• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ مسئلو

مون سان سنڌسلامت تي ڪجهه ڏينهن کان هڪ مسئلو اچي رهيو آهي اهو اهو ته مان ڪا به تصوير ياوڊيو رکڻ چاهيان ٿو ته نٿي رکجي ، لنڪ پيسٽ ڪري شامل ڪريو تي ڪلڪ ڪيان ٿو تهڪا به پروسيسنگ شروع نٿي ٿئي ، انتظاميه کي گذارش آهي ته هي مسئلو حل ڪري خاص ڪري سائين ذيشان رشيد
صاحب کي.
 
مون سان سنڌسلامت تي ڪجهه ڏينهن کان هڪ مسئلو اچي رهيو آهي اهو اهو ته مان ڪا به تصوير ياوڊيو رکڻ چاهيان ٿو ته نٿي رکجي ، لنڪ پيسٽ ڪري شامل ڪريو تي ڪلڪ ڪيان ٿو تهڪا به پروسيسنگ شروع نٿي ٿئي ، انتظاميه کي گذارش آهي ته هي مسئلو حل ڪري خاص ڪري سائين ذيشان رشيد
صاحب کي.
ادا محترم عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم جن جو هي وڊيو ٽٽوريل ڏسو بهترين رهنمائي لاءِ سهڻي ڪوشش ڪئي وئي آهي
http://www.sindhsalamat.com/threads/37843/
 
ممڪن آ.. سنڌ سلامت جو سرور مهيني ۾ 2 يا 3 ڏينهن اپڊيٽ ٿيندو رهندو آهي.. اهو هڪ وزني عمل هوندو آهي .. ان دوران ممڪن آهي ته فورم آف آن ٿيندو رهندو هجي.. هڪ پل ۾ سرور آف ته هڪ پل ۾ آن.. جنهن سان ڪڏهن ڪڏهن ويب پنو بلڪل اڇو نظر ايندو آهي پر ريفريش ڪرڻ سان ٻيهر فعال ملندو آهي.. پر توهان جون لڳاتار تحريرون ڏسن ٿيون ته اهو مسئلو سرور جو نه پر توهان سان آهي.. جو اڃان تائين ان مسئلي جي شڪايت ڪنهن ٻئي رڪن وٽان نه ٿي آهي...
ڇا توهان ٻڌائيندو ته مسئلو اڃان به موجود آهي..؟
 
جي ها سائين توهان جو اندازو بلڪل صحيح آهي ، مون وٽ نيٽ جي اسپيڊ گهٽ آهي ، ٻهراڙي ۾ ٻي نيٽ جي ڪا سهولت ڪونه اٿم ، آئون Nokia Pc Suite تان نيٽ هلائيندو آهيان ، ۽ ڪمپيوٽر به Pentium 4 اٿم ، هڪ دوست چوندو آدنيا وڃي چنڊ تي پهتي آ تو اڃا Pentium 4 ۽ Window XP ۾ فاٿو پيو آهين، بس يار ڇا ڪجي جڏهن به ڪاڪيقائداعظم (پئسو) اجازت ڏني اسان به دنيا سان ترقي ۾ گڏ هونداسين.
 
Back
Top