تُرڪي اچي خبر پئي ته هتي جا ماڻهو کڻي مهانگائي جي گهڻي دانهن نه ٿا ڪن پر هتي مهانگائي آهي خوب. خاص ڪري پنهنجي ناڻي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڌارين مُلڪن ويندڙ ناڻو روڪڻ جي ڪوشش ۾ امپورٽيڊ شين تي جيڪو ٽئڪس لڳايو اٿن ان ڪري اُهي اهڙيون ته مهانگيون ٿيون آهن جو هٿ لاهڻ ئي ڪونهي. رُڳو پئٽروليم پروڊڪٽس تي ئي 70 سيڪڙو ٽئڪس آهي ڇوته هتي لڳ ڀڳ سؤ سيڪڙو پئٽروليم امپورٽ ٿئي. پر جيڪڏهن اسان پنهنجي مُلڪ ۽ هتي جي پگهارن جي ڀيٽ ڪريون ته هتي کڻي ٻيڻي پگهار يا مزدوري ملي ٿي پر جيڪا مهانگائي آهي اها ٽيڻي چئوڻي آهي. ٻيو ته گهڻو ڪري ڪا به شئي مُفت ۾ ناهي جيڪا اسان وٽ غير معياري ۽ سؤلي رسد نه هوندي به آهي سهي ۽ هڪ آسرو آهي. مثال طور علاج لاءِ پاڻ وانگي سرڪاري اسپتال وارو حساب ناهي بلڪه گهڻو ڪري هتي سڀ انشورنس ڪرائين. سرڪاري اسڪول ۾ به ڪُجهه نه ڪُجهه فيس ضرور آهي. توڙي جو يورپ پاسي ته خاتونِ خانه (هائوس وائف) جو تصور هاڻ لڳ ڀڳ ختم ئي ٿيندو وڃي پر هتي تُرڪي ۾ اهو رُجحان اڃان به اسان جيترو ئي آهي. گهڻيون گرئجوئيٽ ڪندڙ ڇوڪريون اهو چوندي به ٻُڌجن ٿيون ته صفا اڻ ٽر ٿيو ته ٺيڪ نه ته نؤڪري نه ڪبي بس گهرداري ڪبي. مطلب ته هتي جو عورتون گهرداري پسند ڪن ٿيون. پر پوءِ به گهڻو ڪري زال مُڙس ٻئي نؤڪري ڪن. اهو ئي سبب آهي جو ننڍن ٻارن جي اسڪول جي ٽائمنگ صبح سوير کان شام پنجين تائين هوندي آهي ته جيئن ماءُ پيءُ نؤڪري ڪري موٽن ته ٻار به ان وقت ئي اچن. ايترو وقت اسڪول ۾ رهندڙ ٻار کي ٻه ٽي دفعا ماني کارائڻ توڙي ٻيا لوازمات پورا ڪرائڻ لاءِ سرڪاري اسڪول ۾ به بندوبست ٿيل آهي جنهن ۾ سواءِ کير (جيڪو گورنمنٽ ڏي) باقي سڀ مائٽن کان ورتل هر مهيني جي 200 ليرا (ڏهه هزار روپيا فيس کان علاوه) مان پورو ڪيو وڃي ٿو. تنهنڪري هتي ٻه يا وڌ ۾ وڌ ٽي ٻار کان مٿي جو تُرڪ والدين سوچين ئي ڪونه جو خرچ وڏا آهن ۽ هي افورڊ نه ٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن ڪنهن جا چار يا پنج ٻار ٿي به ويا ته جهڙو سر جي لڳي ويندي اٿس. اسان جي پاڙيسري يوسف بهادر کي پُٽ جي خواهش ۾ چار نياڻين جو اولاد ڇا ٿيو همراهه ڏينهن رات هڪ ڪري ڪم ڪرڻ لڳو. سڄو ڏينهن نؤڪري کان پوءِ ٻه ٽي اپارٽمينٽ جي صفائي جو ڪم، ڪُجهه اپارٽمينٽ جو هيٽنگ سسٽم گئس بجاءِ ڪوئلي تي هُجڻ ڪري ان جو ڪوئلو ٻاريندو رهڻ جهڙا پارٽ ٽائم ڪرڻ لڳو جو