پهرين قسط پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو ٻي قسط پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو ٽين قسط پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو چوٿين قسط پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو ==================== اها ڪانفرنس ڪيمسٽري جي هڪ شاخ تجزياتي ڪيميا (Analytical Chemistry) ۾ پڙهائي ويندڙ سبجيڪٽ ڪروميٽوگرافي بابت هُئي جيڪا هن وقت ان شُعبي ۾ وڏي حيثيت رکي ٿي. هڪ اهڙي ٽيڪنڪ جيڪا اڄڪلهه هر ائنالائٽڪل ٽيسٽ ليب جي جان ٿي پئي آهي.جيئن ته اهو سبجيڪٽ ايترو آسان يا ڪيمسٽري جي فيلڊ سان لاڳاپيل ماڻهن کان علاوه ٻين کي سمجهائڻ ڪُجهه ڏُکيو آهي پر دل چوي ٿي ته ان بابت سؤلي سنڌي ۾ ڪُجهه لکجي. متان اها معلومات ڪنهن جي ڪم اچي پئي. ڪروميٽوگرافي بابت ڪُجهه بُنيادي معلومات. لفظ ڪروميٽروگرافي دراصل ٻن لفظن جو جوڙ آهي. سائنس جي اڪثر اصطلاحن جيان هي به يوناني ٻولي جي لفظ ڪروما مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي رنگ. ۽ گراف معنى ان جي ماپ طور لاءِ چارٽ. ڪڏهن ڪڏهن ڪي اصطلاح ڪنهن هڪ وجه سان جُڙي ته پوندا آهن پر پوءِ اُهي لاڳو نه هوندي به اُهو لفظ پيو استعمال ٿيندو آهي. مثال طور اسان وٽ سنڌ ۾ ڪُجهه شهرن يا جاين جا نالا ڪنهن وجهه سان پيا پر هاڻي اُهي نه هوندي به ان نالي سان منسوب. حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ وڻن جي ڇانؤ ۾ ڍڪيل هُئي ته ٿڌي سڙڪ هاڻي گرم ترين رستو هوندو به ٿڌي سڙڪ آهي يا وري ڪلوئي ڳوٺ ۾ ڪلوئي نالي مسلمانن جي گهڻائي سبب اهو نالو پيو. پر هاڻ جڏهن اُتي ڪو ڪلوئي ڪونه ٿو رهي ته به ڪلوئي ئي سڏجي. ايئن ئي هن ٽيڪنڪ ۾ جدت اچڻ کان پوءِ رنگن جو ڪو استعمال ڪونهي پر پوءِ به اهو اصطلاح اهڙو پڪو ٿي ويو جو اڄ به استعمال ٿئي ٿو پيو. دراصل هي هڪ سيپريشن (الڳ الڳ ڪندڙ) ٽيڪنڪ آهي. پهريون ڀيرو سن 1900ع ۾ هڪ روس جي سائنسدان سرگوشي: سئنسدان بابت دلچسپ معلومات ميخيل ٽي سوئٽ بابت پڙهڻ چاهيو ته نالي تي ڪلڪ ڪري پڙهو. هڪ سائنسدان جنهن جدوجهد ۽ محنت سان ڀرپور زندگي گُذاري. پهرين جنگِ عظيم دؤران پريشان هُجڻ باوجود ڪم کي جاري رکيو. هڪ ٻوٽي مان مختلف ڪيميڪل جُزا الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جن جا رنگ الڳ الڳ هُئا. هُن اهو ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙو پائوڊر (جنهن کي ڪيمسٽري ۾ سليڪا چون ۽ اهو مٽي / واري جو اهم جُزو آهي). استعمال ڪيو. ان پائوڊر کي هڪ شيشي جي پائپ نما راڊ (ڪالم) ۾ ڀري ان مٿان ٻوٽي جو مڪسچر ڀريو ۽ مختلف پاڻياٺ وارا ساليوشن گُذاريا. ان پائوڊر جو اهو ڪمال آهي ته هر جُزي کي پاڻ سان هڪ مخصوص وقت تائين چنبڙائي رکي ٿو. ۽ اهو مخصوص وقت کان پوءِ ٻاهر نڪري ٿو. جنهن سان اهو مڪسچر الڳ الڳ ٿيندو وڃي ٿو. هونئن ته هوا جي اثر کان پاڪ هر شئي هڪ ئي رفتار سان هيٺ اچي ٿي پر هڪ مڪسچر کي جڏهن سليڪا جي رُڪاوٽ سان روڪيو ويو ته هيٺ لهي ڪالم مان ٻاهر نڪرڻ جي رفتار الڳ الڳ هُئي ۽ ايئن اهي سڀ جُزا الڳ ٿيندا ويا. مثال طور پهريان پهريان گهري سائي رنگ وارا جُزا ٻاهر آيا پوءِ هلڪي سائي رنگ وارا ۽ آّخر ۾ پِيلي رنگ وارا. اها هڪ شروعات هُئي ۽ هڪ رستو هو ٻين جي ڪم لاءِ. اڄ به ٻوٽن مان نوان جُزا ڳولڻ لاءِ اُهو ئي گلاس جو ڪالم استعمال ٿئي ٿو. پر ان ٽيڪنڪ ۾ جدت خوب آئي. جنهن ۾ هاڻ جُزا حاصل ڪرڻ بجاءِ بس انهن جي چڪاس ۽ مقدار معلوم ڪرڻ تي زور وڌيڪ رهيو. هاڻي هن ٽيڪنڪ ۾ شين کي وقت طور الڳ ڪري انهن جي معلومات وٺي وري ملائي ڦٽو ڪبو آهي. اهو ئي سبب آهي ته اڄ به ڪيمسٽري جا اڪثر شاگرد ان ڳالهه تي مُنجهي پوندا آهن ته الڳ ڪري وري ملائي ڇڏڻو آهي ته پوءِ الڳ ڪرڻ جو فائدو؟؟؟؟؟؟ جيئن ته سڀ ڪيميڪل رنگين نه هوندا آهن جن کي اک سان ڏسي سمجهجي ته هاڻي فلاڻو جُزو اچڻ بند ٿي وي. هاڻي ڪالم جي هيٺ نئون ٿانؤ (Conical Flask, Beaker) رکجي. اهو ڪم شروع ۾ ته ايئن رنگن جي فرق کي ڏسي ڪيو ويندو هو. سائو رنگ اچڻ بند ٿيو ته ٻي رنگ جي جزن کي وري الڳ ٿانؤ ۾ حاصل ڪيو ٿي ويو. پر آهستي آهستي اهو ڪم مشينن کان ورتو وڃڻ لڳو. ڪالم مان ايندڙ مادي جي چڪاس مشينن سان ٿيڻ لڳي. هاڻي انساني اک جي ڏسي سمجهڻ کان ڪم گهڻو اڳتي نڪري چُڪو. 1940ع تائين ته ڪالم شيشي بدران اسٽيل جا ٺهڻ لڳا جن ۾ اعلى معيار جي سليڪا ڀرجڻ لڳي ۽ ڏينهون ڏينهن ان جي سائيز گهٽ ڪري ان کي پريشر سان ڀرڻ جو رُجحان وڌيو. ڪالم مان گُذرايو ويندڙ پاڻياٺ (Solvents) هاڻ رُڳو ڪشش ثقل جي زور تي نه پر پريشر سان گُذاريا ويا ته جيئن وقت بچي ۽ ڪم جلدي اُڪلي. ڪالم مان الڳ الڳ ٿي نڪرندڙ جُزا چڪاسيندڙ مشين کي به ڪالم سان جوڙيو ويو ۽ ڊجيٽل ڊسپلي لڳائي ان وقت ئي هر جُزي جي چڪاس ٿيڻ لڳي. ۽ نيٺ هر ٽيڪنڪ جيان هن کي به ڪمپيوٽر سان جوڙيو ويو ۽ سڄو ڪم ڪمپيوٽر جي ذريعي ڪنٽرول ٿيڻ لڳو. اڄ جي ان جديد ڪروميٽروگرافي کي هاءِ پريشر يا هاءِ پرفارمنس لڪوئيڊ ڪروميٽوگرافي چون ٿا. جنهن ۾ انتهائي طاقتور پمپ لڳايا ويا آهن جيڪي هڪ انتهائي پريشر سان ڀريل ڪالم مان سالوينٽ گُذاري سگهن ٿا. ڪالم مان ايندڙ هر فُڙي جي چڪاس انتهائي حساس ڏِسڻي(Detector) تي ٿئي ٿي. اڄ کاڌي، دوائن توڙي انساني بيمارين جي ڪري ان جي جسم جي مختلف حصن جي چڪاس جي ليبارٽريز ۾ اها مشين (جنهن کي اڄڪلهه HPLC چون ٿا) عام جام آهي. مثال طور ڪنهن جي رت ۾ وٽامن ڏسڻا آهن ته رت مان وٽامن جو مڪسچر ليب ۾ الڳ ڪري پهريان اصل (لئبارٽريز ۾ تيار ٿيل) وٽامن جو مڪسچر HPLC ۾ هلايو وڃي ٿو ۽ پوءِ انساني سيمپل جو مڪسچر. ۽ آخر ۾ ڀيٽ ڪئي وڃي ته اڳ ئي معلوم مقدار ۾ هلايل وٽامن ۽ رت مان ورتل وٽامن ۾ ڪيتري مساوات يا تفاوت آهي. ان مشين سان هڪ ئي وقت مختلف ڪيميڪل جُزن جو مڪسچر هڪ ئي ڌڪ ۾ الڳ به ٿئي ٿو ته ان جي چڪاس به ٿئي ته گڏوگڏ انهن جُزن جي مقدار جي پڻ خبر پئي ٿي. اهو ئي سبب آهي ته اهي جُزا عارضي طور الڳ ٿي پنهنجي پنهنجي مقدار معلوم ڪرائي آخر ۾ وري ملي وڃي ڦٽي ٿيندا آهن. ايئن چوجي ته هڪ قيد خاني مان قيدين جو ميڙ هڪ قطار ۾ بيهاري هر هڪ جي سُڃاڻپ ڪرائي وري انهن کي ٻي ڪمري ۾ گڏائي واڙي ڇڏجي. جيئن اهو ڪم فضول نه چئبو تيئن هي به نه چئبو. ڪانفرنس جيئن ته ڪروميٽوگرافي بابت هُئي جنهن ۾ دُنيا مان آيل مُختلف سائنسدانن پنهنجا پنهنجا ڪيل ڪم پيش ڪيا. جن مان ڪُجهه وقعي ڏندين آڱريون اڄڻ ڄوڳا هُئا. مثال طور تامل نسل جي هڪ نوجوان سائنسدان “سُميتا پيناٿُر” جيڪا هاڻ آمريڪا جي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ۾ آهي. اُن انساني ڊي اين اي جهڙي پيچيده مڪسچر الڳ ڪري ان جي چڪاس جا طريقا بيان ڪيا جيڪي هن پنهنجي شاگردن جي گروپ ورڪ سان تجويز ڪيا ته حيرت ٿي. سندس ڪم ايندڙ وقت ۾ وڏو سنگِ ميل ثابت ٿي سگهي ٿو. يا وري ڪانپور انڊيا جي هڪ پروفيسر اشوڪ ڪمار جو ڪيل ڪم به وڏي دلچسپي وارو هو. مٿي ڏسيل ڪالم ۾ سليڪا جي جاءِ تي هاڻ ٻيا مٽيريل به استعمال ٿيڻ لڳا آهن. مثال طور مونو لٿڪ نالي جو هڪ سيليلوز مادو جنهن ۾ تمام ننڍا ننڍا سوراخ آهن جن مان هر ڪيميڪل جي طبعي خاصيتن موجب گُذرڻ جي الڳ الڳ خاصيت هوندي آهي. ڊاڪٽر اشوڪ سان ڪافي دفعا ڪچهري به ٿي. ان کان علاوه هڪ اٽالين سائنٽسٽ جو ڪم به دل وٽان هو. جنهن مڪسچر مشين حوالي ڪرڻ کان اڳ ئي ان جي ٽريٽمينٽ لاءِ اهڙي ننڍي ڊوائس ايجاد ڪئي هُئي جنهن سان ڪافي ڪم ته ان ۾ ئي ٿي پئي ويو جنهن سان مشين جي ڪم ۾ آساني ۽ رزلٽ بهتر پئي ٿيا. بهرحال اهو هڪ وڏ جهان آهي جيڪو سڀ هتي لکي اوهان کي بور ڪرڻ بجاءِ هاڻي اتي ئي ڇڏيونس ٿا. هن تصوير ۾ مٿي ڏنل ٽِن ڪمپائونڊ کي ملائي ان ٽيڪنڪ سان الڳ الڳ ڪري انهن جا گراف نوٽ ڪيا ويا آهن. پوءِ SbE, ARF ۽ BF نالي سيمپل ۾ ساڳي شئي کي ڏٺو ويو. ٽنهي ڪمپائونڊ کي سليڪا ساڳي ساڳئي وقت تي ڪالم مان ٻاهر آندو. ڀلي ليبارٽري ۾ تيار ٿيل هلايا ويا يا وري اصل سئمپل ۾. گراف تي ايندڙ چوٽين جو ايريا ڀيٽي معلوم ڪبو آهي ته ٻنهي ۾ ڪيترو فرق آهي. ان سان هر ڪمپائونڊ جو مقدار معلوم ٿيندو. الڳ الڳ ڪرڻ جو هڪ مقصد اهو به آهي ته سئمپل ۾ موجود ٻيون ننڍيون شيون به ڌار ٿين جيڪي هونئن صحيح مقدار معلوم ڪرڻ ۾ رُڪاوٽ ٿين ها. شام تائين مُختلف سائنسدانن جا ليڪچر ٻُڌاسين. ان وچ ۾ لنچ ۽ سمنڊ ۾ وڃي تڙڳڻ جو وقفو هو. بيچز هن کان اڳ رُڳو انڊين يا (تمام ٿورين ڏِٺل انگريزي) فلمن ئي ڏِٺا هُئاسين. ظاهر آهي فلمن ۽ حقيقت جي هر هڪ شئي جيان هتي به فرق هو. ٻيو ته موسم به اڃان ايڏي گهڻي گرم نه ٿي هُئي. بيچ تي ڪا خاص رش نه هُئي. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ تُرڪ جوڙا يا وري ڇوڪرن ڇوڪرين جا الڳ الڳ جوڙ هُئا. جن مان به گهڻن جو زور مختصر (اسان جي حِساب سان چوجي ته نه هُجڻ برابر) ڪپڙا پائي واري تي يا وري آرام ڪُرسين تي ليٽڻ تي زور هو. اسان ته بس فرض پورو ڪرڻ خاطر پاسو وٺي وڃي پاڻي ۾ لٿاسين پر پاڻي صفا جهڙو برف ڳاري رکي هُجي. وري به يورپين کي ڪو سوائي سردي جون سٽون آيل هُيون جيڪي پاڻي ۾ پئي هليا. پر بهرحال اهو ماحول گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي طبيعت جي حساب سان موزون نه هو. گهٽ ئي سهي پر جيڪي هُئا تن جو وهنجڻ سان گڏ ڪناري تي اچي شراب تي زور هو. ڪنهن مهل هوا جي طرف بيهڻ تي شراب جي عجيب بوءِ ٿي آئي. ٻيو ته اهو سڀ پري کان تصوير يا ٽي وي ۾ ته کڻي رنگيني طور ڏسبو هُجي ۽ ڏاڍو لڀائيندڙ لڳندو هُجي پر حقيقت ۾ اڪثريت عجيب بي ڊولن عياش شرابين جي هُئي جن وهنجڻ بهاني نام نهاد سئمنگ ڊريس جي نالي بس فرضي طور انگ ڍڪي رکيو هو. ٿورو به ويجهو ڏسڻ سان هڪ ته سندن داڳيل جسم (جيڪو يورپين ۾ عام آهي) ڀورن وارن سان ڀريل ٿي نظر آيو. ڳالهائڻ ته هونئن به انهن سان ڏُکيو آهي. ڇو ته سندن وات مان ايندڙ بدبو برداشت کان ٻاهر هوندي آهي. گهڻيون ته وري ڪُراڙيون جِن جا چم پيا لڙڪن سي به پنهنجي لڱن تي مختلف قسم جا لوشن ملي اُس ۾ لٽيون پيون هُجن ته ايئن پيو لڳي جهڙو اسان جون ڀٽاريون ڪنهن پاڻي جي تلاءُ يا کامي مان ٿي اچي پاسي تي ليٽيون هُجن. بهرحال اهو آهي ته تُرڪي جي اڌ کان وڌيڪ آبادي سمنڊ تي وڃي اها ڊريسنگ ڪري مرد توڙي عورتون گرمين ۾ ايئن وقت گُذارين. انهن مان گهڻائي روزي نماز جا پابند آهن ۽ دين جي خوب خبر اٿن پر چون ٿا سمنڊ تي وهنجڻ لاءِ ماڻهو اهي ئي ڪپڙا پائيندو نه ڪي سڄو جسم ڍڪي وڃي وهنجدو جنهن سان مزي اچڻ بدران رهندو پُسيل ڪپڙن جي لڱن تي چُهٽڻ سان بي چيني پئي ٿيندي. خير اهي سندن رايا آهن. جن سان اتفاق يا ختلاف هر ڪنهن جي پنهنجي راءِ آهي. مون کي ذاتي طور ڪنهن جي ڪنهن حرڪت يا عادت تي ڪو فرق نه ٿو پئي نه ڪو منهنجي ذميداري آهي ته آئون ڪا تبديلي آڻيان يا ن جي خواهش رکان. هرڪو پنهنجي مرضي جو مالڪ آهي. ذاتي طور مون کي انهن جي ڌپ نه ٿي وڻي تنهنڪري پري پري رهيس. ٿڌي پاڻي ۽ مزي نه ڏيندڙ ماحول سبب بس جلدي ئي اچي واپس ڪمري تي پُهتاسين جتي عام پاڻي سان وهنجي لوڻ جو اثر ختم ڪيوسين ۽ بُک اچي ورايو. بُفي ته فري هو سو بي فڪر وڃي پُهتاسين لنچ ڪرڻ لاءِ. جتي ايترو ڪُجهه هو کائڻ لاءِ جو رُڳو سڀني مان هڪ هڪ چکڻ لاءِ کڻجي ته به ڏسڻ وارو پيٽو چوي يا اسراف ڪندڙ سمجهي. اهڙن موقعن تي منهنجو زور انهن شين تي هوندو آحي جيڪ يا ته ميسر نه هُجڻ سبب يا مهانگيون هُجڻ سبب نه کائي سگهبيون آهن. منهنجي نظر ۾ بُفي جو صحيح استعمال به اهو ئي هُجڻ کپي. ڪانفرنس جي سيشن مان مليل چانهه جي وقفي دؤران انائونسمينٽ تي مقرر ٻن مان هڪ ڇوڪري سان هيلو هاءِ ڪيم جنهن کي انگريزي آئي ٿي. اصل ۾ منهنجو مقصد هو ته واپسي جو ٽڪيٽ ڪرائڻ. کيس چيم ته ”اسان کي هتان ڪانفرنس پوري ٿيڻ کان ٻي ڏينهن ازمير لاءِ نڪرڻو آهي (جيڪو هتان 76 ڪلوميٽر هو) ۽ سڄو ڏينهن اُتي اهو شهر گهُمي ڦري رات جو دير سان انقره نڪرڻو اٿؤن. سڄي رات جو سفر ٻيو ڏينهن انقره گهُمي ڦري رات جو ترابزون لاءِ روانگي“. ”اڇا! ان جا ٽڪيٽ اوهان آرام سان آنلائن ڪرائي سگهو ٿا. انٽرنيٽ تان بُڪنگ ۽ پوءِ ڪريڊٽ ڪارڊ تان پئمينٽ“ ”پر اصل ۾ اسان وٽ ڪريڊٽ ڪارڊ ناهي. ڪئش پئسا آهن.“ ”ان لاءِ ٻه آپشن آهن. آئون پنهنجي ڪارڊ تان پئمينٽ ٿي ڪيان ۽ توهان ڪئش مون کي ڏيو يا وري بُڪنگ آنلائن ڪرايون ٿا. هتان ويجهو ئي هڪ اسپاٽ آهي بسن جي ڪمپني جو اُتي وڃي پئمينٽ ڪري ٽڪيٽ کڻي وٺو“. ٻيو آپشن ٺيڪ لڳو. ڇوڪري فون تي ڳالهائي بُڪنگ ڪرائي ڇڏي.بس هاڻ هڪ فِڪر هُئي ته شهر گھُمڻ مهل سامان ڪيڏانهن ڪجي؟ هونئن به سير سفر ۾ پنهنجي گاڏي ناهي ته اها شئي وڏي فِڪر ۾ ٿي وِجهي. اُن ڇوڪري کان مشورو گهُريم. چوڻ لڳي ”منهنجي خيال ۾ بس ٽرمينل تي ڪا اهڙي سروس هُجي جيڪا اوهان جو سامان امانت طور رکي. هونئن ته آئون پاڻ ازمير جي آهيان پر اتفاق سان اُن ڏينهن اُتي نه هونديس نه ته جيڪر اوهان جي مدد ڪريان“ مون مهرباني چئي. هڪ دفعو وري ثابت ٿيو ته تُرڪن جي اڪثريت (ڀلي ڪهڙي به علائقي جا هُجن) رُڳو خبر پئي ته هو ڪنهن جي مدد ڪري سگهن ٿا ته وس ويندي موقعو نه وِڃائيندا آهن. جيسين ڪنهن جو ڪم ڪري وٺن ته تيسين بي چين رهندا. شام جو اسان جي منزل اُهو ئي چشمه ميرينه هو جيڪو هتي پُهچي صبح سوير ڏِسي اڳ ۾ لکيم. اهو هنڌ هتان ويجهو ئي هو هڪ ننڍي لوڪل بس ۾ وڃڻو هو. ان بس جتي لاٿو اُتي ئي اُن بس سروس جو ٽڪيٽ اسپاٽ هُيو. تُرڪ ڇوڪري اسان جا نالا فون تي لکرايا هُئا. تنهنڪري فلحال ته ڪائونٽر تي ويٺل مائي سمجهي ئي نه. مس مس سمجهه ۾ آيو ته حافظ لگار اصل ۾ حفيط لغاري آهي. اسان کي ازمير کان انقره ۽ انقره کان ترابزون جا بُڪ ڪرايل ٽڪيٽ پئسا ڏيڻ تي ملي ويا. چشمه ميرينه هتان ٿوري ئي پنڌ تي هو. ساڳي ڄڳهه ٻه ڏينهن اڳ پرهه ڦُٽي جو ڏٺي هُئم ۽ هاڻ سؤٽ سان گڏ شام جو ڏسڻ لاءِ پُهتو هُئس. ساڳي خوبصورتي بس هڪ دفعو اُڀرندڙ سج جا ڪرڻا هُئا ۽ هاڻ لهندڙ سج جا. ان ڏينهن هوٽل ۽ ڪلب ويران هُئا اڄ اُتي رونقون ٿيڻ جي شروعات هُئي. پر اڄ اسان جو اصل ماڳ هتي گڏ ئي موجود تاريخي قلعو هو. اها آرزو هُئي ته قلعي کي نه رُڳو ڏسون پر ان جي ٻن بلند مينار نما مورچن تان بيهي هيٺ جو نظارو ڪريون. اسان چشمه ميرينه تي بيٺل ننڍن وڏن جهاز ڏسندا فوٽو ڪڍندا قلعي طرف وڌياسين. هڪ اهڙو قلعو جنهن تي اڄ به بحث ٿين ٿا ته آيا اهو رومين يا يونانين ٺاهيو هو يا سلطنت عثمانيه جي سلطانن مان ڪنهن ٺهرايو؟ شايد يورپي چون ٿا ته اهو ٺاهيو اسان هو پر سلطانن مرمت ڪري اها دعوى ڪئي ته اسان ٺاهيو آهي. اهو تجسس اُتي پُهچڻ تائين برقرار رهيو پر ايتري گهڻي دير به نه. اهو ڪيئن؟ بس ايندڙ قسط اجهو اوهان اڳيان هوندي. . . . ڪانفرنس جي اسٽيج لڳ اڳي توڙي هاڻي به پوسٽر پني تي پرنٽ ٿين يا پينافليڪس تي پر هتي اهو ڪم ڊجيٽل ڪيو ويو. بيچ تي ٻيڙين ۾ لطف وٺندڙ ڇوڪرن ڇوڪرين جا ٽولا بيچ تي نوجوان توڙي ڪُراڙا گرمي جو مزو وٺندي سمنڊ جي انهي رنگ موهي وِڌو سمنڊ جو ٿڌو پر صاف پاڻي ڪانفرنس جي منتظم ( پروفيسر ايمراهه) ۽ سؤٽ قيوم کان علاوه ٻه ڇوڪريون (ايجي، ساڄي پاسي، سيدا نور کاٻي پاسي) انهن مان هڪ انگريزي ۽ ٻي ٽرڪش ۾ انائونسمينٽ ٿي ڪئي.. سيدا نور ٽڪيٽ بُڪ ڪرائڻ ۾ پوري مدد ڪئي.
وڌيڪ تبصرو بعد ۾، پهريان اهو ته ڪلوئي ۾ مسلمانن جو ٻيون ذاتيون رهن پيون، رڳو ڪلوئي ذات جا مسلمان ڪونه ٿا رهن.
اڳين قسطن وانگر هي قسط به بهترين ۽ تمام سٺي معلومات، خاص ڪري سائنس جي شاگردن لا. باقي ترڪي وارا مهمان جي مدد واه جي ٿا ڪن. انسانيت جو پورو حق ادا ڪرن پيا.
تمام سٺو ..... ترڪي مسلمان ملڪ آهي ان ۾ ڪوبه شق ناهي، هو ڇا ٿا ڪن يا ڇا نه ٿا ڪن اها ترڪن جي مرضي، اسان ڪير آهيون انهن تي ٽوڪ يا ٺٺول ڪرڻ وارا. سٺو آهي ته هتي سڀ ڪجهه کُلي عام پيو هلي، باقي گهٽ ته اسان وٽ به ناهي ... شراب تي پابندي آهي پر اف الله ...... وڌيڪ ڪونه لکندس جو ڪجهه اسان جا ئي دوست سنڌ سلامت جا فتوائون ڏيندا يا ناراض ٿيندا. باقي جيڪڏهن ترڪ اسان سنڌي مسلمانن وانگر سوچين ها ته شايد ڪڏهن به ترقي ڪونه ڪري سگهن ها. سمنڊ جي نيري رنگ جو منظر واهه واهه .... ۽ مان پاڻ اهڙي منظرن جو عاشق آهيان پر پاڻ وارا سمنڊ ته هاڻي تيل ۽ گدلاڻ سبب ڪارا ٿيندا وڃن. پوء به اهو ٽرپ ياد اٿم جنهن ۾ پاڻ ڪافي اونهي سمنڊ تائين هليا هئاسين.
ادا ڪجهه مسروفيتن باعث آنلائن ڪونه هئس ان ڪري خبر نه هئي ته ڪيتريون قسطون هلي چڪيون آهن ٻه قسطون پڙهيون باقي هاڻ ئي پڙهڻ جو اتفاق ٿيو. ادا توهان ٽائم کي بهترين نموني مينيج ڪندي گهميو آهي. ويجهي ويجهي پوائنٽ نه ڇڏي اٿئون. هر پوائنٽ جو احوال کي سنڌ سلامت جي زينت بنائي اسان تائين پهچائيو اٿئون ان لا مهرباني. هن قسط ۾ اسان پڙهندڙن جي دل ۾ ترڪن لا محبت پيدا ٿي آهي اهو پڙهي ته هو ڪهڙي ريت پاڪستانين جي مدد ڪرڻ لا آتا هوندا آهين. ايتري شايد اسان به نه ڪنداسين. انهن جو هڪ بهترين اسلامي معاشرو ۽ قوم آهين پر ڏسو ڪهڙي ريت ترقي ڪئي اٿن. اسان کي به ائين سوچڻ کپي فرقاواريت کي ڇڏي قوميت کي ڇڏي جي هڪ ٿي پنهنجي ملڪ لا سچا ٿيون ته پاڪستان به جنت کان گهٽ نه لڳندو. سڀ پاڪستاني ڀا آهين. جهڙي ريت ٻاهر ملڪ وڃڻ تي اسان جي پهچان صرف پاڪستاني آهي سنڌي، پنجابي ، شيعا، سني نه هوندي آهي. اسان پهرين پاڪستاني ٿيون.
سموريون قسطون سون جهڙيون ، ايندڙ قسط جو شدت سان انتظار رهندو ڇو ته اسين ڄاڻڻ چاهيونٿا ته هڪ اهڙو قلعو جنهن تي اڄ به بحث ٿين ٿا ته آيا اهو رومين يا يونانين ٺاهيو هو يا سلطنت عثمانيه جي سلطانن مان ڪنهن ٺهرايو؟ شايد يورپي چون ٿا ته اهو ٺاهيو اسان هو پر سلطانن مرمت ڪري اها دعوى ڪئي ته اسان ٺاهيو آهي. اهو تجسس اُتي پُهچڻ تائين برقرار رهيو پر ايتري گهڻي دير به نه.!
سڀني دوستن جي مهرباني جن پنهنجا رايا ڏنا. مسلسل ايندڙ تعريف ڪري الڪو ٿيو ڪٿي سنگت ۾ رڳو برداشت نه پيو ڪيو وڃي.؟ ڪجهه دوستن کان ذاتي پيغامن مان ورتل راء مان لڳو ته ڪنهن قدر ايئن آهي. خاص ڪري تاريخي ڳالهين جي گهٽ تفصيل ۽ هن دفعي سائنس جي سوائي پٽاڙ. پر جيئن ته اها به سنگت جي ئي فرمائش هوندي آهي جنهن ڪم لاء وڃو ٿا ان بابت به لکو. وري به جيڪو حال پيش پريان.