سنڌ جي نوجوانن کي اڳتي اچڻ گهرجي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ايم ملوڪ درس طرفان آندل موضوعَ ‏30 آگسٽ 2014۔

  1. ايم ملوڪ درس

    ايم ملوڪ درس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم اوتڻ
    ماڳ:
    اڇڙو ٿر ويجهو کپرو شهر
    سنڌ جي نوجوانن کي اڳتي اچڻ گهرجي

    جتي قومون ترقي ڪري رهيون آهن اتي نوجوان پنهنجو پاڻ ملهائي رهياآهن. پر اسان جي سنڌ جي نوجوان ڏينهون ڏينهن پوئتي پئجي رهيا آهن.پر اسان جي سنڌجي نوجوان اڄ ڪلهه جي هن فاڪاڪشي جي دور ۾ توهان کي هوٽلن ،جوا جي اڏن ،۽ فالتو وقت گذارڻ ۾ ملندو. اڄ جي نوجوان تي اگر والدين ذميواريون ڏئي ٿو. ته پوءِ نوجون ان کي ٺڪرائي ٿو .اڄ جو نوجوان ، بيروزگاري ، بک، بدحالي، جي ڪري پنهنجا ڪومل جذبن کي دفن ٿو ڪري.اهڙن نوجوانن کي نڪرڻو پوندو سرڪاري نوڪري تي ڀاڙي ويهڻ تمام غلط آهي. اڄ جي نوجوان کي پنهنجو پاڻ مڃائڻو آهي. ته پوءِ ،مسڪين جهان کوسو ، عثمان ڏيپلائي، حيدر بخش جتوئي،سيد الهندو شاه،مير باگو خان ٽالپر، نور محمد هاءِ اسڪول جو باني نور محمد لاکير ، ۽ مخدوم غلام حيدر ، ٿيڻو پوندو،جهڙن عظيم هيرن جيان پنهنجو پاڻ مڃائڻو آهي.اڄ جي نوجوان ۾ گهڻو ٽئنلنٽ هجڻ جي باوجود اڄ جو نوجوان پنهنجي پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري ٿو.اڄ جي نوجوانن کي گهرجي ته سنڌ جي حقن لاءِ آواز بلند ڪري ڇو ته سنڌ جو مستقبل نوجوانن جي هٿ م آهي، سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي م ڌاريا قابض ٿي رهيا آهن.نوجوانن کي گهرجي ته نوجوان صوبي ليول،ڊويزن ليول، ڊسٽرڪ ليول تعلقي ليول ۽ يوسي ليول تائين اهڙا فورم ٺاهڻ کپن جو پنهنجي حقن جي حاصلات سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتيون ناانصافي هن کي پنهنجو حق وٺي ڏيڻ لاءِ اڳتي ميدان تي اچن .سنڌ صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي .گئس، پئٽرول، تيل، سون، ميٽ چيني ڪوئلو ، ڪپهه ، ڪمند ، ساريون ۽ ٻيو سڀ ڪجهه سنڌ ڌرتي تي اپي ٿو .ان جي باوجود اسان سنڌي ماڻهو بک بدحالي جو شڪار آهيون.سنڌ جي راجڌاني واري شهر ڪراچي ۾ اڄ سنڌي ماڻهو جو رت وهايو پيو وڃي،سنڌ شاه لطيف ۽ سچل جو پيغام آهي ،سنڌ اها هڪ ڏنل الله پاڪ جو تحفو آهي، سنڌي شاگردن کي ڪراچي ۾ داخله نٿي ملي،سنڌي ۾ پهڪو آهي ( آئي ٽانڊو کڻڻ ٿي وئي گهر ڌڃاڻي )ڪالهه آيا آهن . اڄ پنهنجي پاڻ کي والي سمجهن ٿا. نوجوانن کي گهرجي ته ٿيندڙ زيادتين جو اگر انصاف وٺڻو آهي،ته اڳتي نڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ،محنت ،جدوجهد ،ڪوشش ڪرڻي پوندي،هاڻي سنڌ ڌرتي تي ڌارين کي قابض ٿيڻ نه ڏبو.هاڻي سنڌ جون واڳون نوجوانن جي هٿ ۾ آهن،هاڻي انهن ڀوتارن جو ٽائيم ويو جن هن سنڌ جي مظلوم۽ محڪوم کي پيڙهيو.هاڻي انهن کي ٻڌائڻ ٿا ، چاهيون ته اوهان سنڌ سان جيڪو قهر ڪلور ڪيو آهي ان جي پائي پائي جو حساب ڏيڻو پوندو .ڪراچي ان سنڌ جي نوجوانن جي آهي .جيڪي هاڻي هڪ فورم کڻي ميدان ۾ لٿا آهن، هاڻي سنڌي ماڻهن جو رت وهائڻ بند ڪيو ،هاڻي اها دهشتگردي نه هلندي، هاڻي هر قدم هر گهٽي واهڻ وستي تي امن زنده باد جا نعرا هوندا .
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو