”ٽيڙو“ ڇا آهي؟؟؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نرمل
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نرمل

سينيئر رڪن
”نرمل“ کوهارو
”ٽيڙو“ ڇا آهي؟؟؟
سوال: ٽيڙو ڪهڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي؟
جواب: سنڌيءَ جو.
سوال: ”ٽيڙو“ لفظ جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: ٽي ۽ اصطلاحي معنيٰ ۾ اسمان تي پورو وڇوٽيءَ تي بيٺل ستارن کي ٽيڙو چئبو آهي.
سوال: ٽيڙو ڇا آهي؟
جواب: ٽن سٽن جو هڪ شعر آهي، جنهن جي پهرئين ۽ پوئين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه هوندي آهي ۽ وچين سٿ قافيي کان آزاد هوندي آهي.
سوال: ”ٽيڙو“ ۾ گهڻيون ماترائون هونديون آهن؟
جواب: 35 ماترائون.
سوال: ٽيڙو ڪهڙي صنف کان متاثر لکيا ويا؟
جواب: هائيڪو کان.
سوال: سنڌ ۾ ٽيڙو ڪنهن متعارف ڪرايو؟
جواب: امداد حسيني.
سوال: ٽيڙوءَ تي ”ٽيڙو“ نالو ڪنهن رکيو؟
جواب: امداد حسيني.
سوال: هائيڪو کي امداد حسيني ڪهڙو نالو ڏنو؟
جواب: ”ٽيڙو“.
سوال: مثال طور ڪو به ٽيڙو ٻڌايو؟
جواب: پاڻ ته پرڻيون پنج
نَوَ نياڻيون گهر ۾ ڪنواريون
چئه مولا جا گنج – خاڪي جويو.


 
جواب: ”ٽيڙو“ ڇا آهي؟؟؟

مطلب ته هائيڪو يا ٽيڙو هڪ ئي صنف آهي، ڪجهه اديب انکي هائيڪو ٿا سڏن ته ڪجهه انکي ٽيڙو ۔۔۔ ٻنهي جي تورتڪ به ساڳي آهي ۔۔۔ اوهانجي ٻنهي سمجهاڻين ۽ سوالن جوابن واري انداز مان ڳالهه چٽي ٿي آهي ۔۔۔ مهرباني دوست
 
Back
Top