گورڌن ولاسائي
سينيئر رڪن
اڄ جي ئي ڳالهه آهي، دوست عبدالحفيظ لغاري نياپو ڪيو ته هڪ مسئلو آهي، تنهن لاءِ فون ٿو ڪريان. فون تي چيائين ته هي مسئلو آهي، منهنجي سپروائزر به هتي ناهي، هاڻي ڇا ڪريان؟ مون ڏس ڏنو ته وائيس چانسلر سان مل. چيائين ته وائس چانسلر سان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران 8 سالن ۾ به نه مليو آهيان ۽ هن وي سي جي ته آفيس به خبر ناهي ڪٿي آهي. مون سان ساڳي حال آهي، پر مون کي پنهنجي مهراڻ يونيورسٽي سان گهٽ ۾ گهٽ 2، 3 دفعا هٿ ملائڻ جو موقعو مليو.
هتي جي ڳالهه آهي ته ڪجهه دوستن سان گڏ انقره جي تُنالي گهٽي ۾ هڪ ريسٽورانٽ تي ماني واڌو ڪچهري دوران هڪ دوست جو والد هڪ ڪيڪ کڻي آيو ۽ اسان کي پنهنجي سالگره ملهائڻ جو ٻڌايائين ته اڪيلو آهيان اڄ. پنهنجي پُٽ مارت کي ڀاڪر پائي اهڙو ته پيار سان مليو جو منهنجون اکيون ڀرجي آيون، پنهنجي پُٽ کي چميون ڏنائين. وري وڃڻ مهل پنهنجي زوردار ڀاڪر سان گڏ چُمين سان الوداع ڪيائين. مون سمجهيو ته شايد هي واحد تُرڪ ايئن ڪندو هوندو، پر ص ٻڌايو ته تُرڪ والدين پنهنجي ٻارن سان تمام گهڻو پيار ڪن ٿا. سندن تمام گهڻو خيال ڪندا آهن. ايتري قدر جو هر سال 23 اپريل تي ٻارن جو ساليانو قومي ڏهاڙو به ملهائيندا آهن. ان ڏينهن تي سڀ والدين پنهنجي ٻارن سان گڏ ٻاهر نڪرندا آهن، پڪنڪ ڪرائيندا آهن، خريداري ڪرائيندا آهن. جيئن اسان وٽ عيد جي ڏينهن ۾ ڪافي شهرن ۾ ميلن وارا جهولا ۽ موت جا کوهه لڳندا آهن ايئن هتي به پارسل جهولا لڳندا آهن. ڪافي رونق مچندي آهي.
منهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ سڀني تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ مخصوص ڪمرو آهي جنهن ۾ 15 کن تحقيقدان ويٺل هوندا آهن، هرڪو پنهنجي پنهجي ٽيبل تي پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رُڌل هوندو آهي. منهنجي سپروائيزر جڏهن به ايندي آهي ته آئون ساڻس اُٿي بيهي ڳالهائيندو آهيان، پهريان ته ڪافي حيران ٿيندي هُئي ته اُٿي ڇو ٿو بيهان...... ٻين دوستن جا سپروائيزر ايندا آهن ته تحقيق ڪندڙ دوست پنهنجي ئي ڪرسين تي ويهي انهن سان پيا ڳالهائيندا آهن، ايئن محسوس ٿيندو آهي جهڙوڪ پاڻ ۾ دوست هُجن.
شاگرد ڦوڙي ڪري مختلف علائقن ۾ گڏجي هڪ بس ڪرائي تي ڪري گهُمڻ ويندا آهن، جيڪو تمام سستو پوندو آهي. جنهن ۾ آئون ۽ ٻيا ڪافي دوست به سستاڻ جي ڪري گڏ ويندا آهيون. پروفيسر ليول جا ماڻهو به ان ۾ شامل هوندا آهن. ڪپادوڪيا وڃڻ دوران هڪ پروفيسر کي گائيڊ (جيڪو هڪ شاگرد ئي هو.) کان ڪُجهه پڇڻو هو سو هو پنهنجي سيٽ تان اُٿي ان گائيڊ جي سيٽ جي پاسي ۾ بيهي کانئس معلومات وٺي رهيو هو. پهرئين سال جا شاگرد به اسان کان ايئن معلومات پيا وٺندا آهن جهڙوڪ اسين سندس دوست آهيون، جنهن ڪري اهو محسوس ئي ڪونه ٿيندو آهي ته اسان کي ٿورو ٻوٿ چاڙهڻ کپي!!! جواب به سوال پُڇڻ واري جي ساڳئي ئي لهجي ۾ ملندا آهن.
سٻاجهڙي سنڌ جي ڳالهه آهي ته قائد عوام ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ شاگردن ۽ اُستادن ۾ ايترو ته رابطن ۾ مفاصلو آهي جو هڪ 2 سال اڳ پاس ٿيل شاگرد مون کان معلومات وٺندي به تمام گهڻو گهٻرائي رهيو هو ته متان آئون کيس ڇڙٻ نه پٽيان. اظهار جسڪاڻي به ان ڳالهه جو شاهد هوندو ته آئون ڪوشش ڪري انهي مفاصلي کي گهٽ کان گهٽ رکان. انهي ڳالهه جي اسان جي معاشري ۾ تمام گهڻي کوٽ آهي جنهن ڪري ڪافي مسئلا به صحيح طريقي سان نه ٿا بيان ڪري سگهون ايتري قدر جو جڏهن اسان پنهنجو جائز ضرورتون به پنهنجي والدين يا وڏڙن سان نه ٿا بيان ڪري سگهون. نه رڳو ايترو پر ڪلاس دوران به جيڪڏهن ڪو شاگرد سوال پُڇندو ته پهريان سندس اُستاد ڪو اهڙو چرچو هڻندو جيئن هو آئنده ڪو سوال نه پُڇي. جنهن ڪري آئنده اهو شاگرد پنهنجي ذهن ۾ پيدا ٿيل سوال کي دٻائي رکندو ۽ اهو سوال کيس سدائين کُٽڪندو رهندو.