ڪنهن بزرگ مون کان پڇيو : ڪهڙو سبب آهي جو اڄ تائين سچل جي عظمت کان انڪار ڪيو ويو آهي ؟ مون کيس جواب ڏنو “ اهو مُلو جنهن ٻہ سئو سال اڳ سچل جي مخالفت ڪئي هئي ۽ مٿس ڪفر جي فتويٰ ڏني هئي، سو مُلو مئو ناهي، اهو مُلو جيئرو آهي، هن هر دور ۾ سچ جي مخالفت ڪئي آهي، هن هر دور ۾ منصور، سرمد ، سچل تي پابنديون وڌيو آهن ، عجب تہ اهو مُلو هر دور ۾ اقتدار ۾ رهندو رهيو آهي . امر جليل ڪتاب لهندڙ سج جي لام