• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

امرجليل

Rabel Napar Sindhi

سينيئر رڪن
مون جڏهن لطيف گهوٽ کي جڏهن جلاوطن ٿيڻ لاءِ سفر جو سامان ٻڌندي ڏٺو، تڏهن چيم “ تو مٿان مُلڪ مڙيوئي گهوريان، تون سنڌ ڇڏي ڪيڏانهن ٿو وڃين ؟
لطيف سائين وراڻيو :
اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون
اٺئي پهراٿن، سعيو ڪنهن سفر جو،
سائينءَ کي عرض ڪيم “ توکانسواءِ ننگر ۽ ناڙيون، بندر ۽ بازاريون سڃا ٿي ويندا “
وراڻيائين “ منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾،
نيزاري ڪندي چيم ، “ تون ويندي اسان کان سنڌ ويندي “
ڏک، ارمان ۽ تڪليف وچان لطيف سائين چيو : “ سنڌ ۾ اڄ سنڌي ٻوليءَ خلاف آواز اُٿيو آهي، سڀاڻي ڪاٺ ڪهاڙا کڄندا، ان کا اڳ جو سنڌي ٻولي سنڌ مان نڌڻڪي ٿي نڪري ، مان اڳواٽ جلاوطن ٿيڻ ۾ ڀلائي ڀانيان ٿو،
“ترس نئين نسل جو آواز ٻڌ، مون لطيف سائينءَ کي التجا ڪندي چيو “ توکي پنهنجو فيصلو بدلائڻو پوندو، سکر پار کان اياز جو آواز ٻڌين ٿو ،
سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان ، مٽي ماٿي لايان
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين توکي چشمن چايان
گيت بہ مون وٽ تنهنجا ماتا، بيت بہ تنهنجا ڀانيان
تنهنجي مٽيءَ منجھ ملان جي ، آءٌ امرتا پايان
سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان
لطيف سائين ترسي توهان ڏانهن ڏٺو آهي،نيئين نسل ڏانهن ڏٺو آهي، لطيف جي ٻولي ۽ لطيف جو وطن توهان وٽ سندس امانت آهن،
توهين سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا رکپال آهيو
امر جليل
ڪتاب لهندڙ سج جي لام
 
هنن لفظن کي پڙهڻ کان پوءِ جيڪا پيڙا منهنجي دل ۾ ٿي شايد ٻئي ڪنهن کي ٿي هجي

بيشڪ سائين جون لکڻيون امر آهن
 
Back
Top