Rabel Napar Sindhi
سينيئر رڪن
سپنن جي سڃ :
صبح جي ڳالھ
عورت : عورت بيوفا دغاباز ۽ مڪار آهي
آشا خاموش، اداس وياڪل،
خاموش ڇو آهين ؟
جواب ڏي منهنجي سوال جو جواب ڏي آشا
اکين ۾ الڪو:
چپ تڙپيس، ڦڙڪيس
منهنجي مجبوري بہ ڏس شامو
مجبوري: هون (
مان تنهنجي لاءِ سڀ ڪجھ ڇڏي آهيو آهيان، سب ڪجھ ٺڪرائي آهيو آهيان.
تون مرد آهين شامو، تنهنجي لاءِ ائين ڪرڻ آسان آهي، تون سورج آهين، مان چنڊ جو داغ ، هڪ غلط قدم مون کي جيون لاءِ گرهڻ لڳائي ڇڏيندو : التجا :
مان آتش
مان باهہ برهہ جي .
“ مون سان بحث نہ ڪر آشا : منهنجي سوال جو جواب ڏي مون وٽ وقت ڪونهي،
ٿڌي دل سان تہ سوچ :
منهنجي دل ۾ جوالا ٿي ٽهڪي، مان ٿڌي دل ڪٿان آڻيان ؟
ڪجھ تہ سوچ ڪجھ تہ ويچار، جيڪڏهن تون ڇوڪري هجين ها تہ : ؟
بڪواس بند ڪر چئہ مون سان ڀڄي هلندئين يا نہ ، سماج جي ديوار ڪيرائيندئين يا نہ ؟ :
هوءَ چپ چاپ پاڇو
وڃايل ، ٿڪ ۽ اڃايل
فضائن ۾ ڀڻڪو
“ پڻس ڪنهن انجنيئر سان پرڻائڻ جي لالچ ڏني هوندس، اڄ حيلا هلائي دامن ڇڏيائين، شڪوه:
منزل وڃايل رستا اڻانگا اوکا.
ڀلائي ڇڏ اهڙي بيوفا دوست کي ، وساري ڇڏ تہ تون ڪڏهن ڪنهن مڪار عورت کي چاهيو هو.
ائين ئي ڪندس ، ائين ئي ڪندس “
پر پيار جي واپار ۾ مان هميشہ فائديمند رهيو آهيان
مون وانگر پنهنجي پريتما کي آزمائي ڏس ڪندن، عورت ڪڏهن بہ ڪنهن مرد سان وفا نہ ڪئي آهي،
“ پر جنهن کي مان چاهيان ٿو ، شامو، سا ائين نہ ڪندي هوءَ پيار جي ديوي وفا جي پتلي آهي .
آزمائي ڏسينس ڪندن، آزمائي ڏسينس
“ سڀ عورتون تنهنجي آشا جهڙيون ناهن “
شام جي ڳالھ :::
عورت ! عورت بيوفا دغا باز ۽ مڪار آهي“
ممي اداس، اداس، خاموش
منهنجي من جا ڦاٽ
”عورت ڀڳوان جي ڪريل ڪلا آهي صحرا جي رڃ زخمن جي پيڙا آهي“
“ سچ ٿو چيئين شامو“
مان پاڳل
مان باغي :
“ سچ ٿو چوان ! اهي اکر تنهنجا آهن ممي : ” تون جيڪا خود عورت آهين“
” ها مان عورت آهيان پٽ توکي جنم ڏنو اٿم منهنجا لال، پر ڪڏهن بہ ڪنهن جو ڪنڌ نہ جهڪايم“
” ۽ هن آشا جي ٻچيءَ منهنجا سڀ سپنا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا ، ڪوڙا واعدا ڪندي رهي