مظاهرين ۽ پوليس ۾ جهڙپون، جمهوريت بچائڻ لاءِ بهتر قدمن جي ضرورت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ وحيد رزاق مستوئي طرفان آندل موضوعَ ‏4 سيپٽمبر 2014۔

  1. وحيد رزاق مستوئي

    وحيد رزاق مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مظاهرين ۽ پوليس ۾ جهڙپون، جمهوريت بچائڻ لاءِ بهتر قدمن جي ضرورت

    وحيد رزاق مستوئي/ مورو

    اسلام آباد ۾ گذريل 19 ڏينهن کان تنگ ٿيل ڪارڪنن لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف سربراھ عمران خان ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ طاهرالقادري پاران اڳتي وڌڻ جو اعلان ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هو ڇا ڪاڻ ته گذريل 19 ڏينهن بنا ڪنهن نتيجي نڪرڻ جي ڌرڻو هڻي ويهڻ بيزاري کان گهٽ نه هو جڏهن ته ٻئي طرف ايندڙ خرن جي حواليي سسان ته حڪومتي ٽيم ۽ احتجاج ڪندڙن جي وچ ڳالهيون هلي رهيون آهن جنهن ڳالهين ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي جنهن ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلين لاءِ عدالتي ڪميشن ٺاهڻ جي ڳالهه تي ٻنهي ڌرين جي اتفاق ٿيڻ واريون خبرون پڻ اسڪرين تي آيون پر جڏهن طاهر القادري پنهنجي مختصر تقرير ۾ پنهنجي ڪارڪنن کي شاميانا ويڙهڻ جو چيو جيڪي ساميانا ويڙهي باقي اعلان جو انتطار ڪرڻ لڳا جنهن وقت اهي شاميانه لاٿا پئي ويا ته ڪجھ ڳالهيون ڏسڻ وتان مليون ته هاني قادري صاحب ضرور ڪا حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي ۽ هاڻي اڳتي وڌندو ۽ ٿيو به ائين قادري صاحب خطاب ۾ تمام ڊگهي دعا کانپوءِ سڀني ڪارڪنن کي حڪم جاري ڪندي چيو ته ”مين آگي آگي چلون گا آپ ميري پيڇي پيڇي چلنا مائون ڀينون کو بهي ساٿ ليڪچر چلو هم وزير اعظم هائوس ڪي سامني احتجاجي ڌرنا دينگي“ جنهن تي ڦورن اعتماد ٿيو ۽ اڳتي وڌڻ شروع ٿيا انهي وقت رات جي تقريب 9 ۽ ڏھ جو وچ وارو ٽائيم هيو هڪ طرف حڪومتي ڌر سان ڳالهيون هلي رهيون هيون ته ٻئي طرف اڳتي وڌڻ جو اعلان ڪيو ويو جڏهن قادري صاحب جي اعلان جي تقريبن 0 منٽن بعد تهريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان به پنهنجي خطاب ۾ پنهنجي ڪارڪنن کي اشارو ڏنو ته هاڻي ڳالهين جو وقت ٿي چڪو آهي ۽ هاني اڳتي وڌو جنهن پڻ پاڻ اڳيان ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ڪارڪنن کي پٺيان هلڻ جو چيو پر هن عورتن کي ساڳئي جاءِ تي رهڻ جيو چيو جنهن تي عورتن انڪار ڪيو تنهن جي باوجود عمران خان اڳتي وڌيو هوڏانهن ڳالهين جو سلسلو ختم ئي نه ٿييو ته اهو ٻنهي اڳواڻن طرفان اعلان ڪيا ويا. هتي هڪ حقيقت بيان ڪندي ڪجھ محسوس نه ٿو ٿئي ته عوامي تحريڪ جي سربراھ طاهر القادري جيڪا اڳتي وڌڻ کان ڪجھ وقت اڳ تقرير ڪئي اها هڪ جذباتي تقرير هئي جنهن ۾ نه رڳو پاڻ رنو پر پنهنجي مُريدن کي روئارڻ شروع ڪيو ۽ هن جذباتي تقرير ۾ دعا کين سڀني تي وجد تاري ڪري ڇڏي آهي ته پاڻ وزير اعظم هائوس ڏانهن وڌڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو پر طاهر القادري عورتن، معصوم ٻارڙن ۽ بزرگن کي اڳتي ڪري پاڻ پنهنجي بُلٽ پروف گاڏي ۾ اندر ويهي هلندو رهيو، جڏهن ته عمران خان ڪنٽينر تي بيٺي ڪجھ مفاصلي تائين اهو سفر ڪيو،(PTI,PAT)جي ٻنهي اڳواڻن مارچ ۽ ڌرڻي ۾ پاڻ سڀ کان اڳتي رهڻ جون دعوائون ته ڪيون هيون پر انهن کي ڪٿي به ان ڌرڻي جي قيادت ڪندي نه ڏٺو ويو باقي وقفي وقفي سان گج گوڙ ڪندا رهيا اهو به گاڏين جي اندران، ٻنهي اڳواڻن اها دعوى ڪئي هئي ته اسان جو وزير اعظم هائوس اڳيان مارچ ۽ ڌرڻو پُر امن هوندو پر صاف ظاهر اهو ڏسڻ ۾ آيو ته انهن پُر امن مظاهرين جي هٿن ۾ ڏنڊا، ماسڪ، ڪٽر پلاس، ساون مرچن سميت اڳيان هئا ۽ انهن جي اها مڪمل تياري هُئي ته حڪومتي ڌر يا ڪٿان به ڳوڙها آڻيندڙ گئس، گولي يا پٿر هليو ته ان ۾ جوابي ڪارروائي ٿيندي ۽ اسان کي ٽي وي اسڪرين تي اهو ئي نظر آيو، جڏهن مظاهرين وزير اعظم هائوس ڏانهن وڌڻ لڳا ۽ ريڊ لائين ڪراس ڪئي ته پوليس پاران ڪنٽير جي پٺيان بيهي انهن مٿان ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل ۽ ربڙ جون گوليون هلائڻ شروع ڪري ڏنيون، ان دوران ڪافي مرد، عورتون ۽ معصوم ٻارڙا شيل ۽ ربڙ جو گوليون لڳڻ ڪري سخت متاثر ٿيا ڪيترائي زخمي ٿي پيا ۽ ڪيتري تعداد ۾ دونهين سبب اولتيون ڪندا رهيا جنهن سبب بي هوش پڻ ٿيا اهو سمورو پيدا ڪيل ماحول مون رات جي وقت ٽي وي اسڪرين تي ڏٺو پئي جنهن ۾ پوليس ۽ مظاهرين جهڙپون وقفي وقفي سان ٿينديون پئي رهيون پوليس شيل وسائيندي رهي مظاهرين اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا بعد ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي عورتن مردن ۽ معصوم ٻارڙن پاران پارليامينٽ ۾ لڳل ڪنڊيدار تارون ٽوڙي گيٽ ٺاهي اندر داخل ٿي ويا ۽ خيما کوري ڇڏيا جتي آرمي پڻ پهتي پر ان انهن کي پر امن رهڻ جو چيو جنهن تي اهي خاموشي سان ويٺا رهيا هوڏانهن وزير اعظم هائوس اڳيان هلندڙ جهڙپون رات جي دير تائين ٿينديون رهيون هڪ طرف حڪومتي بيان اچي رهيو ته ٻئي طرف عمران خان ۽ طاهر قادري جو بيان سامهون اچي رهيو هڪ ٻئي تي تمام لزام پئي لڳايا ويا، حڪومت طرفان چيو ويو ته مظاهرين پاران اڳرائي ڪئي ويئي جنهن تي اهڙو رستو اختيار ڪرڻو پيو ته وري مظاهرين پاران الزام لڳايو ويو ته اسان جي پُرامن مارچ تي پوليس حملو ڪري ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ رٻڙ جون گوليون هلايون جنهن ۾ عورتون معصوم ٻارڙا ۽ مرد ڪارڪن زخمي ٿيا آهن، بس اهو پوليس ۽ مظاهرين جي وچ ۾ سڄي رات جهڙپون هلنديون رهيون، انهن ٽي وي ڪيمرائن جي مڪمل اصل حقيقت کان آگاهي عوام تائين پهچائي پئي وئي جنهن ڪري پوليس ڪاروائي سوچي هُئي اها نه ڪري سگهي، بعد ۾ پوليس صحافين تي به ڪاوڙجي پئي جيڪا ڪجهه ٽي وي چئنلن جي رپورٽرن ۽ ڪيمرامينن کي پڻ تشدد جو نشانو بڻايو ويو دنيا نيوز جي تيم کي لائيو ايس اين جي مان لاهن جي ڪوشش ڪئي وئي گيٽ نه کولڻ تي گاڏي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي بعد ۾ گيٽ کوليو ويو ته پوليس پاران ڏنڊا ڪنداق ۽ لتون مڪون وسائڻ شروع ڪري ڇڏيون جنهن سبب اهي سخت زخمي ٿي پيا هوڏانهن سماء، اي آر واءِ، جيو، دن نيوز، آج نيوز ۽ ڊان نيوز جي رپورٽرن ڪيئمرامينن ۽ ٽيم ٻئي عملي تي پڻ سخت تشدد جو نسانو بڻايو گهڻن کان ته ڪارڊ معلوم ڪري تشدد ڪيو ويو ٻئي طرف ڏٺو وڃي ته اصل ۾ ميڊيا کي تشدد جو نشانو بڻائڻ وارو عمل ان ڪري به ٿيو ته پوليس پاران ڪنهن مظاهرين کي گرفتار ڪرڻ يا تشدد جي ڪارروائي ڪرڻ واري عمل جي لائيو ڪوريج سبب مشڪل بڻجي وئي هُئي جيڪا ٽي وي چينلن مڪمل سڌي (لائيو) نشريات هئي جيڪا حڪومت جي خواري جو سبب پڻ بڻجي رهي هُئي جنهن جي ڪري اهو تشدد ڪيو ويو جڏهن اهو سلسلو صبح تائين جاري رهيو ميڊيا رپورٽ موجب پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ چڪرين سبب 2 ڄڻا مارجي ويا آهن. هڪ زخمي گلفام پمز اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، پمز اسپتال جي ترجمان به سندس فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي. چڪرين دوران 17 اهلڪارن سميت 478 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن زخمي ٿيل ڪارڪن توڙي پوليس اهلڪارن کي شهر جي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو جڏهن ته پولي ڪلينڪ ۽ پمز اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي پولي ڪلينڪ ۾ 31 اهلڪارن سميت 232 زخمين کي نيو ويو پمز اسپتال ۾ 37 اهلڪارن سميت 218 زخمين کي داخل ڪيو ويو آهي ۽ اسپتالن ۾ ايمرجنسي نافض ڪئي وئي جتي زخمين کي پهچائڻ سان گڏ طبي سهولت پڻ ڏني وئي، جڏهن ته جيئن جيئن صبح جو سج جا ڪرڻا تيز ٿيندا پئي ويا تيئن ئي انقلابي ۽ آزادي مارچ جا مظاهرين جي اک کلندي وئي ۽ وري وزير اعظم جي هائوس طرف اڳتي وڌندا ويا جنهن سبب پوليس پاران ٻيهر شيلنگ ۽ ربڙ گوليون هلايون ويون جنهن جي ڪري پڻ ڪيترائي ماڻهو سخت زخمي ٿيا هن وقت تائين اسلام آباد ميدان جنگ بڻيل آهي جتي هڪ پاسي هزارين پوليس اهلڪار ته ٻي پاسي مظاهرين بيٺل آهن جيڪو جنهن جي هٿ چڙهي ٿو ان کي سُٺي مار ڪُٽ ڪري پوءِ هٿ ڪڍجن ٿا. اسلام آباد جو شاهراهه دستور، ريڊ زون، ريڊ لائن تي ٻنهي پاسن کان هڪ ٻئي تي حملا جاري آهن. مظاهرين پاران مختلف هندن تي باهيون پڻ ڏنيون ويون آهن، هڪ پاسي پوليس مظاهرين تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ رٻڙ جون گوليون هلائي رهي آهي ته ٻي پاسي مظاهرين پوليس تي پٿر ۽ غليل سان حملو ڪري رهيا آهن ان صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري ته موجود آهي پر هيل تائين ڪٿان به اهو نظر نه پيو اچي ته ڪو پوليس انهن مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي پر جي واقعي پوليس انهن مظاهرين کي ڇڙوڇڙ نه ڪري سگهي ۽ اهو سڄو معاملو ڪجهه ڏينهن وڌيڪ هليو ته پوءِ شايد حالتون ڪنهن ٻي پاسي وڃي سگهن ٿيو. مظاهرين ڪنهن به صورت وزير اعظم جي استعيفيٰ کانسواءِ واپس ويندي نظر نه پيا اچن نه ئي عمران خان انهي ضد تان دستبردار ٿي رهيو آهي جڏهن ته وزير اعظم ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي جيڪو ٻنهي پاسن کان ضد چئي سگهجي ٿو، جنهن جي 18 ڏينهن کان هلندڙ احتجاجي مارچ ۽ ڌرڻا پُرامن مان پُرتشدد ٿي ويا آهن ۽ مُلڪ جو اهم شهر ۽ گادي جو هنڌ هن وقت هزارين ماڻهن جي هٿان يرغمال بڻيل آهي. جڏهن اڄ ٻئي ڏينهن تي مظاهرين وزير اعظم هائوس اڳيان پهچڻ جي ڀرپور ڪوشش جاري رکي پر پوليس پاران مسلسل شيل جو استعمال ڪرڻ سبب ڪافي حد تائين مطاهرين بيمار ٿي پيا آهن ۽ مسلسل مقابلو ڪرڻ سبب ٿڪجي پيا آهن پر انهن ۾ ايترو ته جنون ڏسجي ٿو جو اهي واپس موٽڻ ۽ خان صاحب ۽ مولوي صاحب جي اعلان کان پوئتي ٿيڻ لاءِ تيار ئي نه آهن ۽ مقابلو ڪري بيٺل آهن اڄ صبح الله تعالى جي طرفان رحمت وسندي رهي ۽ تيز برسات جو سلسلو شروع ٿيو جنهن جي باوجود مطاهرين پوڍتي نه هٽيا ۽ پوليس سان مهاڏو اٽڪايو بيٺا رهيا ۽ پوليس پاران استعمال ٿيندڙ شيل ناڪاره ٿيندا پئي ويا هوڏانهن پي ٽي اي ۽ پي ٽي آءِ جي مظاهرين پاڪستان ٽيلي ويزن نيٽورڪ ۾ داخل ٿي حڪومت خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ ڀنڃ ڊاھ پڻ ڪئي جنهن سبب عملو سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ آرمي کي طلب ڪيو ويو جنهن اچي پوري معاملي کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مظاهرين کي پوئتي ڪري باهر ڪڍي معاملي کي بهتر بڻايو ويو ۽ اهري ريت پوليس ۽ مظاهرين ۾ جهڙپون ٿينديون رهيون، هوڏانهن آرمي چيف ۽ نواز شريف ۾ ملاقات پڻ ٿي جنهن ۾ معاملي کي سياسي طور حل ڪرڻ تي اتفقا ڪيو ويو ۽ جمهوريت بحال رکڻ تي پڻ راضپو ڏيکاريو ويو منهنجي مضمون لکڻ وقت مون ٽي وي اسڪرين تي هن وقت شام جي 5 لڳي 8 منٽ ٿيا آهن ته وري مظاهرين وزير اعظم هاوس طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن سبب پوليس پاران شيل ۽ ربڙ جون گوليون هلايون ويون ڳالھ سمجھ کان باهر اچي وئي ته آخر حڪومت ڇا ٿي چاهي اها ڪهڙي جمهوريت آهي جيڪا حڪومت بچائڻ چاهي ٿي حڪومت پاران احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ جيڪي طريقا استعمال ڪيا ويا آهن اهي ڪو نتيجو نه ڏيئي سگهيا آهن ۽ پوليس ذريعي اهي معاملا حل ٿيندي نظر نه پيا اچن. حڪومت طرفان مقرر ڪيل ايس پي کي پڻ مظاهرين جي پٿراءُ سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو هن وقت اسپتال ۾ پيل آهي هن وقت جيڪا صورتحال نظر اچي رهي آهي اها شايد خطرناڪ ٿاابت ٿئي ڇاڪاڻ ته حڪومت طرفان عمران خان ۽ طاهر قادري مٿان 7 اي ٽي اي تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو خدشو آهي جنهن بعد پوليس ۽ ايف سي اهلڪارن کي مظاهرين خلاف سخت ڪاروائي جو حڪم جاري ڪيو ويندي جيڪڏهن ماحول ان جي باوجود بهتر نه ٿي سگهيو ته بعد ۾ حڪومت پاران رينجرز ۽ آخر ۾ فوج کي استعمال ڪرڻ جي ڳالهه به ڪئي ويئي آهي پر پُرتشدد احتجاجي شايد ڪنهن به اداري پاران ڪارروائي تي مزاحمت ڪري سگهن ٿا جنهن مان جاني نقصان به وڌي سگهي ٿو ۽ جي اهي معاملا وڌيڪ ڪجهه ڏينهن هليا ۽ تشدد ۾ اضافو ٿيو ته پوءِ شايد ڪجهه ٻيون قوتون به سامهون اچي وڃن جن بابت مختلف ٽي وي چئنلز تي تجزئي نگارن طرفان گهڻو ئي بحث ٿي چڪو آهي ۽ جي ان سڄي احتجاج جي ڪري جمهوريت کي ڪوبه نقصان رسيو ۽ ڪاٻي قوت وچ ۾ آئي ته شايدانجو اثر رڳو حڪومت تي نه پر ان جانتيجا پي ٽي آءِ ۽ پي اي ٽيکي به ڀوڳڻا پوندا سو هن معاملي ۾ اُها جمهوريت ڪيترو پاڻ بچائي سگهي ٿي اُن جي خبر ستت ئي سڀني کي پئجي ويندي، هوڏانهن تبديل ٿيل سياسي صورتحال کي ڏسندي وزيراعظم لاهور ڇڏي اسلام آباد پهتو آهي حالتون اهڙي هنڌ اچي پهتيون آهن جو هاڻي عوام ۽ فورسز کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيهاريو ويو آهي هن وقت ٻنهي ڌرين کي هڪ فيصلو ڪرڻو پوندو جنهن ۾ زاتي انائون ختم ڪري صاف ۽ شفاف ڳالهين طرف وڌڻ جي ضرورت آهي پر ان جي باوجود پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ طرفان وزير، وزير داخله، ايس پي پنجاب سميت مختلف ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي ٻئي طرف حڪومت طرفان پڻ عمران خان ۽ طاهر قادري خلاف ڪيس دداخل ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي آهي جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته معاملو گهٽجڻ بجاءَ وڌي واري صورتحال ڏانهن هليو ويندو جاويد هاشمي جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي دفاع لاءِ جان ڏيڻ تائين جو فيصلو ڪري ويٺو آهي ان جي باوجود مطاهري ۽ پوليس ۾ جهڙپو جاري آهن ۽ ميڊيا تي پڻ تشدد وارو سلسلو جاري آهي پر ان جي باوجود ميڊيا پنهنجو ڪم سچائي ايمانداري سان نڀائي رهي آهي اسان مورو ميڊيا سينٽر جي طرفان صحافين مٿان ٿيل ان وحشياڻي تشدد جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي اُميد ڪريون ٿا ته حڪومت انهيءَ معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ملوث اهلڪارن کي ڪٽهڙي تائين پهچائيندي ۽ صحافين کي انصاف ۽ تحفظ جو احساس ڏياريندي، اُميد ڪجي ٿي ته حڪومت پنهنجي رويي ۾ نرمي آڻيندي ۽ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪندي ڇو ته طاقت ذريعي ڪنهن به سياسي بحران کي حل نٿو ڪري سگهجي طاقت جي استعمال سان ته حالتون خراب ٿيون آهن موجوده حالتن ۾ سياسي پارٽين (جنهن ۾ حڪومتي پارٽي به شامل آهي) تي ذميداري عائد ٿئي ٿي ته اُهي حالتن کي وڌيڪ سنگين بڻجڻ کان روڪڻ لاءِ عمران خان، طاهر القادري ۽ حڪومت کي راضي ڪن ته سڀئي ڌريون پنهنجي هَٺ، هوڏ ۽ انائن کي ڇڏي ڏين جمهوريت ۽ ملڪي وقار خاطر ڪا ٿوري گهڻي قرباني ڏيڻي پئي ته اُها قرباني ڏين ٿي سگهي ٿو ته اُهي فيصلا ڪنهن هڪ ڌر کي فائدو ڏين يا ٿي سگهي ٿو ته سڀني سياسي ڌرين جي لاءِ اُهي فيصلا نقصانڪار ثابت ٿين اهڙن انديشن ۽ انومانن کي نظر ۾ رکندي سڀني سياسي پارٽين کي پاڻ ۾ ملي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ نقصانن تي ويچارڻ گهرجي ۽ موجوده سياسي بحران جو ڪوئي پرامن حل ڪڍڻ گهرجي جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ڪٿي حالتون سياسي اڳواڻن ۽ حڪمرانن جي هٿن مان نڪري نه وڃن ۽ پوءِ حالتن کي سنڀالڻ ۾ گهڻي دير نه ٿي وڃي جنهن جو نقصان سمورن سياسي پارٽين کي ڀوڳڻو نه پئجي وڃي ۽ پوءِ پڇتائڻو پوي ان ڪري هالتن تي توجھ ڏئي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي جنهن سان بهتر نتيجا نڪري اچن ۽ وڌين نقصان کان بچي سگهجي.

    Moronews288@gmail.com

    FB. Waheed Mastoi

    0306.3421288
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو