تُرڪي اچي خبر پئي ته هتي جا ماڻهو کڻي مهانگائي جي گهڻي دانهن نه ٿا ڪن پر هتي مهانگائي آهي خوب. خاص ڪري پنهنجي ناڻي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڌارين مُلڪن ويندڙ ناڻو روڪڻ جي ڪوشش ۾ امپورٽيڊ شين تي جيڪو ٽئڪس لڳايو اٿن ان ڪري اُهي اهڙيون ته مهانگيون ٿيون آهن جو هٿ لاهڻ ئي ڪونهي. رُڳو پئٽروليم پروڊڪٽس تي ئي 70 سيڪڙو ٽئڪس آهي ڇوته هتي لڳ ڀڳ سؤ سيڪڙو پئٽروليم امپورٽ ٿئي. پر جيڪڏهن اسان پنهنجي مُلڪ ۽ هتي جي پگهارن جي ڀيٽ ڪريون ته هتي کڻي ٻيڻي پگهار يا مزدوري ملي ٿي پر جيڪا مهانگائي آهي اها ٽيڻي چئوڻي آهي. ٻيو ته گهڻو ڪري ڪا به شئي مُفت ۾ ناهي جيڪا اسان وٽ غير معياري ۽ سؤلي رسد نه هوندي به آهي سهي ۽ هڪ آسرو آهي. مثال طور علاج لاءِ پاڻ وانگي سرڪاري اسپتال وارو حساب ناهي بلڪه گهڻو ڪري هتي سڀ انشورنس ڪرائين. سرڪاري اسڪول ۾ به ڪُجهه نه ڪُجهه فيس ضرور آهي. توڙي جو يورپ پاسي ته خاتونِ خانه (هائوس وائف) جو تصور هاڻ لڳ ڀڳ ختم ئي ٿيندو وڃي پر هتي تُرڪي ۾ اهو رُجحان اڃان به اسان جيترو ئي آهي. گهڻيون گرئجوئيٽ ڪندڙ ڇوڪريون اهو چوندي به ٻُڌجن ٿيون ته صفا اڻ ٽر ٿيو ته ٺيڪ نه ته نؤڪري نه ڪبي بس گهرداري ڪبي. مطلب ته هتي جو عورتون گهرداري پسند ڪن ٿيون. پر پوءِ به گهڻو ڪري زال مُڙس ٻئي نؤڪري ڪن. اهو ئي سبب آهي جو ننڍن ٻارن جي اسڪول جي ٽائمنگ صبح سوير کان شام پنجين تائين هوندي آهي ته جيئن ماءُ پيءُ نؤڪري ڪري موٽن ته ٻار به ان وقت ئي اچن. ايترو وقت اسڪول ۾ رهندڙ ٻار کي ٻه ٽي دفعا ماني کارائڻ توڙي ٻيا لوازمات پورا ڪرائڻ لاءِ سرڪاري اسڪول ۾ به بندوبست ٿيل آهي جنهن ۾ سواءِ کير (جيڪو گورنمنٽ ڏي) باقي سڀ مائٽن کان ورتل هر مهيني جي 200 ليرا (ڏهه هزار روپيا فيس کان علاوه) مان پورو ڪيو وڃي ٿو. تنهنڪري هتي ٻه يا وڌ ۾ وڌ ٽي ٻار کان مٿي جو تُرڪ والدين سوچين ئي ڪونه جو خرچ وڏا آهن ۽ هي افورڊ نه ٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن ڪنهن جا چار يا پنج ٻار ٿي به ويا ته جهڙو سر جي لڳي ويندي اٿس. اسان جي پاڙيسري يوسف بهادر کي پُٽ جي خواهش ۾ چار نياڻين جو اولاد ڇا ٿيو همراهه ڏينهن رات هڪ ڪري ڪم ڪرڻ لڳو. سڄو ڏينهن نؤڪري کان پوءِ ٻه ٽي اپارٽمينٽ جي صفائي جو ڪم، ڪُجهه اپارٽمينٽ جو هيٽنگ سسٽم گئس بجاءِ ڪوئلي تي هُجڻ ڪري ان جو ڪوئلو ٻاريندو رهڻ جهڙا پارٽ ٽائم ڪرڻ لڳو جو سندس گهرواري نؤڪري نه ٿي ڪئي ۽ چئن ٻارن جو گهر هلائڻ هن لاءِ ڏُکيو ٿي پيو هو.
پر هتي هڪ ٻيو مُشاهدو اهو ٿيو ته هتي جون عورتون نؤڪري ڪن يا گهرداري يا وري ٻئي ڪم پر سندن گهر ڏاڍا صاف سُٿرا هوندا آهن. تُرڪي ۾ گهڻي ڀاڱي ته فليٽ سسٽم ئي آهي جو سڄو تُرڪي وڏن توڙي ننڍن جبلن تي اڏيل شهرن جو مجموعو آهي. ڪي شهر (جهڙوڪر ڪونيا، ڪائسيري) وغيره بلڪل سِڌي پٽ تي آهن ته به جبلن وچ ۾، جيئن پنهنجا مٺي يا اسلام ڪوٽ آهن ٿر جي ڀٽن وچ ۾. تنهنڪري پلاٽ جي کوٽ سبب گهڻو ڪري فليٽ ٺاهڻ تي زور اٿن. ڪي نوان فليٽ ته ٻاهران به بهترين ٿا ڏسجن پر ڪي پُراڻا يا غريباڻا فليٽ به آهن جيڪي ٻاهر کان ته پنهنجي رحيم شاپنگ سينٽر يا قاسم آباد واري عبدالله سينٽر جو ڏيک به ڏين ٿا (بس رستا ڊرينج جي پاڻي يا گند ڪچري کان صاف آهن).
اهڙن توڙي نون فليٽس ۾ جڏهن به وڃڻ ٿيو آهي ته تُرڪ عورتن جي سُگهڙائپ تي بي اختيار واهه نڪريو وڃي. هڪ ته هونئن ئي تُرڪن جا قالين ۽ فرنيچر ڄڳ مشهور آهن جيڪي هنن جي گهرن جي زينت ۾ خوب اضافو ڪن پر در دريون، صوفا، الماريون، ٽئبل ڪُرسيون سڀ اهڙا صاف سُٿرا ڄڻ ته اهي ڪڏهن استعمال ئي ناهن ٿا. شُروع ۾ لڳو ته هنن وٽ ڪي ايماندار ماسيون هونديون جيڪي اهو ڪم ڪريو ڏين. پر پوءِ خبر پئي ته هتي ماسي رکڻ جو ڪو رواج ئي ناهي. ورلي ڪا گهر ڌڃاڻي گهر جي صفائي سُٿرائي يا ٻُهاري پوچي لاءِ ڪا مائي رکي سو به ڪنهن خاص وجه سان. مثال طور کيس لَٽ مٽي کان الرجي آهي يا سندس نؤڪري اهڙي آهي جو کيس بلڪل به وقت نه ٿو ملي. پر جڏهن اسان پنهنجي پاسي جو جائزو ٿا وٺون ته بي حساب ٻار ٻيو ته اسان وٽ لٽ مٽي آهي به گهڻي. تنهنڪري اهر گهر اهڙو صاف سُٿرو ملڻ جي توقع گهٽ ئي رکي سگهجي ٿي. ۽ اهو به وڏو سبب آهي ته اسان وٽ گهڻي ڀاڱي گهر ۾ ڪم ڪرڻ واري هڪڙي ۽ گهر ۾ ٻار گهڻا هُجڻ ڪري پوري به ڪونه پوي. هتي ٻار ٿورا هُجڻ ڪري صفائي سُٿرائي ۾ عورتن کي ڏُکيائي ڪانه ٿئي.
پر ان غير معمولي صفائي سُٿرائي ۽ سُگهڙائپ جي هڪ ٻي اهم وجه يا راز جيڪي پوءِ سمجهياسين ته تُرڪ عورتون ماني پچائڻ جي خفي کان پڻ آجيون آهن. ايئن به ناهي ته ڪو هي سڀ هوٽلنگ ڪن ٿا. توڙي جو تُرڪ کاڌي پيتي جي معاملي ۾ لڳ ڀڳ عربن جهڙا ئي آهن بس اسراف کان پاسو ڪن. خوب کائن پر اوترو ئي پچائن/وٺن يا تيار ڪن جيتري ضرورت هُجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اها ضرورت سندن صحت موجب ڪُجهه سوائي آهي. پر هنن ۽ اسان جي کاڌي ۾ هڪ فرق آهي ته اسان وٽ کاڌي ۾ طاقت جو اصل ذريعو اَنُ (ڪڻڪ) آهي. ڪو مريض هوندو ۽ ماني نه کائيندو ته به سار سنڀال ڪندڙ زور پيا ڏيندا ته اَنُ کاءُ، اَنُ پيٽ ۾ پوندو ته سگهو ٿيندين ۽ دوا به اثر ڪندي. ۽ جيڪو صفا نه کائي سگهندو تنهن کي ڊبل روٽي يا نرم نان وٺي پيا کارئيندا. پر هتي اُبتو حساب آهي. هتي پاڻ واري سنهي ماني (چپاتي) جو ته تصور ئي ڪونهي. هنن جي طاقت جو ذريعو پنير مکڻ ۽ ٻوڙ آهن. اسان جي مريضن ۽ هنن جي سگهن جي ماني ساڳي آهي يعني بيڪري واري ڊبل روٽي جيڪا هي روز دُڪانن يا بيڪرين تان وٺيو اچن. کاڌي جي ٽئبل تي ان جا وڏا وڏا ٽُڪر ڪري رکندا ۽ پوءِ چمچي سان ٻوڙ ويٺا کائيندا ۽ جڏهن جڏهن موڊ ٿيو ته ان ڊبل روٽي مان به چڪ هڻي وٺندا. ظاهر آهي ماني پچائڻ کان بچڻ جو اهو موقعو عورتن کي چڱي ڀلي خفي کان بچايو وٺي.
اصل ۾ اهو هڪ دلچسپ رُجحان آهي ته جيئن اُوڀر کان اولهه وڃبو کاڌو سخت ٿيندو وڃي. جڏهن ته اولهه کان اوڀر طرف وري پٽڙو. اوهان ملائيشيا انڊونيشيا نيپال وڃو ته اوهان کي چپاتي توڙي رس وارا ٻوڙ ملندا. پر اوهان اولهه طرف وڃو ته پاڻ واري ماني جو رواج گهٽبو ويندو ۽ ٻوڙ به خشڪ ۽ سخت هوندا. ساڳي طرح وري مصالحن ۽ مختلف ميلاپ سان جوڙي نيون نيون خوشبوئون پئدا ڪرڻ وارو رُجحان به اسان طرف آهي. اولهه پاسي کاڌن ۾ خوشبو تي زور گهٽ. اهو سبب به آهي ته هتي جي عورتن کي هڪ طرف ماني پچائڻ کان آجپو آهي ته ٻي طرف ٻوڙ ڀاڄي يا چانورن تي به ڪا خاص محنت نه ٿي ڪرڻي پئي.
هونئن اها به حقيت آهي ته جيترو وقت عورتن کي ماني پچائڻ ۾ لڳي ٿو ان کان ڪيترائي دفعا گهٽ ڀاڄي ٺاهڻ ۽ ٿانوؤ ٿپا ڌوئي رکڻ ۾ لڳي ٿو. جڏهن ماني وارو قصو ئي ختم ته پوءِ وقت ئي وقت آهي. هونئن به اڄڪلهه هتي سڀ هڪ دفعو ڏندن تي ڏيئي پائيدار آٽوميٽنڪ واشنگ مشين ۽ ڊش واش مشين وٺيو وڃن. پوءِ ڪپڙا ان ۾ ڌوپجي نپوڙجي ۽ لڳ ڀڳ خُشڪ ٿي ملن جيڪي بس ڏهه پنڌرهن منٽ هوا تي ڇڏ ته سُڪيو وڃن. ٿانو مشين ۾ وجهي ٻي پاسي ڌوپجي نڪتل کڻي پاڻي سُڪڻ لاءِ ريڪ تي رکيو ڇڏين. ان کان پوءِ تُرڪ عورت ڀلي خاتونِ خانه هُجي يا نؤڪري ڪندڙ کيس خوب وقت مليو وڃي ته هو سڄو ڏينهن گهر کي چمڪائيندي رهي. اهو ته اسان وٽ ماين سان ويل آهي جيڪي ٽي ويلن جي ماني ڪندي ڪندي سڄو وقت ان ۾ گُذاريو ڇڏين. شهري عورتون ته وري به ٻار گهٽ ڄڻين ۽ نؤڪري ڪن تنهنڪري يا ته ٻاهر کائڻ تي زور يا ان ڪم ڪار لاءِ به ماسي رکن پر اسان وٽ ننڍن شهرن يا ڳوٺن ۾ وڏي ٿالهه ۾ اڌ ڪلاڪ کن جان لڳائي اٽو ڳوهڻ، ان کان پوءِ وري هڪ هڪ ماني پاٽلي تي گول گول پکيڙي ۽ پوءِ تئي تي ويهي پاسا ڦيرائي ڦيرائي هڪ جهڙي پچائڻ. اهو ڪم گهر ۾ اڪيلي عورت ڏينهن ۾ ٽي دفعه ڪري سڄي آڪهه کي کارائي وئي ته لک کٽيائين. ان کان پوءِ وٽس دم ئي ڪٿي هوندو جو هو ويهي تُرڪ عورتن جيان گهر چمڪائي. سو به اُتي جتي ڪرڻ واري هڪڙي ۽ ڦٽائڻ وارا ڏهه (جنهن ۾ ٻار توڙي گهر جا مرد سڀ شامل هُجن). جڏهن ته هتي ته ڇوڪري وڏي ٿي ناهي ته ان کي گهر جي ڪمن جي سِکيا ڏيڻ شروع ٿيو وڃن. جيڪا پڻ ماءُ سان هٿ ونڊائيندي. اسان وٽ مرد گهر ۾ اول ته عورتن سان هٿ ونڊائن ڪونه پر ڪندا ته به کل جو باعث پر هتي مرد به هر وقت پيا صفائي تي زور ڏيندا آهن ۽ پاڻ به ڪندا آهن. اهو ته پاڻ وٽ رواج ٿي پيو آهي ته مائرون نام نهاد ڀانئڻ (اصل ۾ هٿ ۾ وٺي دشُمني) جي چڪر ۾ جواڻ جماڻ ڇوڪرين کي گهر جو ڪم ڪونه ڪرڻ ڏين ۽ سڀ ڪم پاڻ سر تي کنيو ويٺيون هونديون. اهو ناهن سوچينديون ته سُڀاڻي هو پنهنجي گهر ڇا وڃي ڪندي جتي سس کيس ماءُ جيان انهيءَ ڀانئڻ بجاءِ ويٺي سڄي عُمر طعنا ڏيندي رهندي.