڏن وڙهي ڪري رومين ۽ يونانين کان ڇڏائي ورتو پر اڄ به يورپي چاهين ٿا جيڪر تُرڪي جو اُلهندو پاسو وٽن هُجي. خاص ڪري استنبول ۽ ازمير جتي وڃي واقعي به محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ته هتي يورپ جو وڏو غلبو رهيو آهي ۽ هي پاسو ڪُجهه ڪُجهه يورپ وانگر ائڊوانس نظر پيو ايندو آهي. ازمير کان جيڪو تُرڪي جي وڏن ميٽروپوليٽن شهرن مان آهي انهيءَ اولهه ۾ (خُشڪي جي دنگ) تي هڪ چشمه نالي شهر آهي جيڪو ٽوئرسٽ جي ڪشش جو مرڪز آهي. نه رُڳو ٻاهران ماڻهو پر سرندي وارا خود تُرڪ به گرمين جو موڪلون گُذراڻ اُتي وڃن ٿا جتي هزارن جي تعداد ۾ سمر هائوس نالي بنگلا آهن جيڪي سڄو سال ويران رهن ٿا پر گرمين ۾ آباد ٿيو وڃن. ڇو ته بحرِ اسود سان لڳ خُشڪ پٽي تي جبل هُجڻ ڪري سامونڊي ڪنارن تي پٿرن ۽ پوءِ اچانڪ گهري پاڻي ڪري اُتي ڪشش ناهي. ميڊيٽيرين سمنڊ تي وري گهڻي گرمي جي ڪري ماڻهو گهٽ وڃن. پر انهن ٻنهي کي ملائيندڙ يونان ۽ اولهه تُرڪي جي وچ ۾ ايجين سمنڊ سير تفريح لاءِ بهترين آهي. ڇو ته اهو سمنڊ لڳ ڀڳ مُنو ڪلوميٽر اڳتي وڃڻ تي به گهرو ناهي ۽ سمنڊ جي پاڻي جو رنگ به اصلي سي گرين جيڪو ڏسڻ سان پيو اکيون ٺرن. ۽ وري وڻندڙ هوائون جيڪي سڄي سال پيون لڳن ۽ چشمه شهر جي آسپاس جبلن جي ننڍين ٽڪرين تي پن بجلي جا وڏا وڏا پکا پيا ڦِرن جنهن سان بجلي ٺهي. گرمين جي موسم ۾ هتي وڃي وقت گُذارڻ ايئن سير تفريح جو بهترين ذريعو آهي. انهن ئي جبل جي ٽڪرين ۾ هڪ قدرتي ڍنڍ به آهي. جيڪا برفباري کان پوءِ برف جي پگهرجڻ تي حاصل ٿيندڙ پاڻي جو وڏو زخيرو ڪرڻ لاءِ ڪم اچي ٿي. اها ڍنڍ کڻي ايڏي وڏي ناهي پوءِ به انهيءَ ۾ ڪافي پاڻي جمع ٿيو وڃي جيڪو آسپاس جي زرعي زمينن کي ڪم اچي. هاڻي ته اتي فلٽر پلانٽ لڳائي انهيءَ ڍنڍ جي پاڻي کي پيئڻ قابل به بڻايو پيو وڃي. ڇو جو هونئن ته تُرڪي پاڻي جي معاملي ۾ خود ڪفيل آهي (ڀلي کڻي وٽس تيل يا گئس جا ذخيرا ناهن پر پاڻي ايترو آهي جو ٻين مُلڪن کي به پيو وِڪڻي) پر هن علائقي ۾ سمنڊ ويجهو هُجڻ تي زيرِ زمين پاڻي پيئڻ قابل نه هُجڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي جي پورائي به انهيءَ ڍنڍ مان ڪئي پئي وڃي. انهيءَ ڍنڍ جو نالو اڪتاش بيراج (Aktaş Barajı) آهي. اتفاق روزِ اول کان ٿيندا رهيا آهن پوءِ اُهي ڪهڙي به صورت ۾ هُجن. انهن مان هڪ قسم اهو به آحي ته ڪِن ٻِن شين جون تصويرون يا بيهڪ بلڪل هڪ جهڙيون هُجن جڏهن ته منجهن ڪو به تعلق نه هُجي. اهڙو ئي هڪ اتفاق نظر مان گُذريو جڏهن انهيءَ ڍنڍ تي نظر پئي. جيڪڏهن اها ڍنڍ وڃي سرزمين تي ڏِسبي تڏهن به پر جي نقشي ۾ ڏسي ته هو بهو سنڌ جي نقشي جهڙي نظر اچي ٿي. اُهو ئي مٿي اپر سنڌ وانگر ويڪرو پيٽ وچ ٿورو سوڙهو. اولهه ۾ ٿورو ڪُنڊ جتي پاڻ وٽ ڪراچي آهي ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ حصو وڌيل جتي ٿر جو ڏورانهون پاسو (ڪارونجهر/ڪاسٻو وغيره) آهي. نه رُڳو اها بيهڪ پر هونئن به ساڳي ڳالهه آهي. جيئن ڪراچي جي اولهه ۾ منوڙو وغيره جي ٻيٽن کان پوءي سمنڊ آهي تيئن هن ڍنڱ جي اولهه ۾ به چشمه شهر جو ڪُجهه حِصو ۽ پوءِ سمنڊ آهي. جيئن سنڌ جي ڏور اوڀر تائين رُڳو خُشڪي آهي تيئن هن جي اوڀر ۾ به سڄو تُرڪي آهي. جيئن سنڌ جي ڏکڻ ۾ سمنڊ ويجهو تيئن هن جي ڏکڻ کي به سمنڊ ويجهو ۽ سنڌ جي اُتر ۾ جابلو علاقو ۽ ٿڌ تيئن هن جي اُتر ۾ به استنبول ۽ يورپ جو حصو جتي ڪوئٽه وانگي ٿڌ ئي رهي ٿي. هي ڍنڍ اهڙي هنڌ تي آهي جو هن ۾ پاڻي مخصوص وقت ۾ گهڻو اچي ٿو جڏهن جبلن تان برف پگهرجڻ شُروع ٿئي ۽ جيئن ئي هن جي ليول ڪُجهه مٿي اچي ٿي ته هن جو پاڻي پنهنجا رستا ٺاهيندو وڃيو سمنڊ ۾ ڪِري جيئن ٻين ننڍن عارضي پاڻي جي ڍورن يا وهڪرن ۾ ٿيندو آهي. پر هي ڍنڍ اهڙي هنڌ آهي جتي جيڪڏهن پاڻي ذخيرو ڪجي ۽ مخصوص پاسي موڙي ضرورت ۾ استعمال ڪجي ته نه رُڳو پيئڻ پر زرعي طور به استعمال ٿي سگهي ٿو ۽ اڳ ئي آسپاس پئدا ٿيندڙ اناج، مڪئي، ڪپهه، ڀاڄيون ۽ الفلفا ۾ ٻيڻو اضافو ٿي سگهي ٿو. هن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گُنجائش 44 ملين ڪيوبڪ ميٽر آهي. 2011 ۾ حُڪومت اهو ضروري سمجهندي باقاعده ٽينڊر به ڏِنا ته انهيءَ ڍنڍ کي هڪ ڊئم ٺاهيو وڃي پر اڃان تائين اُتي اهڙو ڪو ڪم ناهي ٿيو. جڏهن ته پلاننگ اها هُئي ته ڪم 2015 تائين مُڪمل ٿي وڃي ۽ قُدرتي وهڪري کي روڪڻ لاءِ مصنوعي رُڪاوٽون تعمير ڪيون وڃن. ڇو ته اها حقيقت آهي ته تُرڪي، جيڪو بحرِ روم واري پٽي تي پاڻي ۾ صدين کان پاڻ ڀَرو رهيو آهي تنهن جي گُذريل صدي جي ٻي اَڌ (1950ع کان 2000ع) تائين آبادي ٻيڻ تي وڌي آهي ڇو ته 1968ع ۾ جيڪا آبادي 28 ملين هُئي سا 2000 ۾ 68 ملين ٿي وئي ۽ اهڙي تناظر ۾ پاڻي جي ذخيرن ۾ به اڌو اڌ گهٽتائي آئي آهي. اڃان ايندڙ ڏهاڪي ۾ ته تُرڪي وارا وڌيڪ پريشان آهن ته پاڻي کوٽ ۾ شِدت ايندي. تنهنڪري اهڙا محفوظ ذخيرا ٺاهڻ ۾ رُڌل ته بهرحال هي آهي. اهو تجسس هو ته جڏهن سل کن کان پوءِ هي هڪ ڊئم ٿيڻو آهي ته پوءِ سئٽلائٽ تي هن جا نقش اڃان به ساڳيا ڇو آهن؟ انهيءَ تجسس کي سامهون رکي توڙي انهيءَ ڍنڍ جي نقش نقشا سنڌ سان ملڻ جهڙي قُدرت جي اهڙي عجيب اتفاق کي ويجهڙ ۾ وڃي ڏسڻ جو اتفاق ٿيو جو ”چشمه“ نالي شهر ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ وڃڻ بهاني انهي پاسي وڃي نڪتاسين. جنهن هوٽل ۾ رهائش هُئي انهي کان اها ڍنڍ لڳ ڀڳ ٽي کان چار ڪلوميٽر پري هُئي ۽ سواءِ ذاتي سواري جي ٻيو ڪو بندوبست نه هو جو اها وڃي ڏسجي پر شؤق هو ته هڪ عجيب اتفاق کي ايتري پنڌ تي وڃي نه ڏسڻ زيادتي چئبي. سج اُڀرڻ کان اڳ نڪري وڃي ويجهو پُهچي سج اُڀرڻ جو منظر اُتي ڏسي اکيون ٺريون. اهو به هڪ اتفاق چئبو جو سنڌ ۾ هوندي ڪراچي ۽ بدين ۾ رهڻ ٿئي ٿو هتي به اُنهي پاسي ئي وڃي سگهيس جتي نقشي ۾ ڪراچي واري ڪُنڊ ڏسبي آهي ۽ پنڌ هلي هيٺين پاسي وڃي سگهيس جتي بدين جي سامونڊي پٽي آهي. آساپاس جبلن جون ٽڪريون جن تي پن بجلي جا يونٽ جيئن پاڻ وٽ ٺٽا ۾ آهن. پر حيرت اها ٿي ته سواءِ ڍنڍ جي چوڌاري هڪ لوهي ڄار جي ديوار لڳائڻ جي ٻيو ڪو به ڪم ناهي ٿيو ڊئم جي تعمير لاءِ. شايد انهيءَ ڪري به ته جيئن اسان وٽ ڪالاباغ ڊئم جي مُخالفت انهيءَ بُنياد تي به آهي ته ماحولياتي مسئلا ٿيندا يا اهو پاڻي ڪڏهن آئوٽ آف ڪنٽرول به ٿي سگهي ٿو يا ڪي ٻيا سبب هُجن اها خبر خُدا کي ٻيو تُرڪن کي. پر اها حقيقت آهي ته هي هڪ عجيب و غريب اتفاق لڳو ته نه رُڳو نقش نگار پر ماحول به سنڌ ۽ سنڌ جي آسپاس وارو ڏسڻ ۾ آيو. سنڌ جي نقشي واري ڍنڍ ڏِسي واپس ايندي صبح جا 9 ٿي ويا. ڪانفرنس جو سيشن 10 بجي شروع ٿيو ٿي ۽ ناشتي جو بفي ان مهل ئي ختم ٿيو ٿي. ڪُجهه دير ساهي پٽي ۽ مسلسل هلندو رهڻ ڪري آيل پگهر سُڪائي ورتم. هاڻي جلدي ۾ ناشتو ڪري فارمل ڊريسنگ ڪري وڃڻو هو ڪانفرنس هال. جاري آهي. ٻي قسط ۾ ان ڪانفرنس جا تفصيل پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو. صبح سوير چشمه شهر کان اوڀر پاسي ڍنڍ جي سير لاءِ نڪرڻ مهل اُهي ڪُتا جن فقط ڊيڄاريو چشمه شهر کان ٻاهر نڪري وڃڻ کان پوءِ شهر جو نظارو چشمه شهر سامهون نظر ايندڙ جبل جي هُن پاسي هو. (وڏو پنڌ هو ان سير لاءِ) ڄامشورو جيان هتي به هوائن جو زور آهي جنهن جو ڀرپور فائدو وٺندو ڄڳهه ڄڳهه تي بجلي ٺاهڻ جا اهي پکا لڳل آهن. هتي جا سڀ جبل هنن سان ڀريا پيا هُئا. ڍنڍ تي پُهچڻ کان پوءِ ڍنڍ جو اهو پاسو جتي سنڌ جي نقشي ۾ اولهه پاسي ڪراچي (هاڪس بي) واري چهنب نما هڪ ڪنڊ ٺهيل آهي. ڍنڍ جو مٿيون پاسو جتي سنڌ جي نقشي ۾ جيڪب آباد آهي. ۽ پوءِ بلوچستان. واپس هوٽل پُهچي ناشتي جي ٽئبل تي. ڪاوش مڊويڪ ۾ ڇپيل اهو احوال
تمام سٺي لکني .... پر يار ڍنڍ تي ڪجهه وڌيڪ لکين ها .. مونکي اهو لڳو ته هن ڍنڍ تي ڪا خاص ترقي ناهي يا ڪا پڪنڪ پوائنٽ به ناهي؟ ڇا ايئن ئي هيو يا تصويرن ۾ لڳي رهيو آهي؟ باقي يار هوائن جي زور هوندي به اسان هوا جو فائدو ناهي ورتو ۽ ايتري اُس هوندي به ان اُس جو صحيح استعمال ڪري ناهيون سگهيا. وڏي ڳالهه ته نه ڪو ادارو آهي ۽ نه ئي ڪا اين جي او جيڪا ان ڏس ۾ مدد ڪري.
ادا اها ڍنڍ ڪا پڪنڪ پوائنٽ ناهي. اتفاق سان نقشو سنڌ جهڙو اٿس. تنهنڪري منهنجي دلچسپي جو باعث ٿي. ۽ ان بابت ضرورت جيترو لکيم. تُرڪي وارا انهيءَ جو ڊيم طوراستعمال ڪرڻ چاهين پيا جيڪو اڃان ناهي ٿيو. انرجي پروڊڪشن جا سور ته ڪيترا روئي ڪيترا روئجن؟؟؟
واه ڇا ته ترڪي خوبصورت آ، ان ملڪ جا ته روڊ به سٺا، سائين انجوا ڪيو ۽ پنهنجي سهڻي لکڻي ۽ خيال ونڊ ڪندا رهو.
هڪ فوٽو ۾ ڏيکاريل ڪُتا ٿوڙو ئي آهن، پلونگڙا آهن. ڪُتا ڏسڻا اٿئي ته انٽرويو ڏيڻ ايندين، تڏهن ڏيکاريندس. عبدالحفيظ لغاري