انهيءَ ٽي وي چئنل جا مالڪ سيٺ ببلو بوتل والا ۽ سيٺ ڪمالو ڪانچ والا پبلڪ ۾ پاپولر ٿي ويل ”ڌرڻا شو“ جي ختم ٿيڻ جي خبرن ڪري سخت پريشان آهن. کين اميد هئي ته اهو ”ڌرڻا شو“ اڃا ڪيترائي ڏينهن جاري رهندو ۽ سندن ڪمائي به جاري رهندي ، پر ”ڌرڻا شو“ جي ڪردارن کي ”پيڪ اپ“ جو اشارو ملڻ سان ئي سيٺ بوتل والا ۽ سيٺ ڪانچ والا اوچتو شروع ٿيل ڪمائيءَ جي اوچتو بند ٿيڻ جي صدمي ۾ وٺجي ويا آهن. هو بند ڪمري ۾ ڪمائيءَ جو ڪو نئون طريقو ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ ڪمري کان ٻاهر ڪيترائي ملازم ، ملازمت وڃڻ جي خوف ۾ مبتلا آهن، جو کين اوچتو شروع ٿيل ”ڌرڻا شو“ جي ڪري ، اوچتو نوڪري ملي وئي هئي ۽ هاڻي اهي ملازم اوچتو ملي ويل نوڪريءَ جي اوچتو ختم ٿيڻ جي خطري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. پئسو ته سيٺ ببلو بوتل والا ۽ سيٺ ڪمالو ڪانچ والا جي هٿن جي ميرُ آهي ، پر هو ٻئي لڳاتار پئسو ميڙي ئي فرش کان عرش تائين پهتا آهن، انڪري هو هڪڙو پئسو به پنهنجي هٿن مان وڃڻ ڪونه ڏيندا آهن ۽ ”ڌرڻا شو“ ته ڪروڙن جو ڪاروبار آهي! تنهن ڪري ڪمري اندر ٻئي سيٺ صدمي ۾ مبتلا آهن ۽ ڪمري ٻاهران ڪيترا ملازم نوڪري وڃڻ جي خطري ۾ مبتلا آهن. ببلوبوتل والا ڪنهن زماني ۾ خالي بوتلن جو ڪاروبار ڪندوهو. انهيءَ زماني ۾ ئي ڪمالو ڪانچ والا ڀَڳل بوتلن جي شيشن جو ڪاروبار ڪندو هو. پوءِ ٻئي بزنس پارٽنر بڻجي ويا. هو ٻئي بوتل گليءَ کان وڃي امپورٽ ايڪسپورٽ جي ڪاروبار تائين پهتا ۽ سيٺ بڻجي ويا. هاڻي هو خالي بوتلن ۽ ڪانچ ، يعني شيشي جي ٽـُڪرن جو ڪاروبار ناهن ڪندا، پر ٻين ڪيترن ڪاروبارن سان گڏ ”ڀريل بوتلن“ جو ڪاروبار به ڪندا آهن. سيٺ ببلو بوتل والا کي ڪاروباري خبرن کان سواءِ هر قسم جي خبرن کان چِڙَ هئي ، انڪري جڏهن هن ٽي وي چئنل کولڻ لاءِ سوچيوهو ته ان مهل ئي اهو به سوچي ڇڏيوهئائين ته سندس ٽي وي چئنل تان ڪاروباري خبرن کان سواءِ ڪڏهن به ڪا ٻي خبر ٽيليڪاسٽ نه ٿيندي. سيٺ ببلو بوتل والا جڏهن اها ڳالهه پنهنجي بزنس پارٽنر سيٺ ڪمالو ڪانچ والا سان ڪئي هئي تڏهن سيٺ ڪانچ والا ، سيٺ بوتل والا تي ڪاوڙجي پيو هو. سيٺ ڪانچ والا پنهنجي نڪ تي رکيل عينڪ کي ٿورو وڌيڪ هيٺ ڪري ، عينڪ جي شيشن مٿان سيٺ بوتل والا کي اکيون ڏيکاريندي چيو هو، ”جيڪڏهن ٽين عالمي جنگ لڳي پئي ته اها خبر به نشر نه ڪندين!؟“ سيٺ بوتل والا انڪار سان ڪنـڌ لوڏي چيو هو، ”ٽين عالمي جنگ لڳي يا دنيا جو گولو ٽي ٽـُڪرَ ٿي پوي ، پر مان ڪابه خبر هلڻ نه ڏيندس .