اسان کي به فقط ايترو ئي ته گهرجي : آزادي ۽ انقلابُ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏4 سيپٽمبر 2014۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    (هي آرٽيڪل مون کي دل سان لڳو، ان ڪري “سنڌ سلامت” جي پڙهندڙن لا ونڊ ڪجي ٿو: مسيح مگسي)
    ```````````````````````````````````````````````

    اسان کي به فقط ايترو ئي ته گهرجي : آزادي ۽ انقلابُ

    اسد چانڊيو

    2014 ع جو سال، ملڪي تاريخ ۾ اهڙو ”تاريخي“ سال ٿيڻ طرف وڌي رهيو آهي، جنهن دوران ماڻهن نه رڳو ملڪ مٿان پنجين فوجي آمريت لاءِ سموريون تياريون ٿيندي ڏٺيون، شيخ رشيد ۽ چوڌري ڀائرن جهڙا پراڻا توڙي عمران ۽ قادريءَ جهڙا نوان آزادي ۽ انقلاب پسند ”مُهرا“ انتهائي بَي رحميءَ سان استعمال ٿيندي ڏٺا!، پر مشرف جي آمريتي دور جي پيداوار اليڪٽرانڪ ميڊيا کي آمريت لاءِ رستو صاف ڪندي ۽ آمريت لاءِ پتوڙيندڙ اڳواڻن کي اهڙا مشورا ڏيندي به ڏٺو، جن کي بهرحال ڪنهن به ريت ”مفت جا مشورا“ ته چئي نه سگهبو! ماڻهن جنرلن جي ڪانفرنسن کي، پوليس کي ”ڪجهه به نه ڪرڻ“ ۽ پنهنجن پيدا ڪيل“ انقلابين“ ۽ ”آزادي پسندن“ لاءِ رستا صاف رکڻ جون هدايتون ڏيندي به ڏٺو! گهڻن ئي ماڻهن کي سموريون حالتون اڳ ئي سمجهه ۾ اچي رهيون هيون، اسان خود تي هفتا اڳ ”اڪيلي اداري“ جي ڪردار کي مظلوم قوميتن ۽ حڪمران قوم جي گاديءَ واري شهر لاهور جي لاٺڙين سان ڀيٽ ڏئي رهيا هئاسين، پر ماڻهن جي اڪثريت وري به مقدس ادارن جي سحر مان نڪري حقيقتن کي سمجهي نه سگهي ها، جيڪڏهن جاويد هاشميءَ جي آمد” دير آيد پر درست آيد“ بڻجي، انتهائي ڏکين لمحن کي جمهوريت لاءِ آسان بڻائيندي نظر نه اچي ها!. ”آسان“ عوامي راڄ چاهيندڙن لاءِ ۽ ”انتهائي ڏکيو“ آمريتي راڄ جي آمدآخري مرحلي ۾ هئڻ جي خاطري ٿي ويل ”واسڪوٽيون“ سبائيندڙن لاءِ.
    جاويد هاشمي هن وقت تائين اسان کي ٻڌائي چڪو آهي :”ڪپتان راهيءَ کي ڪيترائي مهينا اڳ ئي آگسٽ يا سيپٽمبر ۾ عام چونڊون ٿيڻ جي خاطري هئڻ لاءِ به!، جنرل پاشا جي سالُ اڳ ئي لاهور ۾ سرگرم هئڻ لاءِ بهِ!، ڪپتان راهيءَ جي شڪست جي اعلان کان فقط هڪ ڏينهن اڳ، ”ميدانءِ جنگ“ ۾ هٿُ هٿ ۾ ڏئي ڀاڪر پائي ڀاءُ بڻايل طاهر مُلان سان ملڻ لاءِ لنڊن وڃڻ لاءِ بهِ!، طاهر ملان جي آءِ ايس آءِ جي سربراهه سان ملاقات ڪرڻ لاءِ به!، لاهور کان 14_ آگسٽ تي ڪجهه ڪلاڪن جي وٿيءَ سان نڪرڻ کان اڳ، ”ظاهري طور“ هڪ ٻئي کان الڳ ايجنڊا رکندڙ ”انقلاب“ ۽ ”آزادي“ لاءِ به!“. اسلام آباد پهچڻ ۽ ٽن هفتن تائين الڳ الڳ ڌرڻا هڻي ويهڻ باوجود، هڪ ئي وقت پارليامينٽ کان وٺي صدارتي ۽ وزارتِ عظميٰ جي منصبن تي ويهندڙن جي سرڪاري گهرن ڏانهن چڙهائي لاءِ وڌندڙ ۽ بعد ۾ هٿ هٿ ۾ ملائي هڪ هئڻ جو اعلان ڪندڙ ڏاڙهي واري توڙي بَي ڏاڙهيَي مُلي جي اصل ۾ ”هڪ ئي هئڻ“ جي ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش اسان کي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ايئن چوَندي ڪئي هئي ته: ”حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين تحريڪ انصاف کي ڌرڻو ختم ڪرڻ تي، پارليامينٽ جي ضمانت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر عمران جي عمران جي پنڊيءَ جي دورن ڪري بحران ختم نه ٿيو!“.جاويد هاشمي ته اسان کي اهو به ٻڌائي ڇڏيوآهي ته :”چونڊ ڌانڌلين بابت عمران جي پريس ڪانفرنس لکي ئي برگيڊيئر اعجاز هئي“.
    پاڪستان ۾، چونڊ ڌانڌلي ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ته نه آهي!. فوجي ڊڪٽيٽر شپ جا خواهشمند جڏهن اقتدار ۾ سڌو سنئون رهڻ جو موقعو ملندي نه ڏسندا آهن، تڏهن ايئن ئي ڌانڌلين جو سهارو وٺندا آهن، جيئن هن ڀيري به ٿيو هو ته، گذريل ڀيري به، اڃا گذريل کان به گذريل ڀيري به!. ايئن ڪير ڪندو آهي؟ ۽ ڪير ڪرائيندو آهي؟، اچو ته 3 فيبروري 97ع تي ٿيل عام چونڊن بعد، هڪ چونڊ جلسي ۾ ئي ”فرشتن“ جي سازش جو شڪار ٿي ويل بي نظير ڀٽو 7 فيبروريءَ تي لاهور ۾ٿيل پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ چيو هو :”چونڊن ۾ فرشتن جو ٽرن آئوٽ وڌيڪ رهيو“. ان اجلاس بعد پيپلزپارٽي ته بلڪل واضح انداز ۾ الزام هنيو :”چونڊ ڌانڌلين ۾ نگران حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ فوج گڏ هئا“. ۽ اها چونڊ ڌانڌلين جي راند فقط 97ع وارين چونڊن کان شروع ڪيل ۽ ڪرايل ته نه هئي!، آءِ جي آءِ جهڙا چونڊ اتحاد ۽ پي اين اي جهڙا مخالف ڌر جا اتحاد ٺهرائيندڙ ڪير هئا؟ ڳالهه فقط اڄ جي ته نه آهي!، هن ڀيري جي ته نه آهي!فقط 2013ع جي چونڊ ڌانڌلين جي ته نه آهي!.
    بي نظير ڀٽو جي لفظن مطابق: جيڪڏهن چونڊن جو ٽرن آئوٽ ”فرشتا“ ئي هوندا آهن ته پوءِ، 2013ع جي چونڊن دوران به ٽرن آئوٽ ڪٿي ۽ ڪنهن پاسي رکڻو آهي؟، جو فيصلو ڪنهن ڪيو هوندو!، ڪٿي ٿيل هوندو!.؟ ۽ جي اسان جي سامهون بَي رحم ۽ قاتل قرار ڏنل پنجاب پوليس وفاقي راڄڌانيءَ تي حملو ڪندڙ لٺ بردارن کي سرڪاري ٽي ويءَ تي قبضو ڪندي ڏسي ڀڄي ويندڙ آهي ته پوءِ، فقط سال اڳ هر دور جي گگدام اداري اليڪشن ڪميشن کي ساڳين ئي” مهربانن“ جي فرمائش آڏو بيهڻ جي همت ڪيئن ٿي هوندي!. اهي قوتون ڪهڙيون رهيون هونديون، جن پنجن سالن تائين حڪمران پارٽي جي سربراهه ۽ ملڪ جو صدر رهندڙ آصف زرداريءَ کي گذريل چونڊ مهم دوران سنڌ کان پيرُ ٻاهر نه ڪڍڻ تي مجبور ڪيو هوندو؟، اها قوت ڪهڙي هوندي جنهن ڪپتان راهيءَ کي پنجاب هر شهر ۾ پهچائڻ سان کيس سنڌ ۽ پختون خواهه ۾ پير ڄمائڻ جي آزادي به ڏني هوندي؟، اها قوت ڪهڙي هوندي!؟، هن مملڪت ۾ ته اهڙي قوت ڏيندڙ ۽ ڏياريندڙ فقط هڪ ئي نالي سان سڏبا آهن: ”فرشتا“.
    فرشتن طرفان رحمتون ڏيڻ لاءِ چونڊيل ”مومنن“ تي سوچيندي، ذهن ۾ هڪ وڌيڪ سوال پيدا ٿئي ٿو، جيڪڏهن فرشتا ايترا ئي مهربان هئا، ڪپتان راهيءَ تي ته پوءِ،ِ کيس ان وقت ئي ايتري ”عوامي قوت“ڇو نه ڏني وئي، جنهن ذريعي هو راهي پنهنجي آڏو ”ڪپتان“ بجاءِ ”وزيراعظم“ لڳائي سگهي!؟. ان سوال جو جواب هڪ باخبر دوست جي لفظن ذريعي ئي ڏئي سگهجي ٿو ته :” فرشتن کي به پرَ پکيڙڻ لاءِ ميدانَ تي ڪجهه نه ڪجهه قوت موجود هئڻ گهربل آهي. فرشتا 50 کي 75 ته ڪري سگهن ٿا، پر 15 کي 75 ڪرڻ جا پرَ انهن وٽ به نه آهن“. حاصل مطلب :”2013 جي عام چونڊن دوران شايد ڪپتان راهيءَ وٽ ميدان تي ايتري قوت موجود نه هئي جو، 50 کي 75 ڪري کيس وزارتِ عظميٰ جي پڳَ پڌرائي سگهجي ها!“. پر ايئن ممڪن ضرور هو ته :”راهيءَ کي جلد کان جلد اهڙي پڳ ڏئي سگهڻ لاءِ، دل نه چاهيندي به، مشرف دور کان فرشتن لاءِ اڻ وڻندڙ بڻيل نوازشريف کي عارضي بنيادن تي، ڪيل يا ڪرايل غلطين جون چتيون لڳل اهڙي پڳ پڌرائي وڃي، جيڪا هڪ سال کان وڌيڪ جي هوائن جي سٽ صحيح سگهي ئي نه. ۽ ٻئي سال جي آگسٽ ۽ سيپٽمبر تائين نئين نڪورَ پڳ پنهنجي من پسند ڪپتان راهيءَ جي حوالي ڪجي!؟“. جَي اسان جو هي تجزيو حقيقتن جي ٿورو به ويجهو آهي ته پوءِ، ان ڳالهه جي به پڪَ رکو ته:”ماڊل ٽائون جا 14 لاشَ ان ئي ڊرامي جو حصو ۽ انهن ئي فرشتن طرفان ڏنل آهن، جيڪي پَنهنجو وفادار پڳدار آڻڻ لاءِ اوهان کي سموريون توانايون لڳائيندي نظر آيا“..
    ”مُنهنجا چيتئو، منهنجا ٽائيگرو، اڳتي وڌو“ جي ڪمانڊ ڏيندڙ ڪمانڊر اڄ پي ٽي ويءَ تي اهڙي قبضي ۽ ڦرلٽ ، جنهن دوران رياست جي سرحدن سان گڏ ”نظرياتي“ محاذ جا ”محافظ“ باغين کي پاڻي پياريندي!، مرهم پٽيون ڪندي ۽ پُٺا ٽپي شاباسون ڏيندي نظر آيا!، تَن بابت ”ڪمانڊر راهي سڄي سماج ۽ دنيا جي ٿڪ لعنت بعد، وضاحت ڪندي چوي ٿو:” منهنجا چيتا ۽ ٽائيگر ته امن جو اهڃاڻ هئا، مٿن الزام ڇو..!!. سندن امن دشمن هئڻ جي شڪايت ڇو!؟“. مون خبر ناهي ته سڄي دنيا ۾ ڪالهه توڙي اڄ به، اهڙو سڌريل سماج ته پري رهيو پر اهڙو جهنگ به موجود هو يا آهي، جتي”چيتن“ ۽ ”ٽائيگرن“ کي وحشت نه پر امن جي علامت ”ڳيرو“ سمجهيو ويو هجي يا سمجهيو ويندڙ هجي!؟_ ۽ جيڪو مُلو واپس ورندڙ پنهنجن پوئلڳن کي به ”ماري ڇڏڻ“ جا اعلان ڪندڙ هجي!، اهو پاڻ کي ”رحمت“ به سمجهدڙ هجي...!؟.
    ”فرشتن“ ذريعي مليل چونڊ ڪاميابي بعد، صدر لغاريءَ طرفان 15 فيبروري97ع تي سڏايل قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کان فقط ٻه ڏينهن اڳ، 13 فيبروريءَ تي ان وقت جي فوجي سربراهه جنرل جهانگير ڪرامت سان مِلي اچڻ بعد، ساڳي ڏينهن پارٽي عهديدارن سان ڊگهي غير رسمي ملاقات ۾ نواز شريف چيو هو:” مان فقط سلام آباد جو وزيراعظم ٿيڻ بجاءِ پوري ملڪ جو وزيراعظم بڻجي ڏيکاريندس“. ان گڏجاڻي کان پوءِ مليل وزارت عظميٰ 25 مهينن اندر وڃائڻ، قيدي بڻجڻ، معافي نامن ذريعي ”پاڪ ملڪ“ جو مهمان بڻجڻ جي رعايت ملڻ ۽ وطن واپسيءَ کان پوءِ ڊگهي صبر بعد، هڪ ڀيرو وري وزارت عظميٰ حاصل ڪرڻ جي 14 مهينن اندر ئي عالمي ميڊيا طرفان :”اسلام آباد به سنڀالي نه سگهندڙ“ وزيراعظم قرار ڏيڻ تائين ”غلطيون“ نوازشريف جو هجن يا ”فرشتن“ جون سازشون هجن، اسان ته فقط انهن قوتن جي ارهه زورائيءَ جا مُخالف ئي آهيون، جيڪي ڪروڙين عام ماڻهن کي ”بِلڊي سِويلين“ چئي ڌڪارينديون رهيون آهن ۽ ڌڪاريندو رهڻ چاهن ٿيون! ها اسان ”فرشتن“ جي ان غلطيءَ سان به گڏ آهيون، جيڪا غلطي پاڻ کي ”اڪيلو “ سمجهندڙ ”اداري“ جي ڳچيءَ جوا يئن ڳٺ تي ويندي، جيئن ٻُٽ ٻَڌي وارداتون ڪندڙ ڏوهارين جي کلي مُنهن واردات ڪرڻ سبب، سوين اکين ڏٺا شاهد پيدا ڪرڻ سبب ٿي سگهي ٿي، پر هن غلطيءَ جا شاهد ته سوين نه پر ڪروڙين ”بلڊي سويلين“ آهن، سڄي دُنيا آهي.
    هن رياست جي ٺهڻ شرط، پنهنجي قومي وجود جي بقا لاءِ پيدا ڪيل خطرن کي سمجهي، ظلم ۽ ناانصافي خلاف آواز اٿاريندڙ بنگالين کي دٻائڻ لاءِ جناح صاحب جنهن غلط روايت جو بنياد وڌو هو، اوهان اڄ تائين اُن ٿوهرَ کي پاڻ لاءِ گهاٽي ڇانوَ ڏيندڙ بڙُ سمجهندڙ آهيو!. جناح اُن وقت هن تي مملڪت جي پرڳڻي ۽ اڄ ”آزاد مملڪت“ بنگلاديش پهچڻ بعد بنگالين جي دانهن ورنائڻ بجاءِ، سندن لاءِ وڏو ٿيڻ بجاءِ، 19 مارچ 1948ع تي ڍاڪا ۾، ڊگهو تاريخي وجود رکندڙ قومن جي وجود کي ”ڏوههُ“ بڻائيندي چيو هو :” پاڪستان قائم ڪرڻ خلاف سازشن ۾ ناڪام ٿيڻ بعد، پاڪستان جا دشمن پنهنجي شڪست جو بدلو وٺڻ لاءِ ملڪي سلامتيءَ جا ويري ٿي، صوبائيت کي همٿائي رهيا آهن!، اوهان جيستائين قومي سياست مان ان ”زهر“ کي ڪڍي ڦٽو نٿا ڪريو، قومي استحڪام ممڪن نه آهي“.

    ايئن پوءِ اوهان قومن جي تاريخي قومي وجود ۽ ان کي بچائڻ لاءِ خواهش ۽ ڪوشش کي، جناح جي سوچ تحت، پنهنجي پنجوڙ ۾ جڪڙيل رياست جي وجود لاءِ ”زهرُ“ سمجهي، نه رڳو بنگالين کي ڪٽي پاڻ کان ڌار ڪيو پر بلوچن جو قومي وجود بچائڻ جو تصور اوهان لاءِ اڄ به زهر بڻيل آهي!، جنهن ڪري ئي اوهان بلوچن کي ”زهريلو وجود“ سمجهي روز جهيرَ ڏئي رهيا آهيو!، سندن جسمن تان روز ماسُ ڪورَي وٺندڙ آهيو!!. روز کين اجتماعي قبرن ۾ دفنائي رهيا آهيو!، ماريل جسمن کي به مٽيءَ ۾ دٻائي رهيا آهيو ته، زخمن سان چچريل رتُ ڳاڙيندڙ جيئرن جسمن کي به!. کي زور ڪٿي رهيا آهيو!. سنڌ جو هزارين سالن جو تاريخي قومي وجود به اوهان لاءِ ”زهر“ ئي ته آهي!، جنهن ڪري ئي سنڌ به هڪ ئي وقت چئن _چئن اڳواڻن جا ساڙيل لاش کڻي رهي آهي!، جَهنگن، روڊن ۽ رستن تان چچريل لاش کڻي رهي آهي!، پنهنجن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا مڙههَ ڍوئي رهي آهي!. هن وقت تائين سنڌين ۽ بلوچن اوهان جي هيڊڪوارٽر جي جاڙَي سڏائيندڙ شهرَ يا اوهان پاران ”رياست جي علامت“ قرار ڏنل عمارتن تي چڙهائي ڪرڻ، قبضو ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ”آزادي“ ۽ ”انقلاب“ جي مورچي طور ِ استعمال ڪرڻ جي ڪا ڪوشش ڪرڻ ته ڇڏيو، پر ڪڏهن ڪا سوچ به نه رکي آهي!، پوءِ به اهي اوهان لاءِ پنهنجي قائد جي فرمان تحت ”زهرُ“ ئي آهن، جن کي ڪَٽي اڇلائڻ انتهائي ضروري به آهي!.
