نئين سنڌ

راشد ميمڻ

سينيئر رڪن
نئين سنڌ

جهومي جهومي جلسي ۾.

دوست ڏنا پئي دل تي داد.

سنڌي نغمن،

قومي نعرن،

تي دلشاد.

سور پٽيائين پئي هر سنڌي سانحي تي.

ساهه ٿڌا ها، هلندڙ قومي المعي تي.

ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ

رات وٽس ئي ترسيس .

صبح سوير جو جاڳيس.

هُن جون پياريون ٻيٽيون آيون.

قوم پرست جو ڄايون آيون.

صبح ـــ سلام ۽ چانهن رکيائون.

هڪڙي ڦول گلاب رکي،

مون کي چيو ڪجهه مرڪي مرڪي؛

انڪل،

ميري ليئي غزلين اردو مين بهي لکهين نا...!
 
Back
Top