سندس گهرواري نؤڪري نه ٿي ڪئي ۽ چئن ٻارن جو گهر هلائڻ هن لاءِ ڏُکيو ٿي پيو هو. پر هتي هڪ ٻيو مُشاهدو اهو ٿيو ته هتي جون عورتون نؤڪري ڪن يا گهرداري يا وري ٻئي ڪم پر سندن گهر ڏاڍا صاف سُٿرا هوندا آهن. تُرڪي ۾ گهڻي ڀاڱي ته فليٽ سسٽم ئي آهي جو سڄو تُرڪي وڏن توڙي ننڍن جبلن تي اڏيل شهرن جو مجموعو آهي. ڪي شهر (جهڙوڪر ڪونيا، ڪائسيري) وغيره بلڪل سِڌي پٽ تي آهن ته به جبلن وچ ۾، جيئن پنهنجا مٺي يا اسلام ڪوٽ آهن ٿر جي ڀٽن وچ ۾. تنهنڪري پلاٽ جي کوٽ سبب گهڻو ڪري فليٽ ٺاهڻ تي زور اٿن. ڪي نوان فليٽ ته ٻاهران به بهترين ٿا ڏسجن پر ڪي پُراڻا يا غريباڻا فليٽ به آهن جيڪي ٻاهر کان ته پنهنجي رحيم شاپنگ سينٽر يا قاسم آباد واري عبدالله سينٽر جو ڏيک به ڏين ٿا (بس رستا ڊرينج جي پاڻي يا گند ڪچري کان صاف آهن). اهڙن توڙي نون فليٽس ۾ جڏهن به وڃڻ ٿيو آهي ته تُرڪ عورتن جي سُگهڙائپ تي بي اختيار واهه نڪريو وڃي. هڪ ته هونئن ئي تُرڪن جا قالين ۽ فرنيچر ڄڳ مشهور آهن جيڪي هنن جي گهرن جي زينت ۾ خوب اضافو ڪن پر در دريون، صوفا، الماريون، ٽئبل ڪُرسيون سڀ اهڙا صاف سُٿرا ڄڻ ته اهي ڪڏهن استعمال ئي ناهن ٿا. شُروع ۾ لڳو ته هنن وٽ ڪي ايماندار ماسيون هونديون جيڪي اهو ڪم ڪريو ڏين. پر پوءِ خبر پئي ته هتي ماسي رکڻ جو ڪو رواج ئي ناهي. ورلي ڪا گهر ڌڃاڻي گهر جي صفائي سُٿرائي يا ٻُهاري پوچي لاءِ ڪا مائي رکي سو به ڪنهن خاص وجه سان. مثال طور کيس لَٽ مٽي کان الرجي آهي يا سندس نؤڪري اهڙي آهي جو کيس بلڪل به وقت نه ٿو ملي. پر جڏهن اسان پنهنجي پاسي جو جائزو ٿا وٺون ته بي حساب ٻار ٻيو ته اسان وٽ لٽ مٽي آهي به گهڻي. تنهنڪري اهر گهر اهڙو صاف سُٿرو ملڻ جي توقع گهٽ ئي رکي سگهجي ٿي. ۽ اهو به وڏو سبب آهي ته اسان وٽ گهڻي ڀاڱي گهر ۾ ڪم ڪرڻ واري هڪڙي ۽ گهر ۾ ٻار گهڻا هُجڻ ڪري پوري به ڪونه پوي. هتي ٻار ٿورا هُجڻ ڪري صفائي سُٿرائي ۾ عورتن کي ڏُکيائي ڪانه ٿئي. پر ان غير معمولي صفائي سُٿرائي ۽ سُگهڙائپ جي هڪ ٻي اهم وجه يا راز جيڪي پوءِ سمجهياسين ته تُرڪ عورتون ماني پچائڻ جي خفي کان پڻ آجيون آهن. ايئن به ناهي ته ڪو هي سڀ هوٽلنگ ڪن ٿا. توڙي جو تُرڪ کاڌي پيتي جي معاملي ۾ لڳ ڀڳ عربن جهڙا ئي آهن بس اسراف کان پاسو ڪن. خوب کائن پر اوترو ئي پچائن/وٺن يا تيار ڪن جيتري ضرورت هُجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اها ضرورت سندن صحت موجب ڪُجهه سوائي آهي. پر هنن ۽ اسان جي کاڌي ۾ هڪ فرق آهي ته اسان وٽ کاڌي ۾ طاقت جو اصل ذريعو اَنُ (ڪڻڪ) آهي. ڪو مريض هوندو ۽ ماني نه کائيندو ته به سار سنڀال ڪندڙ زور پيا ڏيندا ته اَنُ کاءُ، اَنُ پيٽ ۾ پوندو ته سگهو ٿيندين ۽ دوا به اثر ڪندي. ۽ جيڪو صفا نه کائي سگهندو تنهن کي ڊبل روٽي يا نرم نان وٺي پيا کارئيندا. پر هتي اُبتو حساب آهي. هتي پاڻ واري سنهي ماني (چپاتي) جو ته تصور ئي ڪونهي. هنن جي طاقت جو ذريعو پنير مکڻ ۽ ٻوڙ آهن. اسان جي مريضن ۽ هنن جي سگهن جي ماني ساڳي آهي يعني بيڪري واري ڊبل روٽي جيڪا هي روز دُڪانن يا بيڪرين تان وٺيو اچن. کاڌي جي ٽئبل تي ان جا وڏا وڏا ٽُڪر ڪري رکندا ۽ پوءِ چمچي سان ٻوڙ ويٺا کائيندا ۽ جڏهن جڏهن موڊ ٿيو ته ان ڊبل روٽي مان به چڪ هڻي وٺندا. ظاهر آهي ماني پچائڻ کان بچڻ جو اهو موقعو عورتن کي چڱي ڀلي خفي کان بچايو وٺي. اصل ۾ اهو هڪ دلچسپ رُجحان آهي ته جيئن اُوڀر کان اولهه وڃبو کاڌو سخت ٿيندو وڃي. جڏهن ته اولهه کان اوڀر طرف وري پٽڙو. اوهان ملائيشيا انڊونيشيا نيپال وڃو ته اوهان کي چپاتي توڙي رس وارا ٻوڙ ملندا. پر اوهان اولهه طرف وڃو ته پاڻ واري ماني جو رواج گهٽبو ويندو ۽ ٻوڙ به خشڪ ۽ سخت هوندا. ساڳي طرح وري مصالحن ۽ مختلف ميلاپ سان جوڙي نيون نيون خوشبوئون پئدا ڪرڻ وارو رُجحان به اسان طرف آهي. اولهه پاسي کاڌن ۾ خوشبو تي زور گهٽ. اهو سبب به آهي ته هتي جي عورتن کي هڪ طرف ماني پچائڻ کان آجپو آهي ته ٻي طرف ٻوڙ ڀاڄي يا چانورن تي به ڪا خاص محنت نه ٿي ڪرڻي پئي. هونئن اها به حقيت آهي ته جيترو وقت عورتن کي ماني پچائڻ ۾ لڳي ٿو ان کان ڪيترائي دفعا گهٽ ڀاڄي ٺاهڻ ۽ ٿانوؤ ٿپا ڌوئي رکڻ ۾ لڳي ٿو. جڏهن ماني وارو قصو ئي ختم ته پوءِ وقت ئي وقت آهي. هونئن به اڄڪلهه هتي سڀ هڪ دفعو ڏندن تي ڏيئي پائيدار آٽوميٽنڪ واشنگ مشين ۽ ڊش واش مشين وٺيو وڃن. پوءِ ڪپڙا ان ۾ ڌوپجي نپوڙجي ۽ لڳ ڀڳ خُشڪ ٿي ملن جيڪي بس ڏهه پنڌرهن منٽ هوا تي ڇڏ ته سُڪيو وڃن. ٿانو مشين ۾ وجهي ٻي پاسي ڌوپجي نڪتل کڻي پاڻي سُڪڻ لاءِ ريڪ تي رکيو ڇڏين. ان کان پوءِ تُرڪ عورت ڀلي خاتونِ خانه هُجي يا نؤڪري ڪندڙ کيس خوب وقت مليو وڃي ته هو سڄو ڏينهن گهر کي چمڪائيندي رهي. اهو ته اسان وٽ ماين سان ويل آهي جيڪي ٽي ويلن جي ماني ڪندي ڪندي سڄو وقت ان ۾ گُذاريو ڇڏين. شهري عورتون ته وري به ٻار گهٽ ڄڻين ۽ نؤڪري ڪن تنهنڪري يا ته ٻاهر کائڻ تي زور يا ان ڪم ڪار لاءِ به ماسي رکن پر اسان وٽ ننڍن شهرن يا ڳوٺن ۾ وڏي ٿالهه ۾ اڌ ڪلاڪ کن جان لڳائي اٽو ڳوهڻ، ان کان پوءِ وري هڪ هڪ ماني پاٽلي تي گول گول پکيڙي ۽ پوءِ تئي تي ويهي پاسا ڦيرائي ڦيرائي هڪ جهڙي پچائڻ. اهو ڪم گهر ۾ اڪيلي عورت ڏينهن ۾ ٽي دفعه ڪري سڄي آڪهه کي کارائي وئي ته لک کٽيائين. ان کان پوءِ وٽس دم ئي ڪٿي هوندو جو هو ويهي تُرڪ عورتن جيان گهر چمڪائي. سو به اُتي جتي ڪرڻ واري هڪڙي ۽ ڦٽائڻ وارا ڏهه (جنهن ۾ ٻار توڙي گهر جا مرد سڀ شامل هُجن). جڏهن ته هتي ته ڇوڪري وڏي ٿي ناهي ته ان کي گهر جي ڪمن جي سِکيا ڏيڻ شروع ٿيو وڃن. جيڪا پڻ ماءُ سان هٿ ونڊائيندي. اسان وٽ مرد گهر ۾ اول ته عورتن سان هٿ ونڊائن ڪونه پر ڪندا ته به کل جو باعث پر هتي مرد به هر وقت پيا صفائي تي زور ڏيندا آهن ۽ پاڻ به ڪندا آهن. اهو ته پاڻ وٽ رواج ٿي پيو آهي ته مائرون نام نهاد ڀانئڻ (اصل ۾ هٿ ۾ وٺي دشُمني) جي چڪر ۾ جواڻ جماڻ ڇوڪرين کي گهر جو ڪم ڪونه ڪرڻ ڏين ۽ سڀ ڪم پاڻ سر تي کنيو ويٺيون هونديون. اهو ناهن سوچينديون ته سُڀاڻي هو پنهنجي گهر ڇا وڃي ڪندي جتي سس کيس ماءُ جيان انهيءَ ڀانئڻ بجاءِ ويٺي سڄي عُمر طعنا ڏيندي رهندي.
تُرڪي جي خوبصورتي توهان ۽ گورڌن ولاسائي جي تصويرن ۽ ليک سان ڏٺي ۽ پڙهي پر مهانگائي اُتي به آهي سوبه ٻيڻ تي اهو سوچيو ئي ڪونه هو ۽ اڄ جي مضمون ۾ پڙهيم. بهترين ليک.
گهرن جي صفائي ته مون کي به ڏاڍي وڻي. وڌيڪ ڪونه ٿو ڪجهه چئي سگهان ته متان ڪو ايئن چئي وجهي ته پراين گهرن ۾ ايئن تڪڻ ۽ گهڙڻ اسان سنڌين جي شان وٽان ناهي. شان کي به ته برقرار رکڻو آهي. مايون ڪافي سگهڙ آهن انهي ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي. مون کي به هاڻي کان ريس ٿيڻ لڳي آهي ته پنهنجي گهر ۽ آفيس جي صفائي پاڻ ڪبي. مون کي ياد آهي هڪ دفعي مون قائد عوام يونيورسٽي ۾ پنهنجي آفيس ٽيبل پئي صاف ڪئي ته پٽيوالو ڊوڙندو آيو ته گهوڙا ڙي سائين آئون ٿو صاف ڪريان توهان ڇو ٿا صاف ڪريو، پر هفتي تائين وري ۾ پنهنجي ٽيبل جي صفائي ٿيل نه ڏٺي. رڳو ڏيکا آهي، بس. توهان جو آرٽيڪل واقعي وزنائتو، گهرائپ ۽ سبيتي تحقيق تي ٻڌل آهي. ٿمبس اپ. وڌيڪ اهو ته هن مهانگائي کي بيلينس مهانگائي چئجي ته غلط نه ٿيندو!!! امپورٽ ڪيل شيون ته هُجڻ ئي ٽيڻي قيمت تي کپن، ڇو ته انهن شين تي اسان کي پنهنجون حقيقي شيون ڏيڻيون ٿيون پون بدلي ۾.
هي ليک به وڻيو .. خاص ڪري اها ٻوڙ ۽ ماني واري ڳالهه اڪثر الطاف شيخ به ڪندو آهي. پر پوء به جي ڏسجي ته ماني پچائڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو ...؟؟؟ ايترو به نه جو ان جي آڙ ۾ گهرن جي صفائي سٿرائي ئي رهجي وڃي. اصل ۾ اسان وٽ رواج، ريتن ۽ ماحول سڄو ڪم خراب ڪيو آ، اسان وٽ مرد گهر جي ڪمن ۾ صفا هٿ نه ونڊائين ... ڀلا ڪٿي لکيل آ ته مرد ماني نه پچائي يا ٿانو نه ڌوئي. اسان وٽ چاچي ڪريم ۽ مرتضى جهڙا سڄو ڏينهن سُتا پيا هوندا يا هِتان هُتان جون ڳالهيون پيا ڪندا، هر موضوع تي پيا ڳالهائيندا، اسان جي اوطاق هائيڊ پارڪ جو ڏيک ڏيندي پر ڪڏهن به هنن پنهنجي سُستي ۽ ڪاهلي تي ڪونه ڳالهايو هوندو..... ان بجاء جي هو به گهر جي سامان ۽ صفائي تي صرف اڌ ڪلاڪ روزانو ڏين ته ڇا ٿيندن. سچ اهو آهي ته جڏهن فيملي ڳوٺ هوندي آهي ته منهنجي ڪمري جي هر شيء ٽڙيل پکڙيل، هر شيء تي مٽيءَ جا تهه چڙهيل هوندا آهن. نه صرف اهو پر مجال آ جو ڪا شيءِ پنهنجي اصل جڳهه تي ملي. جڏهن ته ٻارن هوندي به فيملي گهر ۾ هوندي آهي ته سڀ شيء سليقي سان ملندي اٿم، مان سڄو ڏينهن فيسبوڪ تي هوندس، ڪمپيوٽر تي يا راند ڏسندس يا مووي پر اهو نه ٿيندو ته ڪو اڌ ڪلاڪ گهر جي ڪم ڪار کي ڏيان. مان ٻاهران نوڪري ڪري، گهر جو سامان وٺي سڀني تي احسان ڪندس ..... اها سوچ ۽ اها ريت ۽ روايت تبديل ٿيندي ته بهتري ايندي، جيڪا اتفاق سان اڃان تبديل ٿيندي نظر ڪونه پئي اچي. ترڪيء وارن ٻاهرين شين تي ٽيڪس لڳائي سٺو ڪيو آهي پر اسان وٽ سلسلو ئي ٻيو آهي. اسان وٽ لوڪل شيون گهڻو ڪري ٻه نمبر يا ٽي نمبر هونديون آهن جنهن سبب ٻاهريون شيون ڀلي مهانگيون ئي هجن خريد ڪرڻيون پون ٿيون. سدا خوش هجو ۽ پنهنجو ۽ ٻارن جو خيال ڪجو .... قيوم کي سلام
ادا اوهان پاران جامع تبصري جو انتظار هوندو آهي جنهن جي مهرباني. ادا ماني پچائڻ ۽ ٿانؤ ڌوئڻ، اهي ٻه ڪم ڪيئن آهن ۽ ڪيترو وقت وٺن ٿا اهو هڪ دفعو وري ڏسجو يا ذائفائن کان پُڇجو. جوائنٽ فئملي ۾ ورهايل ڪم ۾ به اهي ٻه ڪم اهڙا آهن جن تي جهيڙو هوندو آهي ته ”آئون نه ڪنديس“. اهو ئي سبب آهي ته عورتون ٽيئي ٽائم چانور ٺاهڻ ۾ خوش هونديون آهن جو پوءِ وٽن اسٽار پلس جي ڊرامي يا وري ٻي ڪنهن خفي لاءِ خوب وقت بچي ٿو. اٽو ڳوهي 10 ماڻهن جي ماني پچائي ٿانؤ ڌوئڻ معنىٰ ٽي ڪلاڪ پڪا. ڏينهن ۾ ٻه دفعا اهو ڪجي ته سوچيو باقي وقت ۽ دم ئي ڪيترو رهندو. باقي اسان مرد ڪمائڻ جا ڀڙ ۽ عورتن جي نؤڪري جي خلاف آهيون ته پوءِ ظاهر آهي سندن غير موجودگي ۾ گهر جو حال اهو ئي ٿيندو جيڪو ڀاڀي جي ڳوٺ وڃڻ تي اوهان جي ڪمري جو ٿئي ٿو مرتضىٰ ته آهي ئي واندو جو ڦُٽو آ نه فاٽو آهي چاچو ڪريم ته انجُمنِ مُتاثرين زوجان پئي ٺاهي اُن جو ڇا ٿيو؟ چاچا سان ٻيا ظلم گهٽ آهن جو ٿانؤ به ڌوئي؟؟؟؟ (آخري پيرا بس مذاق ۾)
اوهان سان رابطو آهي ... جيڪو چوڻو هوندو ڊائريڪٽ چئبو .... قيوم سان رابطو ناهي رهيو. اوهان سان ناراضگي به آهي..... پاڻ سمجهي ويا هوندا.
ادا ڪير ڇا ٿو چئي اهو ٻُڌي ڪن لاٽار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو چارو ناهي تيسين جيسين جان جي امان هُجي. اهو بلڪل صحيح پيا چئو ته اسان ”سائين ڇڏيو مان ٿو ڪريان“ چوڻ جي حد تائين آهي پر اصل ۾ اهو نه ”ڪرڻ نه وري ڪرڻ ڏيڻ“ آهي. (باقي جيڪو ذاتي ميسيج ۾ چئو پيو اسڪول ٽائمنً ڊگهي ته ادا اهتي ايئني ئي آهي. ان جو فائدو منهنجي ايولي حانم به وٺي پئي جو فائقه هاڻ ڪي جي سيڪشن مان پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿي آهي ۽ اُتي ڪُجهه بهترين استادن جي چونڊ تي مائٽن جو گهڻو مارو ڏِسي ڪُجهه سالن کان قُرعه اندازي پيا ڪن. فائقه جو ڀاڳ جو کيس نمبر هِڪ ٽيچر جي رئنڪ ۾ ايندڙ ٽيچر جو ڪلاس مليو قرعه اندازي سان. مون وٽ به ساڳيو جواب هو پر سليمان وقتائتو ڏيئي ڀلو ڪيو. ادا ناراضگي ته آهي پر همراهه صفا ضد ڪري بيٺو آهي ڇا ڪجي؟؟؟؟؟ مون جيڪا مٿي هڪ لائين لکي ”ادا ڪير ڇا ٿو چئي اهو ٻُڌي ڪن لاٽار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو چارو ناهي تيسين جيسين جان جي امان هُجي. “ منهنجي خيال ۾ ڳالهه اڃان ان نوبت تي ڪانهي پُهتي ايئن تڪڙ ۾ هڪ راءِ تي هٿيار فٽا ڪرڻ نه ڄُڳائي.
جيستائين فوٽوئن تي ناراض نه ٿا ٿين، تيستائين پيا هلنداسين. هونئن به جاتي پڄي نه سگهجي، تاتي ڀڄڻ ڪم وريام جو. باقي ڳاڙها اکر چِٽا آهن.