    پر اڄ اوهان هزارين ”باغين“ ۽ ”انقلابين“ کي نه اڳ اسلام آباد پهچائيندڙ ، پهچڻ بعد اڳتي ريڊ زون ۾وڌڻ ڏيندڙ ۽ نه رڳو اڳتي وڌندڙ ڏيندڙ پر رياست جي علامت قرار ڏنل عمارتن تي قبضو ڪرڻ ڏيندڙ به آهيو. جي عمران ۽ قادري ”باغي“ آهن ته اوهان جين ”اکين جا ٺارَ“ ڪيئن آهن؟، اوهان کين چچريل لاش بڻائيندڙ نه پربچائيندڙ ڪيئن آهيو؟، پاڻ وٽ رات جي اوندهه ۾ گهرائيندڙ ڪيئن آهيو!، گڏ ويهاريندڙ ڪيئن آهيو؟، سندن تحفظ لاءِ حڪومت کي ”پرامن“ حل جا مشورا ڏيندڙ ڪيئن آهيو..!؟. جَي اوهان کي رياست جي ”پاڪ شهر“ ۾ بُلٽ پروف ۽ بم پروف ڪنٽينرن ۾ پاڻ کي محفوظ بڻائي ويٺل، ڪارڪنن جي هٿن ۾ ڪاتَ ۽ ڪهاڙا پڪڙائي ويٺل، ۽ فوٽن ۾ ظاهر ٿيندڙ موت مار هٿيار لڪائي ويٺل ”باغي“ ۽ انقلابي ايترائي ”پيارا“ آهن ته پوءِ، آزادي پسند بنگالي ڇو زهرُ هئا...!؟ِ سنڌ ۽ بلوچستان جا انقلابي ڇو ”زهرُ“ آهن؟ بي رحماڻو موتُ ڏيڻ جا حقدار ڪيئن آهن..!؟، چچريل لاش بڻائڻ جي لائق ڪيئن آهن...!؟. يا ته اوهان ايئن ان ڪري پيا ڪيو ته:” اوهان لاءِ قوم ۽ عوام پَنهنجو پنجاب ۽ ان جي راڄ ڌانيءَ جي رعيت ئي آهي...!؟، ان ڪري پنهنجي قوم ۽ پنهنجي عوام جو انگلُ پنهنجن ٻارن لاءِ ڙحمدل ماءُ لاءِ ”ڏوههُ“ ڪيئن ٿو ٿي سگهي...!؟، ”زهر“ ڪيئن ٿو بڻجي سگهي...!؟. ماءُ ته هر حال ۾ ”ماءُ“ ئي هوندي آهي!.
    شايد ايئن ئي آهي. ايئن ئي آهي ته پوءِ اوهان هن ڀيري رياست جي گاديءَ جي ڳچيءَ تي نَنهڻ ڏيندڙ ڏوهارين جو تحفظ ڪري بلڪل صحيح ڪيو آهي. آخر اُهي به ته اوهان جو ڪٽنب ئي آهن، اوهان جي قوم ئي ته آهن. بلڪل ٺيڪ، اسان اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار آهيون، پر پوءِ اوهان اسان کان اها ڳالهه ڪيئن مڃرائي سگهندا؟، ڇو مڃرائي سگهندا ته اسان به اوهان جي قوم جو حصو آهيون!، اوهان جي قوم مان آهيون!. جَي واقعي اسان به اوهان جا ئي آهيون تهاسان جو قومي وجود به اوهان لاءِ ”زهر“ ڇو آهي!، ۽ لاهور جو ”زهرُ“ به اوهان لاءِ ترياق ڪيئن آهي....!؟. ”انقلاب“ ۽ ”آزادي“ کي ته ڇڏيو پر اسان جون مهينن کان پگهار نه ملڻ جي دانهن ڏيندڙ ماسترياڻيون به هتِ هٿ ٺوڪي ”ريڊ زون“ ۾ پهچڻ تي زور سان وسايل پاڻيءَ ڪري روڊ تي ڪريل ۽ پنهنجو جسم ڍڪي سگهڻ لاءِ پريشان نظر اينديون آهن، اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ جا در ۽ لوهي ڀتيون ٽوڙي پارليامينٽ جي اڳواڙي ۾ اسان عورتن کي رچ پچاءُ ڪندي، ٻارن کي وهنجاريندي، خيما کوڙي گهرَ ٺاهيندي، ڏِينهَن جا ڏينهن آرام ڪندي ڪيئن پيا ڏسون....!!. ها، اسان اوهان جي قوم نه آهيون، ڪٽنب نه آهيون، ڀاتي نه آهيون، جوهري طاقت قوم جا مفتوح آهيون!، مغلوب آهيون!.اوهان اهو ئي ته اسان کي سمجهائڻ چاهيو ٿا! اسان سمجهڻ لاءِ تيار آهيون، شايد گهڻو اڳ سمجهي به چڪا آهيون ته، اسان جي قوم الڳ آهي، مفتوح ئي صحيح، پر قوم الڳ ئي آهي. وکريل ۽ ماريل ئي صحيح پر ڪٽنب الڳ ئي آهي، پنهنجن مفادن کي بچائي سگهندڙ نه هئڻ باوجود، اسان جو مفاد الڳ آهي.
