نظم ....... مينهوڳي جي مند وري آ ....... منصور ميراڻي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ منصور ميراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏28 آگسٽ 2014۔

  1. منصور ميراڻي

    منصور ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڪارا ڪارا بادل ڇانيا،
    مينهوڳيءَ جي مند وري آ،
    ڦڙيءَ ڦڙيءَ ۾ ساھ ڀريل آ.

    ٿڌڙو ٿڌڙو مينهن وسي ٿو،
    ڌرتيءَ جا سو گهاوَ ڀري ٿو،
    سائي سائي ساوڪ ٿي آ،
    مينهوڳيءَ جي مند وري آ،
    ڦڙيءَ ڦڙيءَ ۾ ساھ ڀريل آ.

    جذبن کي ڄڻ جان ملي آ،
    جنهن مهل ٿڌڙي هيل گهلي آ،
    ساجن جي ڀي ياد وري آ،
    مينهوڳيءَ جي مند وري آ،
    ڦڙي ڦڙيءَ ۾ ساھ ڀريل آ.

    رستن جا رولاڪ هي پنڇي،
    طرح طرح جا گيت چون ٿا،
    خاموشين ۾ رنگ ڀرين ٿا،
    تن سان منهنجي دل ڀي اڏري،
    منهنجي دل ڀي خوب چري آ،
    مينهوڳيءَ جي مند وري آ،
    ڦڙيءَ ڦڙيءَ ۾ ساھ ڀريل آ.

    خوب اٿي مٽيءَ جي خوشبو،
    واسي وئي آ پوري منڊل کي ،
    ساھ ساھ سرهاڻ بڻيو آ،
    گلي گلي اڄ سونهن ڀري آ،
    مينهوڳيءَ جي مند وري آ،
    ڦڙيءَ ڦڙيءَ ۾ ساھ ڀريل آ.

    ڳوٺ ڳوٺ ۾ گاھ ڦٽا هن،
    سرتين ٽلندي گيت چون ٿيون،
    اوطاقن ۾ ميل مچن ٿا،
    ڏورون ڪي مهمان اچن ٿا،
    مند سڄي ملهار ٿي وئي آ،
    مينهوڳيءَ جي مند وري آ،
    ڦڙيءَ ڦڙيءَ ۾ ساھ ڀريل آ.

    ماڻهن سان گڏ کيت به وهنتا،
    باغ گلن جا مرڪي مهڪيا،
    مکڙي مکڙي ڦول ٽڙيا هن،
    پوپٽ، ڀونورا خوب ڀريا هن،
    ڀونءَ سڄي بهار ٿي وئي آ،
    مينهوڳيءَ جي مند وري آ،
    ڦُڙيءَ ڦڙيءَ ۾ ساھ ڀريل آ.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پوپٽ، ڀونورا خوب ڀريا هن،
    ڀونءَ سڄي بهار ٿي وئي آ،
    مينهوڳيءَ جي مند وري آ،
    ڦُڙيءَ ڦڙيءَ ۾ ساھ ڀريل آ.

    پيارا منصور تمام سهڻو نظم .... دل جو آواز
     
  3. منصور ميراڻي

    منصور ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو
    پيار سائين مونکي ڏاڍي خوشي ٿي جو اوهان کي هي نظم پسند آيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو