ذوالقرنين شاهه آئون گهڻن ماڻهن سان مليو آهيان، جيڪي لطيف سائين جا بيت غلط پڙهن ٿا ۽ غلط لکن ٿا. ڪارلائل چوي ٿو ڪنهن وڏي شاعر جي هڪ بيت Poem مان هڪ لفظ به هدف ڪيو وڃي ته ان عمل سان ان شعر جو روح مريو ٿو وڃي. اهو بلڪل صحيح آهي پر افسوس جو اُهي لکيل پڙهيل ماڻهو چوندا آهن ته لطيف کي هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي زاويي سان ڏٺو آهي، پرکيو آهي سو بلڪل غلط آهي. لطيف کي ائين پڙهجي پرکجي جيئن لطيف سائين چيو آهي. مثال: سر سارنگ ۾ لطيف سائين جو هڪ مشهور دعائيا بيت آهي. ”موٽي مانڊاڻن جي واري ڪيائين وار“ هيءَ بيت يارهن سٽن جو آهي ته آخري ٻن سٽن ۾ فرمائي ٿو: ”سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سرڪار دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين“ پر اسان جا لکيل پڙهيل اديب ٽائيپ جا ماڻهو کلي عام بنا سوچڻ سمجهڻ بنا تحقيق جي چوندا آهن، سي به وڏين وڏين ادبي تقريبن ۾، ”دوست مِٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين“ ڀٽائي جي سڄي رسالي ۾ لفظ مٺا آهي ئي ڪونه، صرف هڪ هنڌ وصف طور چوي ٿو ”پريان سندي پار جي مڙئي مٺائي“ لفظ تون ۽ مٺا ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. تون الله سائين جي يگانيت کي ظاهر ڪري ٿو، سڄي رسالي ۾ ڀٽ ڌڻي تون لفظ ڪثرت سان استعمال ڪيو آهي. مثلن: (1) تون حبيب تون طبيب تون درد جي دوا (2) مون ۾ تون موجود آهين تون موجود (3) تون سپڙُ آئون سيڪڙو تون ڏاتار آئون ڏوهه (4) تون صاحب زادو سپرين آئون نسورو نوڪر (5) مون ۾ آهين تون متان تنهنجو ئي توکي لڳي وغيره. تون لفظ پروردگار لاءِ ورتو ويو آهي، جڏهن ته مٺا لفط تمام هلڪو آهي، جيڪو عام طور شڪارپور ۾ ڪثرت سان ورتو ويندو آهي ۽ ڪنهن ماڻهوءَ کي سڏبو آهي ته چيو ويندو آهي ”مٺا هيڏي ته اچ“ مٺا هيڏي ته نهار وغيره. ان ڪري ڪڏهين به بگاڙ پيدا نه ڪجي ۽ جيئن ڀٽائي صاحب فرمايو آهي رسالي ۾ آيل ڪلام کي به ائين پڙهيو وڃي. سر رامڪلي جو مشهور بيت آهي ”نانگا ناني هليا هنگلا چان هلي ديکي جن دوارڪا مهيسن ملهي آڳهه جن علي عه آئون نه جيئندي ان ريءَ“ هي بيت هتي درگاهه ڀٽائي تي، فقير صدين کان پڙهندا اچن ٿا ۽ صحيح به آهي، پر تازو محترم ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو جي لکيل ڪتاب ”شاهه جي شاعري ۾ علامت نگاري“ جيڪو ثقافت کاتي سنڌ 1992ع ۾ ڇپرايو آهي، ان ڪتاب جي صفحي 164 تي بيت پڙهيم ته صفا ابتو جهنجهي ڪابه معنيٰ نه پئي نڪري. بيت هن طرح لکيل آهي. نانگا ناني هليا هنگلاچان هلي ديکي جن ديوار ڪا مهيسن ملهي اڳ جَت مِلي آئون جيئندي ان ريءَ هاڻ غور ڪريو بيت رامڪليءَ جو ذڪر جوڳين سامهين جو ۽ انهن سان وابسته ماڳن مڪانن جو ته پوءِ هتي جت جو ذڪر ڪٿان آيو، جت يا جتن جو ذڪر سسئي جي پنجئي سرن ۾ آيو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته جتن کي لطيف سائين ساراهيو ناهي پر انهن جي ڪم کي (پنهون کي ٻڌي کڻي وڃڻ) ننديو آهي. جتن مون سان جاڙ ڪئي جتا ٿا جيئو ۽ جبو ٿا جاڙون ڪريو جت زوراور ذات اديون وغيره پر هتي لکيو ويو آهي، ”آڳهه جَتُ متي آئون نه جيئندي ان ريءَ“ جت کانسواءِ جيئڻ واري ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي، اڃا به چوي اڳيان پنهون ملي ته به صحيح هو پر رامڪليءَ/ جت ۽ پنهون جو ذڪر ٺهي ئي ڪو نه ٿو، اسان جي اڄوڪي اديبن، محققن غلطيون ڪيون ۽ سي به ڄاڻي ٻجهي ته پوءِ ان بگاڙ کي اسان جو آئيندو نسل به درست نه ڪري سگهندو. سر سامونڊيءَ جو بيت آهي ”اچي جو ڏٺو ڪَپَرُ سُئو ڪَنَنِ سين“ يعني اها شيءِ اکين اچي ڏٺم، جيڪا ڪنن سان سئي هئم يعني ٻڌي هئم هڪ ته اُهو بيت گهڻن رسالن ۾ آهي ئي ڪونه. الائي ڇو محققن ايڏي وڏي دعايا بيت کي هذف ڪري ڇڏيو آهي، هتي هيئن پڙهيو ٿو وڃي ”اچي سو ڏٺو ڪَپَرُ سو ڪُنَنِ سين“ گهڻ ماڻهن خاص سمنڊ ۾ ڪم ڪندڙ ملاحن جو چوڻ آهي ته ڪُن سمنڊ ۾ ضرور ٿيندا آهن پر اهي ڪنارن ويجهو نه ٿيندا آهن ۽ ڪنارن کان پري ٿيندا آهن ۽ گهڻو ڪري وهندڙ پاڻيءَ ۾ ٿيندا آهن، دريائن ۾ جيئن لطيف سائين ڪنن جو ذڪر سر سهڻي ۾ شدمد سان ڪيو آهي. - دهشت ڌوم درياهه ۾ جت ڪُنَنِ جو ڪڙڪو. - وسي وارياسو ڀرئين ڪُنَ ڪراڙ جا جتي هن وقت ڀٽ آهي، لطيف سائين ابدي آرامي آهي، اتي به درياهه جو هڪ وڏو ڪن هوندو هو ۽ ان وڏي ڪن جي نشاني موجوده ڪراڙ ڍنڍ آهي. سنڌيالوجي طرفان ڇپيل ڪتاب انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ ايتريون ته غلطيون آهن جو هڪ ڀيرو وري ان کي ڏسڻو پوندو، غلطيون ڪڍي صاف ڪري وري ڇپائڻو پوندو. ٽالپرن جي دور جا قصا ڪلهوڙن جي دور ۾ ڄاڻايا ويا آهن ۽ افسوس ته سن ۾ لکيا ويا آهن. سٺن اديبن تاريخ دانن جي نظر هيٺان اهو ڪتاب ڇپيو هوندو، انهن به محقق بنا اهو ڪتاب ڇاپي ڇڏيو، آئينده جو نسل ڪنهن چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ ان ڪتاب جو حوالو ڏئي سگهن ٿا ته پوءِ ڇا غلط لکڻ تي انهن کي فيل ڪيو ويندو؟ ڏوهه ڪنهن جو سزا ڪنهن کي ملندي. سو عرض هو ته لطيف سائين کي سمجهيو وڃي، هرو ڀرو پنهنجي راءِ لطيف سائين مٿان نه مڙهي وڃي پر جيئن لطيف سائين فرمايو آهي ائين پڙهيو وڃي ۽ ائين لکيو پڻ وڃي. اهو عمل لطيف سائين سان محبت ۽ عقيدت ظاهر ڪندو.