    هاڻ اسان کي اوهان اِهو ڪيئن سمجهائي ۽ مڃرائي سگهندئو ته :” اوهان لاءِ جيترا لاهور جا هٿن ۾ غُليل کڻي رياستي ادارن جي اهلڪارن تي پٿرَ وسائيندڙ غنڊا اهم آهن، اسان جو پنهنجن قومي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ هڪ سئو سيڪڙو سياسي ڪارڪن به اوترو ئي اهم آهي...!؟. اسان جي قوم جو سياسي ڪارڪن توڙي ڪو به فرد، جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي قوم ۽ پنهنجو ڪٽنب نه پر ، پنهنجا قومي حق ڦريندڙ سمجهي ۽ چوي ته، اُهو غلط ڪيئن هوندو!، فقط ان ڪري ته ، اُهو ڪمزور آهي ۽ اوهان جوهري طاقت! ڳالهه ٺهي ڪو نه پئي ۽ ٺهي سگهندي به ڪو نه. هي سوچ ۽ ان سوچَ تحت هلايو ويندڙ هي نظام هلي سگهندو ڪو نه، پاڻ سان ٻين قومن کي گڏ هلائي سگهندو ڪو نه. جَي اسان ۽ اوهان هڪ قوم ۽ هڪ ڪٽنب آهيون ته هڪ جهڙا حق به رکون ٿا. جي اوهان اسان کي هڪ جهڙا حق رکندڙ ڀاتي سمجهو ٿا ته پوءِ ثابت به ڪري ڏيکاريو. پنجاب ۽ سنڌ جي فرد ۾ پيدا ڪيل فرق ختم ڪري به ڏيکاريو، ۽ جي فرق ختم نٿا ڪري سگهو ته، هڪ فرد جي پنهنجي ڪٽنب کان ڌاري ٿي سگهڻ جو حق قبول به ڪري ڏيکاريو، انصاف فقط ماڊل ٽائون جي ماريل 14 فردن لاءِ ڇو....!؟، اسان جي اوهان هٿان ئي ماريل هزارين ماڻهن لاءِ انصاف، ”انصاف“ نه آهي، جناح کان وٺي رياست لاءِ سمجهيو ويندڙ ”زهرُ“ آهي!. پوءِ ته ڪجهه به ناهي بچڻو، جوهري طاقت وسيلي به ڪجه به بچائي ناهي سگهڻو، پنهنجي قوم تي ٿيندڙ ظلمن کي اسان سمجهي ٿا وٺون، اوهان به ”حقيقت“ کي سمجهي وٺو، اسان ۽ اوهان جي ”هڪُ نه هئڻ“ کي سمجهي وٺو. ته، ان ڪريها اسان اهو سمجهي وڃڻ ڪري اوهان کي منهنجي قوم ۽ پنهنجي ڪيئن مڃڻ لاءِ تيار نه آهيون.

    Asadchandio71@yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو