سنڌين جو بمبئي ۾ ڪيل ڪم سنڌي هندن هت سنڌ ۾ هميشه ڪيترائي ڀلائي جا ڪم ڪيا، مگر جڏهن 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو ته سنڌي هندو هندستان وڃڻ کانپوء به اتي وڃي وڏا وڏا ڪم ڪرڻ لڳا جنهن جي هڪ جهلڪ هت توهان لاء حاضر آهي۔ http://www.youtube.com/watch?v=kgXF-HfRv7M
جواب: سنڌين جو بمبئي ۾ ڪيل ڪم ڪاش اسانجا اهي سنڌي ڀائر سنڌ ڇڏي نه وڃن ها ۔۔ ڀلي مذهب سندن اسلام نه هو پر سازشي ته نه هئا، قاتل ته نه هئا ۔۔۔ سنڌ جا سڄڻ ته هئا، سنڌي ٻوليءَ سان پيار ته ڪندا هئا ۔۔۔ پر افسوس سنڌي مسلمانن ۽ سنڌي هندن جي وڏن ٻنهي اهڙو غلط فيصلو ڪيو جو اڄ اسانجي ڳچيءَ ۾ ڦاهي جيئان هر روز ڪسبو ۽ مضبوط ٿيندو پيو وڃي ۔۔۔ اڄ سڀ سنڌي (هندو ۽ مسلمان) گڏ هجن ها ۽ سنڌ آزاد ملڪ هجي ها جيئن پير پاڳاري ٿي چاهيو ته پڪ سان دنيا جو ترقي يافته ملڪ هجي ها ۔۔۔ ۽ هي بدامني ۽ ناانصافي نه هجي ها ۔۔۔ مسلم ليگ جي نعري ۾ ڇا ڦاٿاسون جو هاڻ جان ڇڏائڻ مشڪل آهي ۔۔۔