سنڌ ۾ ٻيڙي جو ڪم، فن ۽ ماضي ۽ حال نه سي تڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جُون! سَرتيُون سامُونڊين جا، اَڄُ پِڻُ چِڪِيَمِ چاڪَ؛ ٻيڙي جو ڪم يا فن ڪو اڄ جو ڪونهي پر هزارين سال پراڻو فن آهي، دنيا ۾ هر هنڌ ٻيڙي جو ڪم ڪيو ويو آهي، پراڻي زماني ۾ ملڪن جو تمام ڪاروبار ۽ سفر ٻيڙين رستي ئي هوندو هو، ۽ جڏهن ٻيڙي جو ذڪر ايندو آهي ته حضرت نوح عليه سلام جو ذڪر لازمي ٿيو پوي ٿو، جنهن شايد دنيا جي پهرين وڏي ٻيڙي تيار ڪئي هئي۔ جنهن جو قصو مشهور قصو آهي، اهڙي ريت ٻيڙي جو ڪم سنڌ ۾ به ڪيو ويندو هو، ۽ آهي، سنڌ ۾ ٻيڙي جو استعمال پڻ تمام گهڻو رهيو آهي ان جو مک سبب سنڌ ۾ قدرت طرفان ڏنل درياء ۽ \ڍنڍون آهن مگر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ اهي درياء ۽ ڍنڍون تباه ٿيندا پيا وڃن ۽ سنڌ جي انهن وسائل کي به ختم ڪيو پيو وڃي۔ هت مان سنڌ جي هڪ شهر منڇر شهر جو ذڪر ڪندس جيڪو ضلعي دادو ۾ آهي، ( جيڪا ايشياء جي وڏي ڍنڍ پڻ سڏي ويندي آهي، هن ڍنڍ تي محترم جناب تاج محمد صحرائي صاحب جو هڪ مڪمل انگريزي ۾ ڪتاب پڻ لکيل آهي، ۽ تمام سهڻو ڪتاب لکيل آهي، جنهن ۾ منڇر بابت تمام سٺي معلومات ڏنل آهي، ) جنهن ۾ ٻيڙيون ٺاهڻ جو ڪم وڏي پيماني تي ڪيو ويندو هو، ۽ ٻيڙيون ٺاهڻ جو هي شهر (منڇر ) مرڪز هو، ۽ هت هر سال تقريبن 3000 ( ٽي هزار ) ٻيڙيون تيار ڪيون وينديون هيون، ۽ هتي جهوپڙن مثل ننڍا پر حقيقت ۾ وڏا ڪارخانه هوندا هوا، ۽ پوري سنڌ مان هتان ٻيڙيون پڻ خريد ڪيون وينديون هيون، مگر منڇر ۾ مڇي جو ڪاروبار تباه ٿيڻ جي ڪري هي هنر ۽ فن به تباه ۽ برباد ٿيندو پيو وڃي، باقي اچو ته هي وڊيو ڏسون ته ان ۾ ٻيڙين بابت ڇا رپورٽ آهي۔ http://www.youtube.com/watch?v=AvE2P57Buzg
جواب: سنڌ ۾ ٻيڙي جو ڪم، فن ۽ ماضي ۽ حال تمام سٺو ليک ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔۔، ڏک ان ڳالهه جو ته سنڌ مان درياهي ۽ ڍنڍن ڍورن واري ثقافت آهستي آهستي ختم ٿئي پئي ۽ جي ٿوري گهڻي آهي به ته هاڻ ڪاٺ جي جاءِ تي فائبر ۽ هلڪا ڌاتو استعمال ٿين ٿا جن ۾ انجڻيون لڳل آهن جيئن ڪينجهر تي اڳ ڪاٺ جون ٻيڙيون هونديون هيون ۽ هاڻ فائبر جون موٽرن سان ٻيڙيون هلن ٿيون ۔۔۔ هن وقت به شايد ڪراچي ۽ انجي آس پاس ٻيڙين ۾ ڪاٺ استعمال ٿئي ٿو جيڪو هلڪو ڪاٺ ٿيندو آهي ۽ ٻاهران مليشيا يا سنگاپور وغيره جهڙن ملڪن مان گهرائجي ٿو ۽ انجا ڪاريگر به سنڌي گهٽ ڌاريا وڌ آهن ۔۔۔ مطلب ته اسانجان سڀ پراڻا ڪاروبار تباهه ته ٿيا پر انجي جڳهه نئين ٽيڪنالاجي اچڻ گهربي هئي ۽ قومي طور تي اسان وٽ نئين ڌاتن وارا ڪارخانا لڳڻ گهربا هئا پر جيئن ته سنڌ ۽ ان جو آس پاس وارو ماحول جاهلانه ۽ ڦرلٽ تي مبني آهي انڪري اها ترقي جا ٿيڻ گهربي هئي سا نه ٿي آهي ۔۔۔ سائين ممتاز ۔۔۔ اهڙن معلوماتي ليک ۽ فلمون ونڊ ڪرڻ جون مهربانيون ۔۔۔