اسلام آباد ڊراما ۽ سنڌ جو مستقبل

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    اسلام آباد ۾ گذريل 18 ڏينهن کان هلندڙ ڊرامو سوپ سيريل جيان آهي جنهن جو ڪو به مقرر اختتام ناهي، جڏهن وڻي تڏهن هيرو کي ماري ختم ڪجي يا جيترو وڻي ڊريگھ ڪجي،
    سو سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ان ڊرامي جي ترتيب ايڏو تڪڙ(8،9 مهينه اڳ) ۾ ڪرڻ جي نوبت ڇو پيش آئي؟ اصل ۾ هن ملڪ جي ”ڏاڍن“ کي قومي معاملا، سفارتي تعلقات، دفائي فيصلن جي اختيار ۾ ڪُجھ رڪاوٽ وڌي وئي هئي، هي حڪومت کين محدود اختيار ڏئي کين واضع چيو ته گهڻو ٿيو اوهان جا نخرا سٺا سين، اسان کي ڇا ڪرڻو آ ڇا نه ڪرڻو آهي اوهان ڊڪٽيٽ نه ڪيو، هڙان وڙان ڪري حڪومت سندن خاص فرمائش تي پاڪستان پروٽيڪشن آرديننس بل پاس ڪرايو، ته هڪ نئون مطالبو سامهون آيو، نواز شريف ۽ سندس ٽيم جا هوش خطا ٿي ويا ته هي ڪهڙو ڏوه ٿا ڪرائڻ چاهين اسان کان، ان آرڊيننس اسان کي ايڏو ته بڇڙو ڪيو اهي وري هي نئون انگل؟؟؟ ان تي وڏي شريف نثار کي اڳتي سوري ڏاڍن مڙسن سامهون ڪيو. ملڪ جي اصلوڪن واڳ ڌڻين کي سندن رويو ايڏو ته برو لڳو جو بنا تياري جي سرڪس مان خاص گُڏو گهرائي سندس ٻانهن ٻيلي جو بندوبست ڪري ميدان تي لاهي ڇڏيو. حڪومت آڻ مڃيندي سندن مطالبه تسليم ڪرڻ جي حامي ڀري پر جڏهن سامهون لسٽ رکي وئي ان ۾ ڪُجھ اهڙيون شيون به شامل هيون جيڪي انهن جي وهم گمان ۾ به نه هيون. نواز شريف گهڻن سوچ ويچار کانپوءِ به ڪو فيصلو ڪري نه سگهيو، چوڌري نثار سنئون سڌو کيس چيو ته ڪُجھ به ٿئي اها فرا،ئش ناهي مڃڻي، باقي گهر اسان به نه وينداسين ڀل ٽي وي تي پاڻ اچي “ميري عزيز هم وطنو” چون، ان ۾ اسان جو جيئندان آهي جيڪر اهو ڪيوسين ته اسان سياسي موت مري وينداسين. نواز پاران زرداري کي گهرائي ڳالھ سامهون رکي جنهن تي زرداري کيس مڪمل ساٿ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪُجھ به ٿئي اهي شيون ناهن قبولڻيون. باقي انهن تماشاين کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏي، جٿي هڪ هفتو انهي ماحول ۾ گذري ويو اتي ٻيو هفتو به گذري ويندو، سندن ڏانهن ماڻهو پيو موڪلجان آسري ۾ ويهاري ويهاري اهڙو ته بيزار ڪرينَ جو سندن ڪارڪن بيزار ٿي پاڻ پنهنجا ٽپڙ گول ڪري ويندا. هوڏانهن 5 ڏينهن تي ايڪشن وٺڻ جي آسري ۾ ويٺل تماشائي جڏهن بيزار ٿيا ته ڏاڍن کي انهن ڪلاڪ ڳڻائڻ شروع ڪيا، جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته اهو الٽيميٽم حڪومت کي ڏيندا هئا ته اوهان ڀليل هئا اصل ۾ هو پنهنجن اصل يارن کي وقت ۽ ڏينهن ياد ڪرائيندا هئا ته ظالمو اوهان ته هيترا ڏينهن چيا، اڄ هي وار اٿوَ ڪجھ ڪيو نه ته اسان هتي ڪاڪوس ڪري ڪري هتي ڪاڪوس سان گڏ دفن ٿي وينداسين. خير ڊرامي جي ڊراپ سين لکڻ وارن لکي ڇڏيو آهي. نواز حڪومت ڪمپرومائز ڪري ڇڏيو آهي. ان لاءِ مارشل لاءِ جا ڪي امڪان نه آهن، البته جيڪر نواز معاهدي تان ڦري ٿو(جيڪا سندس روايت به رهي آهي) ته ننڍي مدي (90 ڏينهن) لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪري ٻيهر ووٽنگ ڪرائي ويندي. هاڻي اچون ته ڏسون هنن جا مطالبا ڪهڙا آهن. سڀ کان پهرين مطالبو هو پاڪستان پروٽيڪشن آرڊيننس جو اهو پورو ٿيو بعد مشرف مان هٿ ڪڍڻ جو جنهن لاءِ حڪمران ڌر تيار بيٺل هئي، جنهن تان جهيڙو شروع ٿيو اهو 75 سيڪڙو انتظامي ونهوار اسان حوالي ڪيو، باقي روڊ، ناليون، گٽر، پلون اوهان تيار ڪرايو. ٻيو تڪراري مطالبو ملڪ ۾ 8 نوان صوبا ٺاهڻ جو حڪم، جنهن ۾ پنجاب جا 4 حصا ڪرڻ هو جيڪو نواز ليگ پنهنجي لاءِ سياسي خودڪشي برابر سمجهي ٿي، ۽ تاريخي داغ مٿن ايندو ته جڏهن پنجاب هڪ ڀيرو ٻيهر ٽڪر پيو ٿئي ته ان وقت ڪات شريف خاندان وٽ هو، باقي ٻين صوبن ۾ سنڌ جا 2 حصا سنڌ أي، سنڌ بي، بلوچستان جا به 2 حصا مڪران ۽ بولان، موجوده ڪي پيڪي جا 3 حصا، خيبر، خراسان ۽ اباسين، جڏهن ته گلگت بلتستان جو نالو تبديل ڪري ڪراڪرم ۽ قبضو ڪيل ڪشمير ساڳي حالت ۾ هوندو. الطاف حسين جي اڳڙين جا خواب ان ئي صورت ۾ پورا ٿي سگهن ٿا انهي لاءِ هو موقعو نه ٿو وڃائڻ چاهي بنه دير جي هن قادري صاحب جي بيعت ڪندي سندس حمايت ۾ ڪراچي ۾ يومِ سوڳ ملهائي ڇڏيو. ان پلاننگ ۾ حيدرآباد کي سنڌ بي جو گادي وارو شهر(عارضي) ڏيکاريو پيو وڃي، جڏهن ته اڳتي هلي ڄامشوري ۽ نوري آباد جي وچ ۾ جناح سٽي ٺاهي ان کي ڪئپيٽل آف سنڌ بِي(اڳتي هلي اسيمبليون ان صوبي جو نالو مٽائينديون) هوندو. اسان سنڌي ڪاٿي هونداسين خبر ناهي پر ڳجھا ذريعا اهو يقين ڪيو ويٺا آهن ته مردمشماري ۾ سنڌي پنهنجن ئي شهرن ۾ اقليت ۾ آهن، جن ۾سکر، نوابشاھ، خيرپور، ميرپورخاص، سانگهِڙ ۽ ٻيا سنڌي بهراڙي وارا وڏا شهر. ملڪ جي ڏاڍن مڙسن کي سنڌ جي عوام جي ردِ يمل جو ڪو خاص اونو ڪونهي ڇو جو انهن جي بقول ته هو سندن اڳواڻن جو پاڻي ڪڇي ويٺا آهن، ها بس 3 ڏينهن هڙتالون ٿينديون، ڪجھ ڏينهن مظاهرا هلندا ۽ بس هر ڪو پنهنجن ڪمن ڪارن ۾ جُنبي ويندو.
    سنڌ واسيو اکيون کولي پنهنجي آس پاس ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل کان لاتعلق نه ٿيو، اوهان جي اهڙي لاتعلقي اوهان جي قومي تشخص جي موت ثابت ٿيندي اڃا به وقت ويو ناهي. جمهوريت ادارن جي مضبوطي ۾ ئي ستان جي مظلوم قومن ڀلو آهي. بقول سائين امر فياض جي جمهوريت هيئنر ساڍن 6 سالن جو ٻار آهي جيڪو بنا سمجھ جي جٿي اچيس ٿو الٽيون به ڪري ٿو ڪاڪوس ڪري ماحول جو واس به مٽائي ٿو پر ان جو اهو مقصد ناهي ته ان ٻار اِن ڏوھ سندس ڳلو ئي ڪٽيو وڃي.
    نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ انهي لاءِ ضد ڪيو پيو وڃي ته ملڪ کي انتظامي طور ورهائڻ کي جاگرافي طور ”شارٽ” ڪرڻ سان ملڪ جي ٽن مختلف حصن ۾ هلندڙ علحيدگي جي تحريڪن کي تقريبن ختم ڪري سگهجي ٿو جن سنڌ مان 99 سيڪڙو عوام ان ويساھ تان مورڳو هٿ کڻي ويندو، اها سوچ ايندِڙ ٻن يا ٽن سالن لاءِ نه پر مستقل مفادن لاءِ ڪئي پئي وڃي. جاڳو سنڌيو جاڳو.نعريبازي ۽ لعنتن کان هٽي ڪري پنهنجن ماڻهن ۾ وڃو ڪوڏر، ڳن، ڪهاڙي، هر واري ۽ مزدور، بيري، ڊرائيور، ڪنڊڪٽر کي سنڌ ڪاز سمجهايو. يونيورسٽين کان ٻاهر نڪري سنڌيت جي تبليغ ڪيو. سنڌڙي اوهان 0ڏانهن واجهائي پئيئ اچو ته پنهنجو قومي فرض پورو ڪيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو