سنڌ حڪومت جو چيني ٻوليء سان ڪيل اعلان بي وفائي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سيپٽيمبر 2011 جي شام جو اچانڪ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاه ٽي وي چينلن جي زينت بنجڻ لاء اچي لائيوو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت طئه ڪيو آهي ته 2013 کان سنڌ جي سمورن سيڪنڊري اسڪولن ۾ ڇهين ڪلاس کان چيني زبان کي پڙهائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
    اهڙو اچانڪ اعلان ٻڌي اسين حيران پريشان ضرور ٿي وياسين ته اسان جا ٻار گھر ۾ سنڌي ڳالهائين ،اسڪول ۾ انگريزي پڙهن ، قومي ٻولي اڙدو پڙهن ۽ مذهبني ٻولي عربي سکن ۽ ان کان پوء هاڻي چيني ٻولي جو بار ٻارن تي ڪيئن پوندو ؟
    اعلان ٿي ويو ، سيڪريٽري تعليم انهيء چيني ٻوليء کي لازمي بنائڻ لاء ڪانفرنسون ۽ اعلان ڪيا ۽ اهو اعلان ڪيو ويو ته سنڌ ۾ پهرين پهرين سابق صدر آصف زرداريء جي مادر علمي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ شروع ڪئي ويندي ، جيڪا واقعي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ ستين درجي کان پڙهائڻ شروع ڪئي وئي ، پر اڄ به اتي لازمي ناهي ، جيڪو چاهي پڙهي جيڪو چاهي نه پڙهي وارو قانون لاڳو آهي
    حقيقتن انهيء پروگرام جي فنڊنگ ۽ ٽرينگ چين ڪري رهيو هيو ، ڪنهن حد تائين انهيء پروگرام تي ڪراچيء ۾ ڪم شروع ڪيو ويو ، پر انهيء سموري پروگرام، ان پروگرام جي پئسن ۽ چين جي تعاون سان پڻ اها ساڳي جٺ ڪئي وئي جيڪا سنڌ جي سمورن ادارن سان ڪئي وئي آهي ، يعني هن حڪومت جي ايڏي وڏي تعليمي اعلان کي ايئن ڪنهن گمنام کڏ ۾ اڇلائڻو پوندو انهيء جو ته پاڻ کي احساس به نه هيو ته اها چيني ٻوليء جو لازم هئڻ صرف ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو تائين محدود رهجي ويندو ۽ سموري سنڌ ۾ جيڪو 2013 ۾ لازمي نافذ ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو ۽ انهيء تي تعاون ورتو ويو ۽ خرچ ڪيو ويو اهو سمورو ضايع ۽ فضول ٿي ويندو؟
    اڄ جڏهن 2014 ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ سنڌ جو وڏو وزير اڄ به ڪافي ڏينهن کان چين ۾ موجود آهي ته پوء اسين سنڌ جي وڏي وزير جي ان اعلان کي ڇا سمجھون ۽ هو چين جي حڪومت سان انهيء سلسلي ۾ ڇا ڳالهايو ويوهوندوته اسين صرف ڪيڊٽ لايج تائين توهان جي ٻوليء کي سيکارڻ جو تجربو ڪري چڪا آهيون جيڪو تجربو هلي رهيوآهي ؟
    يا ان چين جي حڪومت اسان جي سنڌ حڪومت جي اعلي عهدي واري سان فضول ڳالهائڻ به شايد پسند نه ڪيو هجي .
    هيء خط حڪومت جي اعلانن ۽ سندن ڪارڪردگي جو آئينو ڏيکارڻ لاء ڪافي حد تائين بهتر ۽ سمجھ ڀريو آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين اسان سنڌ واسين کان علاوه سڄي دنيا کي خبر آهي ته پاڪستان جا، خاص ڪري سنڌ جا سياستدان سچ ڳالهائن ئي ڪانه، سڀ ڪوڙ ۽ منافقت.
     
  3. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور

هن صفحي کي مشهور ڪريو