“ ان مهل ئي ٽيليفون جي بيل وڳي هئي ته سيٺ بوتل والا رسيور کڻي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شيئرز جي لاهين چاڙهين جون خبرون پڇڻ شروع ڪري ڇڏيون هيون ۽ سيٺ ڪانچ والا سوچ ۾ پئجي ويوهو. کيس لڳو هو ته سيٺ بوتل والا پنهنجي ۽ سندس سڄي زندگيءَ جي ڪمائي ڌوڙ ڪرائي ڇڏيندو ۽ هو ٻئي وري واپس بوتل گلي وڃي خالي بوتلن ۽ ڀَڳل شيشن جو ڪاروبار ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا! سيٺ ڪانچ والا جي گُهنجيل مُنهن تي وڌيڪ گُهنج پئجي ويا. سيٺ بوتل والا اسٽاڪ مارڪيٽ جون خبرون چارون وٺي ٽيليفون جو رسيور واپس رکيو ته سيٺ ڪانچ والا فڪرمنديءَ سان چيوهو، ”ٽين عالمي جنگ يا دنيا جي گولي جا ٽي ٽـُڪر ٿيڻ جهڙيون ڪمائيءَ واريون خبرون به نه ڏيندين ته پوءِ اسان مال ڪيئن ميڙينداسين!“ بوتل والا مـُرڪي چيوهو، ”ڪانچ والا! اسين امپورٽيڊ مال وڪرو ڪري مال ميڙيندا آهيون. اسان پنهنجي چئنل تي به امپورٽيڊ مال وڪرو ڪنداسين ۽ مال ميڙينداسين.“ ڪانچ والا کي بوتل والا جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هئي. سندس وڌيڪ گـُهنجيل مُنهن تي اڃا به وڌيڪ گـُهنج پئجي ويا هئا. بوتل والا چيو هو، ”توکي خبر آهي ته مال ميڙڻ لاءِ منهنجو دماغ بوتل جي جـِنَ وارو ڪم ڪندو آهي!“ ڪانچ والا چُنجهيون اکيون ڪري غور سان بوتل والا ڏانهن ڏٺو هو ته بوتل والا وري چيو هو، ”اسان پرڏيهي ڊراما سستي اگهه تي امپورٽ ڪنداسين ۽ مال ميڙينداسين.“ ڪانچ والا جي سنهڙن چپن تي مُرڪ اچي وئي هئي ۽ هـُن چُنجهين اکين سان بوتل والا ڏانهن ڏسي نعرو هنيو هو، ”جنداباد ... جنداباد سيٺ بوتل والا!“ انهيءَ چئنل تان ڪاروباري خبرن کان سواءِ ڪڏهن به ڪا ٻي خبر نشر نه ٿي هئي. بوتل والا ۽ ڪانچ والا امپورٽيڊ بوتلن جيان امپورٽيڊ پروگرامن وسيلي مال ميڙي رهيا هئا ، جو اوچتن ڌرڻن سبب رنگا رنگي روڊ شو شروع ٿي ويا. سيٺ بوتل والا کي اِها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته انهن ڌرڻن ۾ رنگن ، روشنين ۽ موسيقيءَ سان گڏ فنڪارن جي لائيو پرفارمنس به موجود آهي ، تنهن ڪري انهن ڌرڻن جي ڪوريج ڪاروبار لاءِ ڪمائيءَ جو سسب بڻبي ، تڏهن هـُن ”ڌرڻا شو“ جي نالي سان پروگرام نشر ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ”ڌرڻا شو“ شروع ڪرڻ کان پوءِ بوتل والا ۽ ڪانچ والا خوب مال ميڙيو. ٻنهي سيٺين چاهيو ٿي ته اهو ”ڌرڻا شو“ سدائين جاري رهي ، پر ”پيڪ اپ“ جي آواز سندن ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي . هاڻي هو ٻئي بند ڪمري ۾ مال ميڙڻ جو ڪو نئون طريقو ايجاد ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ ڪمري ٻاهران ڪم کان واندا ٿي وڃڻ جي خوف ۾ مبتلا ملازم انتظار جي ٽياس تي ٽنگيل آهن ته ساڊا ڪِي هوگا ڪاليا...! اوچتو ڪمري جو بند ٿيل دروازو کـُليو. سيٺ ڪانچ والا ۽ سيٺ بوتل والا، بوتل جي جِنَ جيان ڪمري کان ٻاهر نڪري آيا. بوتل والا ملازمن ڏانهن ڏسي چيو، ”اسان فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن موجوده ڌرڻا شو ختم ٿي ويو ته انهيءَ ختم ٿيندڙ شو تي تبصرن لاءِ اڄ کان اسان هڪ نئون ٽاڪ شو شروع ڪنداسين ۽ اهو ٽاڪ شو اُن وقت تائين هلندو رهندو ، جيسين ڪنهن نئين ڌرڻا شو جي شروعات ٿئي!“