ڪاري گوورڌن محبوباڻي ......... هي هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي آهي، جيڪا پنهنجي عزت بچائڻ باوجود ڪاري ٿي مري. جيئن اسان جي اڄُوڪي سنڌ ۾ عورت کي ڪاري ڪري مارڻ جي روايت آهي. هن ڪهاڻي ۾ به اهو ئي ٻڌايو ويو آهي ته شڪ جي بنياد تي ڪيئن سندس مڙس هن جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ٿو ڇڏي. جيڪا ڄڻ ته سڄي ڳوٺ جو نڪ هوندي آهي. ........ خدا ڄاڻي، ڇوريءَ ايڏو حسن الائي ڪٿان آندو هو! سندس هر حرڪت ۾ مستي هئي، هر ادا ۾ جادو. خبر ناهي انساني اولاد هئي يا پريءَ پيٽان ڄائي هئي! شام جو مٿي تي کير جي چوئنري ۽ سنهڙيءَ چيلهه تي ڏائو هٿ رکي، ٽلندي ٽمڪندي، کلندي مرڪندي، ڳوٺ مان لنگهندي هئي ته ويچارن ڳوٺاڻن جي بيوس دلين مان ڄڻ بجليءَ جي لهر ڊوڙي ويندي هئي. پيرن کان چوٽيءَ تائين سندس انگ انگ ۾ عجيب ڪشش ڪهئي. شايد مالڪ واندڪائيءَ ۾ ويهي سندس جسم گهڙيو هو. ڪمال هو، سندس ڪارا ڪارا وار واسينگ جيان سندس ويڪرن ڪلهن تي پيا جهولندا هئا. سندس مرڪريون آبدار اکيون اشارن ئي اشارن ۾ ڪا مٺڙي ٻولي پيون ٻولينديون هيون ۽ سندس تنگ چولي مان اڀريل تازو ڦٽل جواني پئي ڇلڪندي هئي، ته ويچارا ڳوٺاڻا آهون ڀريندي ئي رهجي ويندا هئا. نڀاڳي الائي ڪٿان چورائي آئي هئي اها مست جواني! سندس نالو هو پٺاڻي. شادي ڪئي ٻه مهينا مس ٿيا هئس. ٻروچڻ هئي. سندس خاوند پير بخش کيس ساڍن ٽن سون ۾ ڳنهي آيو هو. ساڍا ٽي سئو ڪا معمولي رقم ڪا نه هئي. هن غريب ڌنار ست سال رت ست ڏيئي ساڍا ٽي سئو ميڙيا هئا. پر ايڏي مالي هن پٺاڻيءَ لاءِ هڪ ئي ڏينهن ۾ ڏيئي ڇڏي. ان هوندي به هو نفعي ۾ هو. ڇو ڪين؟ جڏهن دوستن جي وچ ۾ ويهي پنهنجي شاديءَ جو ذڪر ڪندو هو، تڏهن سندس يار مٿس رشڪ کائيندا هئا. ”خبر ناهي، بلبل ڪيئن ڪاري ڪانوَ جي وَر چڙهي ويئي!“ هو حسد وچان چوندا هئا. ان وقت پيرو فخر وچان مشڪي پنهنجي لنبي مُڇ وٽڻ شروع ڪندو هو. سچ پچ پٺاڻيءَ جي اچڻ کان پوءِ پيروءَ جو بخت کليو هو. سندس ڪمائي به چئوڻي ٿي چڪي هئي. ٿيندي به ڇو نه؟ اڳ جڏهن پيرو پاڻ کير وڪڻندو هو، تڏهن روز ڪنهن نه ڪنهن سان آڪڙبو ضرور هو. سڀاءُ ئي اهڙو هوس. خسيس ڳالهه تي جوش وٺي ويندو هوس ۽ پنهنجا پڪا پڪا گراهڪ به ڦٽائي ڇڏيندو هو. پر پٺاڻيءَ ۾ تندي ڪا نه هئي. هن ۾ ميٺاج هو. عجيب ميٺاج! هر گراهڪ سان هوءَ مشڪي ڳالهائيندي هئي، ڏاڍو نئڙت ڀريو وهنوار ڪندي هئي. ڳوٺاڻا هن جي مُرڪ تي مشتاق هئا. ويچارو ڇٽل ڪوري ته سويلي ئي ڪم ڪار لاهي، در جي چائنٺ تي ويهي، ان رسيليءَ پٺاڻيءَ جو ٻه – ٽي ڪلاڪ انتظار ڪندو هو. اهي ٻه – ٽي ڪلاڪ هو الائي ڪيئن گذاريندو هو، ۽ پٺاڻي جڏهن ڊيل جيان ٽلندي ڏانهس ايندي هي، تڏهن سندس پيل سڪل منهن گلاب جي گل وانگر ٽڙي پوندو هو. پر پٺاڻي ته کيس کير چڪو ڏيئي، مرڪي، کن پل ۾ هلي ويندي هئي ۽ ويچارو ڇٽل دل تي هٿ رکي، وات ڦاڙي، اتي ويٺو ئي رهجي ويندو هو. گهٽ تعدي خميسي درزيءَ سان به ڪا نه هئي، جڏهن پٺاڻي لڏندي ڪڏندي سندس دڪان ڀرسان لنگهندي هئي، تڏهن ٻروچڪي گهاگهري جي لوڏ ڏسي، ويچاري خميسي جي ڪئنچي هٿن ۾ کليل ئي رهجي ويندي هئي. درد جو ماريو اکيون ڇنڀيندو هو، هلڪي کنگهڪار ڏيندو هو – پر پٺاڻي ڏانهس نهاريندي به ڪين هئي. هار کائي خميسو خارن وچان لنبين مڇن کي وات ۾ دٻائي، چپ کي چڪ پائي ڀُڻ ڀُڻ ڪندو هو. ”ظالم ڪٿي جي! نڀاڳي اک کڻي نهاري به نه ٿي.“ پر وئل هو ويچاري عثمان سا. بيڪار انسان هو. آفيم کائي، سڄو ڏينهن ڳوٺ جي ننڍڙيءَ بازار ۾ ڪٿي نه ڪٿي، روڳي ڪتي وانگر پيو هوندو هو. پر شام جو جڏهن پٺاڻيءَ جي پيرن جي آهٽ ٻڌندو هو، تڏهن هڪدم اٿي کڙو ٿيندو هو. ليڪن اڃا پنهنجي وڏي پڳ سنڀالي مٿي تي رکندو به ڪين هو، ته پٺاڻي نانگڻ وانگر وراڪو ڏيئي الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويندي هئي، ۽ هو زهر کاڌل انسان جيان لڇندو ڦٿڪندو، وري آفيم ذري کائي ليٽي پوندو هو. ڪرمپور جو ننڍڙو ڳوٺ، جتي سڄو ڏينهن ماٺائي ۽ موڳائي لڳي پيئي هوندي هئي، اتي پٺاڻيءَ جي مرڪ ماڻهن جون دليون بهار بهار ڪري ڇڏيندي هئي. ان ننڍڙي ڳوٺ ۾، جتي ساٺيڪو گهر مس هئا، مان اسڪول ماستر هوس. شام جو ڳوٺ جي ٻاهران چڪر هڻي، ڏيئن ٻرئي اچي اسڪول جي ڀرسان پنهنجيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ ويهندو هوس. اوڏيءَ مهل پٺاڻي به ٻين کي کير پهچائي، مون وٽ ايندي هئي. اها ئي مرڪندڙ پٺاڻي، اهائي چنچل ۽ چلولي پٺاڻي. مان کانئس اڌ سير کير وٺندو هوس. پر ان لاءِ هوءَ اڌ ڪلاڪ لڳائيندي هئي. پهرين اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪندي هئي. ڪڏهن مڙس جي شڪايت ته ڪڏهن ڌڻ جي پچار. پوءِ مس مس ڪري ٻه لوٽيون کير جون ڀري ڏيندي هئي ۽ آخر ۾ چپن تي مٺڙي مرڪ آڻي، معصومن وانگر اکڙيون ٽمڪائي، مذاق ڪندي موٽي ويندي هئي پنهنجي بستيءَ ۾. سندس بستي منهنجي اسڪول جي پٺئين پاسي هئي. اتي ويهارو کن گهر هئا ٻروچن جا. پٺاڻي شايد جادوگرڻي هئي، جو ماڻهن کي هڪ ئي مرڪ سان موهي کين پنهنجي وس ڪري ڇڏيندي هئي. هوءَ هميشه مرڪندي هئي. انهن ٻن مهينن جي عرصي ۾ مون ڪڏهن به سندس چهري تي ذرا به غمگيني نه ڏٺي. البته هڪ ڏينهن هوءَ مون وٽ ڪجهه دير سان آئي. ڏٺم ته سندس چپن تي اها موهيندڙ مرڪ ڪا نه هئي. نهايت گنڀير پئي لڳي. ايندي ئي مون کي اڌ سير کيرڏنائين ۽ چپ ڪري بيهي رهي. مون حيرت مان پڇيو ته ”پٺاڻي! منهن ڇو سڄايو اٿئي؟“ هن نڪو جواب ڏنو، نه وري اتان چُري. مان پٺاڻيءَ جي غمگينيءَ جو سبب ٺيڪ طرح سمجهي نه سگهيس. تڏهن به شڪ پيم. پڇيومانس، ”پٺاڻي! ڳالهائين ڇو نه ٿي؟ پيروءَ مار ڪڍي اٿئي ڇا؟“ ”مار ڇو ڪڍندو؟“ مس مس پٺاڻي چپ چوريا. ”ته پوءِ ڏيڏريءَ وانگر ڦوڪي ڇو بيٺي آهين؟“ مون مذاقي نوع ۾ پڇيو. پٺاڻي پهرين ٿورو منجهي پر پوءِ چيائين، ”سائين! وڏيري کي سمجهائي ڇڏيو.“ ”ڇا سمجهايانس؟“ مون عجب مان پڇيو. پٺاڻي وري به ٿورو هٻڪي. پر پوءِ جوش مان چيائين، ”مالدار آهي ته پنهنجي لاءِ آهي. اسين برابر غريب آهيون، پر عزت اسان کي به پياري آهي.“ هاڻي ڳالهه ڪجهه ڪجهه منهنجي سمجهه آئي. پر تڏهن به اڻڄاڻن جيان پڇيم، ”ڇو ڇو؟ ڇا ٿيو آهي پٺاڻي؟“ پٺاڻي ڪنڌ جهڪائي غصي ۾ چيو، ”خبر ناهي، سائين! هيءَ وڏا ماڻهو اسان غريبن کي سمجهڻ لاءِ الائي ڇا ٿا؟ مون کي پنهنجو خاوند آهي، خدا قسم! مان اهڙن وڏيرن کي ٿڪ هڻي به نه پڇان.“ پٺاڻيءَ جو جوش به مزيدار هو. مون کان کل نڪري ويئي. مون ذرا طعني سان چيو، ”پر پٺاڻي، ان ۾ هن غريب جو ڪهڙو ڏوهه؟“ ”ڇو“؟ پٺاڻيءَ پڇيو. مون وراڻيو، ”پٺاڻي! تون به ته مڏيءَ ڪاتيءَ سان ڪُهي رهي آهين. ڪڏهن آئيني ۾ پنهنجي صورت ڏٺي اٿئي؟“ ”هون! مان کڏ م وجهان آئيني کي، باهه ڏيان صورت کي.“ پٺاڻيءَ شوخ ٿي، نهايت وڻندڙ ادا سان بدن کي لوڏي چيو. پر ان شوخيءَ ۾ مرڪ لڪل هئي. هن آهستي آهستي پنهنجي نرم چپن کي چڪ پائي مرڪ کي روڪي وڌو ۽ پنهنجي چمڪندڙ نيڻن کي ڏاڍي ناز سان کڻي جهڪايائين. هوءَ حسين هئي. سارو ڳوٺ مٿس مفتون هو، ان جي کيس به ڄاڻ هئي. هن کي به پنهنجي حسن تي ناز هو. پوءِ پنهنجي ساراهه ٻڌي هوءَ ڪيئن نه مرڪي؟ ٻئي ڏينهن پٺاڻيءَ کي ڏٺم ته اها ئي پٺاڻي هئي – هرڻيءَ جيان چلولي ۽ چنچل. گلاب جي گل کان وڌيڪ موهيندڙ پر اڃا هفتو به ڪين گذريو، جو هڪ ڏينهن مون هن جي جادوءَ ڀري مرڪ وري اداسيءَ جي چادر ۾ لپيٽيل ڏٺي. ان ڏينهن هوءَ نهايت غمگين هئي. مون وٽ آئي. ڪجهه ڪڇڻ بنا اڌ سير کير ڏيئي، پنهنجي بستيءَ ڏي وڃڻ لڳي. مان حيران ٿي ويس. سمجهي نه سگهيس ته ڪهڙي ٻري آئي هئي هن غريب تي! آخر سڏ ڪيومانس، ”پٺاڻي! پٺاڻي! ڳالهه ته ٻڌ!“ هوءَ ڪين بيٺي. لاچار قسم ڏنومانس، ”ترس پٺاڻي! پيروءَ جو سنهن اٿيئي، بيهه اتي!“ هوءَ بيهي رهي، پر مون ڏي منهن نه ورايائين. نزديڪ وڃي ڏٺم ته نيڻن مان لڙڪ لڙي رهيا هئس. ڳنڀير ٿي پڇيومانس، ”ڇو پٺاڻي! وري وڏيري ڪجهه چيئه ڇا؟“ پٺاڻيءَ جي ڳوڙهن جو گويا بند ٽٽو. سڏڪا ڀري چيائين، ”سائين! مون کي ڪل ڪا نه هئي ته ڳوٺ جو ابو به ڪو اهڙو ڪميڻو هوندو.“ مون اتاوليءَ مان پڇيو ته ”ڇو، ڇا ٿيو آهي؟“ پٺاڻيءَ ڳوڙها اگهي، جوش مان چيو، ”کير وڪڻڻ ٿي وڃان، پنهنجي عزت وڪڻڻ ڪين ٿي وڃان. بدمعاش ڪٿي جو! سمجهي الائي ڇا ٿو؟ کير ڪين ٿو خريد ڪري، پر مون کي ٿو ملهه ڳنهي. بي حيا! ايترو به نه ٿو ڄاڻي ته چرچي جي به آخر حد ٿيندي آهي. کليو کلايو، سڀني جي منهن تي جيڪي ٿو اچيس سو ٿو وڦلي!“ ائين چئي، پٺاڻي وري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. مون هن جي ڀنل نيڻن ۾ نهاريو. ان ڏينهن مون کي معلوم ٿيو ته پٺاڻي جيتري حسين ۽ دلڪش هئي، اوتير ئي غيرتمند پڻ. مون چيو، ”پٺاڻي ٻار آهين ڇا؟ روئين ڇو ٿي؟ بس ڪر! اڄ مان پاڻيهي وڏيري کي منع ڪندس.“ ”منع ڪريوس يا نه،“ پٺاڻي. ڏکاري آواز ۾ چيو، ”مان هاڻي کير وڪڻڻ لاءِ ڳوٺ ۾ هرگز نه اينديس.“ مون مذاقي نوع ۾ چيو، ”ائين نه ڪر پٺاڻي! تون نه اينديءَ، ته ڳوٺ جي نزاڪت ئي اڏامي ويندي.“ پنهنجي ساراهه ٻڌي، هوءَ اڳي جيان مشڪي ڪين. ويتر ناراض ٿي چيائين، ”توهين به ٿا ائين چئو؟“ ان هڪ سٽ ۾ اها تنبيهه هئي، جو مان چپ ٿي ويس. پٺاڻي هلي وئي پر مان اتي ئي بيٺو رهيس. سوچڻ لڳس: پٺاڻي غريب ڪيڏي نه شريف آهي، ۽ وڏيرو......؟ هو ته وڏو ماڻهو ٿيو. الائي ڇو وڏن ماڻهن کي غريبن جي خوشين سان کيڏڻ ۾ مزو ايندو آهي! منهنجا پير ازخود وڏيري جي اوطاق ڏي وڌڻ لڳا. مان ماستر هوس. ڳوٺ جي سڀني ماڻهن تائين منهنجي هلندي هئي. سڀ منهنجي عزت ڪندا هئا. سوچيم، وڏيري کي سمجهائيندس ته سمجهي ويندو. پر وڏيرو ته وڏيرو ئي نڪتو. منهنجي ڳالهه ٻڌي، ڏند ڪڍي لڳو ٽهه ٽهه ڪرڻ، جهڙو حيوان، پوءِ مون ڏي نهاري چوڻ لڳو، ”واهه ماستر صاحب واهه، زوراور! مون ته کڻي ڇوريءَ سان چرچو ڪيو. هن الائي ڇا سمجهيو؟ پر هونئن به اڄ ڪلهه ڇوريءَ جو دماغ چوٽ چڙهندو ٿو وڃي. پاڻ کي سمجهي الائي ڇا ٿي. اسان جي راڄ ۾ رهي اسان جون گلائون ٿي ڪري. ڪمذات ڪٿي جي. پر ماستر صاحب، مون ته ساڻس چرچو ڪيو، خسيس چرچو.اعتبار نه اچيو ته جمن کان پڇجو. هو به اوڏيءَ مهل هتي بيٺو هو.“ مان چپ چاپ موٽي آيس، پر وڏيري جا لفظ منهنجي ڪنن ۾ گونجندا رهيا. ”واهه خسيس چرچو.“ مان سوچڻ لڳيس: هي وڏا ماڻهو به ڪهڙا نه عجيب آهن. غريبن جي عزت وٺڻ به هنن لاءِ وندر آهي. خسيس چرچو آهي. سوچيندي سوچيندي مان اچي اسڪول جي پٺيان وهندڙ واهه جي ننڍڙيءَ پل تي ويٺس، ۽ خبر ناهي ڪيتريءَ دير ويچارن جي وهڪري ۾ وهندو رهيس. اوچتو سامهون ٻروچن جي بستيءَ مان گوڙ شور جي آواز منهنجي خيالن جو سسلو ٽوڙي وڌو. دل ڌڙڪڻ لڳي. ڪنهن اپسوڻ جا آثار نظر اچڻ لڳا. تڪڙي تڪڙي وک کڻندو. اچي پيروءَ جي جهوپڙيءَ ڀرسان پهتس اتي ڇا ڏٺم....؟ ٿورڙو پري ٻروچن جو ميڙاڪو مڙيل هو ۽ پيرو پٺاڻيءَ کي وارن کان گهلي کيس ڪهاڙيءَ جي ڳن سان ڪُٽي رهيو هو. مون ڊوڙي سندس ٻانهن جهلي جنهن تي ”چريو ٿيو آهين ڇا پيرو! هن مسڪين کي ڇو ٿو مارين؟“ مون وچ ۾ نه پئو، ماستر!“ پيروءَ ڀرون تاڻي ورجايو. ”اڄ مان هن حرامزاديءَ کي سڌو جهنم اماڻيندس. ڪُتي ڪنهن جاءِ جي! کليءَ بزار مان چيلهه لچڪائيندي، اکيون مچڪائيندي ٿي لنگهي. گري گنجي سان چرچا مسخريون ڪندي وتي. اڄ ته وڏيري سان.....؟“ مون اتاوليءَ مان چيو، ”پيرو! گمراهه نه ٿيءُ، پٺاڻيءَ جو ڪو قصور ڪونهي.“ منهنجي سمجهاڻيءَ اٽلو باهه تي تيل جو ڪم ڪيو. ٻروچڪي رت ۾ ٽهڪو آيو. ٽانڊن جهڙيون لال لال اکيون ڦوٽاڙي پيروءَ رڙ ڪئي، ”هٽي پري ٿيءُ! مون کي سڀ خبر آهي. جمن مون سان سربستي ڳالهه ڪئي. “ائين چئي، ٻانهن ڇڏائڻ لاءِ هن زوردار جهٽڪو ڏنو. مان ٿيڙ کائي وڃي پري ڪريس. ان وچ ۾ پٺاڻي اٿي، ڀڄي پاڻ ڇٽڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پيروءَ هٿ وڌائي کيس وارن کان پڪڙي ورتو ۽ لاپرواهيءَ سان پنهنجي تيز ڪهاڙي ڦيرائي هن جي ڳچيءَ تي وهائي ڪڍيائين. ”هيٺ رن جي ڌيءُ! مَرُ اتي!“ دانهن ڪري پٺاڻي پٽ تي ڪري پيئي. هن جي ڪنڌ وٽان خون جو ڦهارو وهي ڇٽو ۽ زخمي ڪبوتر وانگر ڦٿڪي ڦٿڪي هوءَ اتي ئي پئجي رهي. اهي مٺڙا نيڻ هميشه لاءِ سمهي پيا. اهي واسينگ وار خون سان آليءَ مٽيءَ ۾ تر ٿي ويا. اها چست ۽ مست جواني منٽن ۾ مرجهائجي وئي. ويچاريءَ پٺاڻيءَ پنهنجو چمڪندڙ چهرو خاڪ ۾ ائين لڪائي ڇڏيو، ڄڻ کيس اسان لاءِ نفرت هئي.