عمران، قادري پاران ڳالهين جا رستا بند، آرمي چيف جي ٽياڪري، حڪومت لاءِ مشڪلاتون.؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ وحيد رزاق مستوئي طرفان آندل موضوعَ ‏4 سيپٽمبر 2014۔

  1. وحيد رزاق مستوئي

    وحيد رزاق مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    عمران، قادري پاران ڳالهين جا رستا بند، آرمي چيف جي ٽياڪري، حڪومت لاءِ مشڪلاتون.؟

    وحيد رزاق مستوئي/ مورو

    عمران خان نئين پاڪستان واري هوڏ ۾ ايترو اڳيان نڪري ويو آهي جو سندس واپسي مشڪل نظر اچي رهي آهي توڻي جو ساڻس جاويد هاشمي ۽ شاهه محمود قريشيءَ جهڙا تجربيڪار سياستدان گڏ آهن پر يا ته کيس ڪول ڊائون ڪرڻ ئي نٿا چاهين يا انهيءَ معاملي ۾ سندن وَسُ نٿو هلي جو هر ٻئي ٽئين ڏينهن هڪ پٺيان ٻيو الٽيميٽم ايندو رهي ٿو ۽ گهڻو زور نئين امپائر جي وچ ۾ پوڻ تي ڏنو وڃي ٿو. ٽيون امپائر ڪير ٿي سگهي ٿو انهيءَ جو پتو ملڪ جي هر ننڍي وڏي کي چڱيءَ ريت خبر آهي ۽ اِها به سڀني کي خبر آهي ته جڏهن سياسي بساط ويڙهي ٽيون امپائر ايندو آهي ته ڏهاڪو سالن کان اڳ وڃڻ جي وائي ئي ناهي واريندو جيڪڏهن عمران خان جي ٽئين امپائر ڏانهن اشاري جو مقصد سياسي بساط ويڙهڻ آهي ته انهيءَ کي پنهنجي پير تي ڪهاڙو وهائڻ کانسواءِ ڪجهه نٿو چئي سگهجي پر هيستائين ٽئين ڌر جي طرفان جيڪا روش رکي وئي آهي تنهن مان اِهو ئي سمجهه ۾ اچي ٿو ته اُها ايترو جلد سياسي بساط نه ويڙهندي پر اِهو به ممڪن آهي جي حالتون برتر ٿي ويون ته پوءِ شايد گهڻيون ڌريون کين ڪوٺ ڏئي ڪوٺائينديون جنهن جو اڳي پوءِ نقصان جمهوري قوتن کي ئي ٿيندو، هن وقت جيڪا سياسي هلچل هلي رهي آهي انهي سان نه صرف ملڪي معيشيت کي نقصان پهتو آهي پر پاڪستان جي حڪومت کي پڻ وڏو ڌچڪو مليو آهي سموري وهنوار کي ٺپ ڪري رکيو آهي آزادي جا سندرا ۽ انقلاب جا ڪفن ٻڌي نڪتل ڌريون ڪيترن ئي ڏينهن کان پارليامينٽ ٻاهران ڌرڻو هڻي ويٺل آهن جنهن سبب ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن خساري طرف وڌي رهي آهي ترقياتي ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن حڪومتي مشينري ڊفينس پوزيشن ۾ اچي وئي آهي جنهن سبب ڪافي حد تائين معاملا الجهي پيا آهن ۽ انهن جو حل انتهائي مشڪل بڻجندو پيو وڃي. پاڪستن تحريڪ انصاف جو سربراھ خبر ناهي ڪهڙي قوت جي طاقت تي بيٺل آهي ۽ عمران خان وزيراعظم جي استعيفيٰ تي اٽڪيو بيٺو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ انقلاب جو خواب کڻي آيل پاڪستان عوامي تحريڪ جو سربراھ طاهرالقادري سموري نطام کي الٽ ڪرڻ واري خواهش کان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي ۽ هاڻ ته هُن ڪفن ۽ قبر کي به هن ڌرڻي جو حصو بڻائي ورتو آهي وڏي ڳالھ جو مولانا صاحب جا مريد هن جي جذباتي خطابن تي زارو قطار روئي پون ٿا جيڪي منظر ملڪ جا سڀئي ٽي وي چئنلز ”ايڪسڪلوز“ ۾ ڏيکاري رهيا آهن جنهن ڪري ملڪ ۾ وڏو خوف پکڙجي رهيو آهي ماڻهن کي پنهنجي مستقبل جي حوالي سان تمام ڳڻتي وڪوڙي وئي آهي ٻنهي طرفن کان اڳواڻ پنهنجي ضد تي اٽڪيل آهن نواز ليگ، پي ٽي آءِ ۽ پي اي ٽي سميت اڳواڻ انائن جي چوٽين تي چڙهي بيٺل آهن جن جي ضد جي ڪري نه رُڳو عام ماڻهو پر زندگيءَ جو سمورو وهنوار مفلوج ٿي رهجي ويو آهي هيءُ سڀ ڪجهه ڇو ٿي رهيو آهي؟ اُن پٺيان ڪهڙين قوتن جا هٿ آهن؟ اُهي راز گهڻو وقت ڳجها نه ٿا رهي سگهن هن سڄي تماشي ۾ جيڪو ملڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي تنهن ۾ ظاهري ڌريون ئي ذميوار سمجهيون وينديون جڏهن ته طاهرالقادري جي ڏنل ڳالهين جي ڊيڊ لائين پوري ٿي وئي ۽ طاهر قادري پاران کوٽيل قبرون ۽ پارايل ڪفن پوش ماڻهن کي پڻ تيار ڪري ڇڏيو ۽ اڳتي وڌڻ جي حڪم تا.ين محدود ڪري ڇڏيو ۽ طاهرالقادري جي چوڻ تي وزير اعظم، وزير اعلى پنجاب سميت 21 چڻن تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي پر ان کي قادري صاحب منظور نه ڪيو ۽ رد ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجن مريدن کي حڪم جاريي ڪيو ته ڪير به نه وڇي باقي فيصلو اچڻو آهي ۽ ”شام انقلاب“ اچي چڪو آهي رات جي ڪنهن وقت فيصلو ٿي ويندو، هوڏانهن عمران خان حڪومت تي اڳ جيان پنهنجي گرم خطابن ۾ پنهنجي پارٽي ۽ ملڪ جي عوام کي ميڊيا ذريعي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو قانون ناهي رهيو روڊ رستا، پلون قائم ڪرڻ سان ملڪ تبديلي نه ٿي سگهن دو بلڪ غريب مسڪين عوام کي تعليم صحت نوڪريون ڏنيون وڃن جنهن سان تبديلي ممڪن آهي مان چاهيان ٿو پاڪستان هڪ زنده قوم بڻجي، پاڪستان ۾ جيترو ٽيلنٽ آهي اهو ڪٿي به موجود ناهي، پاڪستان ۾ اهڙو نطام آهي پر مافيا تبديلي نه ٿي آڻڻ چاهي مطلب ته اهڙن گرما گرم لفظن سان عوام جي دلين تي راج ڪري رهيو آهي (هڪڙي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي ته ايڏي وڏي هجوم ۾ جيڪو عمران خان جي ڪنٽينر جي ڀرسان هڪ ڊٻو پيل هيو ان ۾ ٻڌايو ويو ته بم رکيل آهي پر اهو ڊٻو ماني جو ٽفن نڪتو جنهن ايتري افرا تفري مچائي ڇڏي جو ڪيترائي ماڻهو ميدان ڇڏي نڪري ويا، عمران خان جنهن تسلسل سان جلسا ڪري رهيو آهي اُن جي اتساهه لاءِ گهڻائي طاهرالقادريءَ جي ماڻهن جي آهي جڏهن ته طاهرالقادريءَ وٽ ڪيش ڪرائڻ ۽ پنهنجن ماڻهن کي متحد رکڻ جو واحد ذريعو ماڊل ٽائون واقعو آهي ان تي حڪومت بروقت واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪري ڪارروائي عمل ۾ آڻي ها ته هن وقت کين اخلاقي جواز حاصل هجي ها پر افسوس سرڪار انهيءَ معاملي ۾ سستيءَ جو مظاهرو ڪري ماڻهن جي جذبن کي ڀڙڪائڻ جو جواز فراهم ڪيو پر اڃا به وقت هٿن مان ويو ناهي جيڪڏهن حالتن کي سلجهائڻو آهي ته پوءِ معاملن کي اينگهائڻ بجاءِ انهن جي حل طرف پيش رفت ڪرڻ گهرجي جو هن سموري تماشي سبب ملڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي ۽ حالتون ڏينهون ڏينهن تڪرار طرف وڌي رهيون آهن ۽ اهو به ممڪن آهي ته اسلام آباد کانپوءِ ٻين شهرن ڏانهن جيڪو ڌرڻن جو سلسلو وڌي پيو سو ڪنهن اڻوڻندڙ صورتحال کي به جنم ڏئي سگهي ٿو تنهن ڪري انائن جي چوٽيءَ تي چڙهي ويل اڳواڻن کي ملڪ ۽ قوم خاطر ضد تان هيٺ لهڻو پوندو ۽ جمهوريت جي بقا خاطر سڀئي ڪروڌ ۽ ڪينا ڇڏڻا پوندا تنهن ڪري هنن حالتن کي بردباري ۽ سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي اهڙي سوچ دوران ائين لڳي ٿو ته حڪمران جماعت ماڊل ٽائون واقعي ۾ مارجي ويل بيگناهن جي شهادت وارو واقعو وساري ويٺي هئي جيڪو واقعي هن سموري معاملي ۾ ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪندو رهيو آهي اڄوڪين اجلاسن ۽ ڌرڻن ۾ موجود اٿل پٿل ماحول کي تمام گهڻو گرمائي ڇڏيو آهي ٻئي طرف آرمي چيف جي وزير اعظم سان ملاقات به هڪ ڳجهي خبر آهي جيڪا سياسي قوتن جي ڪمزوري ٿابت ٿي آهي ڇاڪاڻ ته صدي کان وٺي هن مهل تائين سياسي پليٽ فارم تي اٿندڙ مسئلن تي ڪڏهن به فوجي ادارن جي اڳڀرائي ناهي رهي پر گذريل ڏينهن واري ملاقات ۽ عمران خان طاهر القادري سان ٿيل اڌ رات جي ملاقات سڀني جي لاءِ هڪ سواليه نشان بڻيل آهي انهن جي ملاقات ساڳئي مسئلن تي الڳ الڳ ٿي جنهن تي عمران خان ۽ طاهر قادري اعتماد ڪندي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو جڏهن ملاقات کان پهريان عمران خان ۽ طاهر القادري پنهنجي پارٽي ڪارڪنن همدردن هٿ کڻائي ملاقات جي لاءِ اجازت ورتي ۽ عمران خان ملاقات بعد فورن جلسي گاھ ۾ پهچي خطاب ڪندي ساڳئي فيصلي تان نه هٽڻ جي واعدي تي بيٺل رهيو، طاهر القادري به ساڳئي فيصلي تي بيٺل آهي باقي رهيو وزير اعظم جيڪو هن وقت ڪجھ ضد تان هٽي ڪري آرمي چيف ”ٿرڊ امپائر“ جي انتظار ۾ آهي جڏهن ته آرمي چيف جي سياسي مداخلت هڪ طرف بهتر سمجهي پئي وڃي ته ٻئي طرف سياستدانن ۾ تمام هلچل پيدا ڪري ڇڏي آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن اداري جو وچ ۾ اچڻ سياستدانن جي لاءِ هڪ سوال.؟ جي نشاني آهي هاڻي وزير اعظم جو بيان هڪ آهي ته وري چوڌري نثار جو الڳ آهي ته وري اپوزيشن ليڊر خورشيد شاھ جو الڳ هاڻي ڳالھ ون ٽو ون واري فارمولي تي بيٺل آهي جنهن سان ويڙھ وڌي سگهي ٿي يا ته صلح ممڪن ٿي سگهي ٿي هن وقت ملڪ جي عوام جون نظرون اڄوڪي ميدان ۾ ٿيندڙ فيصلي جي انتطار ۾ آهن ته هاڻي جيڪو فيصلو ايندو اهو حڪومت جي حق ۾ هوندو يا حڪومت جي ٽٽن جي حق ۾ هوندو باقي انتطار جون گهريون ختم ٿي چڪيون آهن هن وقت ٿرڊ امپائر پنهنجو رول ادا ڪندي بهتر رستو ڪڍي ايندو جنهن ۾ وزير اعظم، وزير اعلى سميت 21 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويندا ۽ وزير اعلى پنجاب کان استعفى پڻ ڏياريو ويندو فوج جي اچڻ جو صاف ظاهر آئينو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي جيڪا هن ماحول کي سلجهائڻ ۾ اهم رول ادا ڪندي باقي وزير اعظم پنهنجي ضد تان ڪڏهن دستبردار نه ٿيندو نه ئي استعفى ڏيندو.

    Moronews288@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو