عمران خان کي هاڻي سوچي سمجهي قدم کڻڻو پوندو....؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ وحيد رزاق مستوئي طرفان آندل موضوعَ ‏4 سيپٽمبر 2014۔

  1. وحيد رزاق مستوئي

    وحيد رزاق مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    عمران خان کي هاڻي سوچي سمجهي قدم کڻڻو پوندو....؟

    وحيد رزاق مستوئي/مورو

    خبر ناهي ته ڇو گذريل ڏهن ڏينهن کان اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل پي ٽي آءِ جو عمران خان ۽ پي اي ٽي جو طاهر القادري سموري قوم جي حواسن کي يرغمال بڻايو ويٺا آهن ۽ مختلف ٽي وي چينلز پڻ قوم جي حواسن کي خطا ڪري ڇڏيو آهي ماڻهو اهڙي بور سياسي ماحول کان هاڻي چڙ ڏياريندڙ حد تائين بيزار ٿي پيا آهن هاڻي ته ماڻهن کي ميڊيا کان به الرجي ٿي پئي آهي اهڙي سياسي صورتحال ۾ ماڻهن جي ذهنن ۾ آزادي ۽ انقلاب جون معنائون ۽ مفهوم به تبديل ٿي چُڪا آهن آزادي ۽ انقلاب جو سحر ٽُٽي چُڪو آهي جنهن سحر ۾ رهي ماڻهو پنهنجن اگهاڙن پُٺن تي ڦٽڪا کائيندا هئا، ٽارچر سيلن ۾ ماريا ويندا هئا يا سڄي ڄمار جيل جي بند کولين ۾ گذاري ڇڏيندا هئا آزادي ۽ انقلاب جي انهيءَ سحر ۾ جڏهن ماڻهن کي هٿڪڙين جو آواز، ڪنهن جي چُوڙين جي ڇڻڪار وانگر محسوس ٿيندو هو آزادي ۽ انقلاب جو اهو حسين سحر، لگزري قيادت ۽ ان جي برگر سياسي پيروڪارن وٽ آزادي ۽ انقلاب جو تصور ڌرڻي ۾ ويهي گانن تي ناچ ڪرڻ ۽ ميڊيا اڳيان ڪنٽينر مٿان ڦيرا پائي فلمي انداز ۾ تقرير ڪرڻ ۽ پنهنجي مٿان خلق کلائڻ کانسواءِ باقي ٻيو ڇا وڃي رهيو آهي؟ عمران خان جي وزيراعظم جي هڪ مهيني تائين استعيفيٰ ڏيڻ واري ڳالهه تي تحريڪ انصاف وارن جو ڪانٽو اچي بيهي رهيو آهي باقي اُنهن جا ٻيا مطالبا جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ کان وٺي ڊي جي ايف آءِ اي، سيڪريٽي اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا چيئرمين کي هٽائڻ وارا مطالبا حڪومت مڃي ورتا آهن تڏهن به اُهي ”مان نه ٿو مڃان“ واري هوڏ تي قائم آهن! تبديلي آڻڻ جو تصور، ناچ گانن جي لُڙ ۾ لٽجي ويو آهي ڇو ته تبديلي جو تصور ئي پهرين ڏينهن کان وٺي مُبهم هو جو شروع کان وٺي اهو واضح نه ٻُڌايو ويو هو ته آخر ڪهڙي قسم جي تبديلي؟ هاڻي ڳالهه تبديلي کان اڳتي وڌي نئين پاڪستان تائين وڃي پهتي آهي ڪهڙي قسم جو پاڪستان؟ انهيءَ حوالي سان ڪو واضح پروگرام ناهي عمران خان وٽ نئين پاڪستان جو تصور ڇا وزيراعظم جي استعيفيٰ آهي؟ ڇا تحريڪ انصاف وارن وٽ نئين پاڪستان جو تصور غير آئيني ۽ غير جمهوري قدرن تي مشتمل آهي؟ تحريڪ انصاف وارن رهنمائن جا کِل جوڳا بيان وقت بوقت سامهون ايندا رهن پيا انهن نه رڳو سياست کي تماشو بڻائي رکيو آهي پر تحريڪ انصاف جو رهنما عمران خان پڻ بين الاقوامي ۽ ملڪي ميڊيا اڳيان پنهنجو پاڻ کي تماشو بڻائي رهيو آهي آزادي، انقلاب، تبديلي ۽ نئين پاڪستان جون ڳالهيون ڪندڙن جي حالت هاڻي ريشم ٺاهيندڙ جيت جهڙي ٿيندي پي وڃي جيڪو پنهنجي سياست جي ريشم ۾ اُلجهندو پيو وڃي ۽ اُن جو انت ڇا ٿيندو ان ڳالهه جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. هوڏانهن سابق صدر آصف علي زرداري جيڪو سياسي جادوگر جي نالي سان هن وقت تمام گگهڻو سڃاتو پيو وڃي جنهن وٽ ڳالهين سان گڏ ڏيکاءَ جو به جادو موجود آهي جنهن جي اٿل پٿل تي هرر ماڻهو جي نظر وڃي پئي آهي جنهن موجوده اُلجهيل سياسي صورتحال ۾ آصف علي زرداري جو چوڻ اهميت رکي ٿو ته جيڪڏهن هن معاملي ۾ ٽيون ايمپائر آيو ته ڳالهه پري تائين ويندي آئيني مدو پورو ڪرڻ پارليامينٽ جو حق آهي موجوده سياسي بحران مان نڪرڻ لاءِ سڀني سياسي پارٽين کي ويهي احسن طريقي سان آئيني حل ڳولي ڪڍڻ گهرجي ان صورتحال ۾ پنهنجو فيصلو پاڻ ڪرڻ بجاءِ جيڪڏهن ٽيون ايمپائر جي حوالي ڪيو ويو ته ان جو نقصان سڄو ملڪ ڀوڳيندو تنهن ڪري هي اجاين انائن جو وقت ناهي وزيراعظم جي استعيفيٰ واري مطالبي تان هٿ کڻڻ سان ئي ملڪ کي موجوده بحران مان ڪڍي سگهجي ٿو ڇو ته اهو هڪ غير جمهوري، غير آئيني ۽ غير قانوني مطالبو آهي جنهن کي ملڪ جون سموريون جمهوريت پسند ڌريون رد ڪري چڪيون آهن جمهوريت جي بقا ۽ سلامتي جي لاءِ ڪيترن ئي جمهوريت پسند پارٽين وقت بوقت قربانيون پئي ڏنيون آهن جنهن ۾ سڀ کان وڏي قرباني پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت آهي سمجھ کان ڳالھ ٻاهر وڃي بيٺي آهي 14آگسٽ کان وٺي آزادي، انقلاب ۽ نئين پاڪستان جي نعرن جي نالي تي جيڪو تماشو رچايو ويو آهي ان کي ڏسندي هاڻي هر شهري بيزار ٿي چڪو آ ته آخر انهن کي ڇا گهرجي؟ عمران خان جنهن کي ڪير سپورٽ ڪري پيو؟ صبح جو ماڻهو گم ۽ شام جو ماڻهو حاضر اهي سڀئي ڪٿا پيا اچن؟ عمران خان اسلام آباد ۾ ڌرڻو ايترو آساني سان نه هڻي ها يقينن ان جي پٺيان ڪنهن نه ڪنهن جو هٿ آهي ۽ اجازت مليل آهي جو عمران خان ايترو وقت ۽ ميڊيا تي ڪوريج حاصل ڪري پيو؟ هن جلسي جو اصل مقصد ڪهڙو آهي؟ آخر عمران خان چاهي پيو چاهي؟ ڪڏهن ڪڏهن انسان کي خبر ناهي هوندي ته ان کي ڇا گهرجي بظاهر هو ڪجهه وٺڻ جي ڪوشش ۾ اهي به ڪم ڪري وٺندو آهي جيڪي ان جي خلاف ويندا آهن ائين ئي عمران خان جي خلاف هي ڌرڻو وڃي رهيو آهي سياست ۾ هميشه ٻن شين جو خاص خيال رکڻو پوندو آهي هڪ لفظن جي اهميت ۽ ٻيو وقت جو. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته عمران خان سياست ۾ هيترا سال رهيو آهي پر هيل تائين لفظن جي اهميت ۽ ٽائيم کي ناهي سمجهي سگهيو عمران خان کي هن مهل تائين سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته لفظن کي ڪيئن استعمال ڪجي ۽ ڪهڙي وقت تي ڪو اهم قدم کڻجي جنهن کي لفظن ۽ وقت جي ڄاڻ نه آهي ته پوءِ عمران خان کي سياسي پليٽ فارم تي اچڻ جي لاءِ سياست ۾ ڪي جي جا ڪلاس وٺڻ گهرجن. عمران خان ڀلي بهتر ڪرڪيٽر هيو هجي ڀلي هن کي ميچ کيڏڻ وقت هار ۽ کٽ جي خبر هجي پر ڪرڪيٽ جي حڪمت عملي سياست ۾ نه ٿي هلي سگهي هي سياست جو ميدان آهي راند جو ميدان نه آهي جتي هر وقت سياسي چال انتهائي سوچي سمجهي کيڏڻي پوي ٿي ان ڪري عمران خان کي ڪرڪيٽ جي ميدان کان ٻاهر نڪري سياست جي ميدان کي سمجهڻو پوندو ڪجھ ڳالهين مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته عمران خان کي اسٽبلشمينٽ جي سپورٽ حاصل آهي جنهن انداز سان عمران خان سياسي اسٽيج تي اُڀري آيو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي امير طبقو ميدان ۾ لهي آيو آهي لکڻ دوران اهو واضع ڪري عوام جي اڳيان ڳالھ رکجي ته عمران خان کي چيو ۽ سمجهايو ويو ته نواز شريف کي لاهي توکي وزير اعظم ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ عمران خان ائين سمجهيو شايد مان وزير اعظم بڻجي پوان پر سياست جي ميدان ۾ وقت گهڻي اهميت رکندو آهي ۽ ڪهڙي وقت تي پتو ڦٽو ڪرڻ گهرجي اها چاڻ ۽ آرٽ عمران خان کي سمجھ نه ٿي اچي صرف عمران خان ئي نه پر پاڻ نواز ليگ کي به سمجهه ناهي ته اهي ڪهڙي وقت ڇا ڪن؟ اهڙي سياسي ناسمجهي ٻنهي کي سوڙهي گهٽي ۾ بيهاري ڇڏيو آهي وزيراعظم نواز شريف جي استعفيٰ کانسواءِ واپس نه وينداسين اِها ڳالهه ڪري عمران خان واضح ڪري ڇڏيو ته هاڻي ان کي ڪهڙي پاسي کان پورو اشارو ملي چڪو آهي پر عالمي ملڪن ۽ سياسي پارٽين جمهوريت جي ڀر کڻندي غير جمهوري قدم جي سپورٽ نه ڪئي. وزيراعظم نواز شريف جي استعفيٰ جو مطلب هو پاڻ کي وزيراعظم ٿيندي ڏسڻ چاهي ٿو هر وقت وڏي اهميت واري تقرير ڪندس ۽ جڏهن به عمران خان تقرير ڪئي سڄي دنيا کي پاڻ تي کلايو! جنهن سول نافرماني جي ڳالهه ڪئي ان تي پاڻ ڪيترو عمل ڪيو ان جو ڏيک به عوام جي اڳيان واضح آهي عمران خان تقرير ۾ چيو ته جلد پاڪستان ٺاهيندس ۽ پوءِ سادي ڪندس ڇا اهو کلائڻ واري تقرير نه هئي ۽ بعد ۾ وري ان ڳالھ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو. هن وقت تازي صورتحال جي حوالي سان جيڪا ڳالھ سامهون آئي آهي ته سابق صدر آصف علي زرداري جو طاهر قادري سان رات فون تي ڳالھ ٻولھ ٿي ۽ هن وقت تقريبن شام جي وقت پي ٽي آءِ سربراھ عمران خان سان سياسي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ٿي آهي جنهن مان واضع ٿئي ٿو ته واقعي سابق صدر اصف علي زرداري سياسي جادوگر آهي جيڪو پنهنجي جادوگري سان رابطا تيز ڪندي ماحول کي سلجهائي رهيو آهي عمران خان سان گڏ جيڪي جلسي ۾ ماڻهو ۽ عورتون موجود آهن انهن جو تعلق برگر فيملي سان تمام گهڻُ آهي جيڪي صبح جي وقت آرام ۾ هونديون آهن ۽ شام مطلب رات جي وقت سجاڳ هوندا آهن ۽ اهي هميشھ ووٽ جو حق به استعمال ناهن ڪندا انهن کي ووٽ ڏيڻ کان الرجي رهندي آهي پر عمران خان جي جنون واري تقرير کين باهر ڪڍي آئي آهي جيڪي هميشھ گڏ گڏ رهيا آهن اُميد ٿي ڪجي ته تحريڪ انصاف وارا پنهنجي ضد ۽ انائن واري سياست کي ملڪي وقار خاطر ڇڏيندا ۽ هن وقت تائين هنن جنهن سياسي ناسمجهي جو مظاهرو ڪيو آهي اُن کي ڇڏي سياسي سمجهداري جو مظاهرو ڪندي وزيراعظم جي استعيفيٰ واري مطالبي کان پُٺ تي هٽندا انهيءَ ۾ نه رڳو تحريڪ انصاف وارن جي پر پوري ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو