اسان کي ڇو ٿا ماريو اصل چورن کي وٺو. خاڪيئن جي ٺڳي جو نئون سرڪاري گواه. وفاقي وزير احسن اقبال اسلام آباد ۾ ملڪي ۽ عالمي صحافيئن آڏو پريس ڪانفرنس ڪندي حلف کڻي چيو ته اسان اليڪشن م ڌانڌلي نه ڪئي آهي ، اگر ڪا اهڙي ڌانڌلي ٿي آهي ته انهن کي وٺو جن اليڪشن جا بيلٽ پيپر ڇپرايا ۽ ورهايا هئا، ان وقت اسين ته اقتدار م نه هئاسين، اهي ته فوجي ئي هئا جن هن سڄي اليڪشن ۾ بيلٽ پيپرن جي ورهائڻ جي ذميواري پوري ڪئي. خاڪي وردي وارا ٻاگهڙ ٻلا شايد فطرت جي پڪڙ ۾ اچي چڪا آهن، هر ايندڙ پل مٿن ڦتڪار، ٿڪ ۽ لعنت سندن مقدر بنجي چڪو آهي.