• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي سورهيه ۽ سورمي وارھ واسي روپلو چولياڻي جي سالگرھ تي کيس ڀيٽا

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
مصر جي عظيم شاعر نزار قباني هڪ لازوال لاجواب سوال پڇيو هو
"اگرتون به نه سڙندي ۽ مان به نه سڙندس ته هي انڌيرو ڪيئن دور ٿيندو ؟؟؟"
واره جو هڪ ڳڀرو جوان پاڻ ساڙي سنڌ لاءِ سوجهرو ٿي ويو.
هو جنهن جي لبن تي سدا مسڪراهٽن جا رنگ برنگي پوپٽ ويٺل هون...دا هئا. گفتار ۾ خوش مزاجي, طبيعت ۾ ملنساري ۽ جوهر ۾ جانساري رکندڙ هي انتهائي دلير شخص ايئن هو جيئن ڪنهن شاعر چيو
"بزم يارا هو تو ريشم ڪي طرح نرم ,
رزم حق و باطل هو تو فولاد هي مومن "
هن لطيف جي فڪر کي سمجهي ورتو هو ته
"جي وڍين تان ويهه نه ته وٺي واٽ وڃ تون,
هي تنين جو ڏيهه ڪاتي جنين هٿ ۾"
سندس دردناڪ پر شاندار شهادت کان ڪجهه ڏينهن اڳ ساڻس ملاقات ٿي هئي. مون کيس چيو هو "هو توهان کي ماري ڇڏيندا روپلا "
"پوءِ ڇا هيس " هن پنهنجي مخصوص لاپرواه انداز ۾ ڳالهائيندي چيو هو. "هو اسان کي ماري ڇڏيندا پر تاريخ اسان کي زنده رکندي "
مون ڇرڪي کيس ڏٺو هو. روپلو عام طور تي اهڙيون گهريون ڳالهيون نه ڪندو هو. هنن کي الائي ڪهڙي هوا لڳي وئي هئي. هو مٽجي ويا هئا. هنن سنڌ تان سر گهورڻ جو وچن ڪيو هو ۽ روپلي "شهيدن جي قبرستان " جو بنياد وجهڻ جو عظم پڻ ڪيو هو. هن اهو سڀڪجهه ڪري ڏيکاريو.

اڄ واره جي ارڏي جوان ۽ مزاحمت جي تاريخ جي سرفروش ڪردار روپلو چولياڻي جو جنم ڏينهن آهي. اچو ته ذات برادري کان مٿانهين هن سورهيه جوان جي حضور محبت ۽ عقيدت جا گل پيش ڪيون.
اڀ اوچو سڀ ڪنهن, اڀ نه اوچو ڪوءِ,
مري به مٿي ٿيو سورهيه سر سندوءِ!
309tqg8.jpg
 
Back
Top