ڪم کي ملتوي ڪرڻ جي عادت جو خاتمو

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏4 سيپٽمبر 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    زبير احمد لاکو
    ڪاميابيءَ جي سڀ کان وڏي دشمن، ڪم کي ملتوي ڪرڻ جي عادت آهي. ڪامياب ماڻهو ڪڏهن به اهم ڪم کي ملتوي نه ڪندا آهن. ڇو ته ڪم کي ملتوي ڪرڻ وارا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندا آهن. ملتوي ڪرڻ جي ڪري ماڻهو ڪيترن ئي موقعن (Opportunities) مان فائدو نٿا وٺي سگهن ۽ ڪيترائي امڪاني موقعا ضايع ڪري ڇڏيندا آهن. ڪامياب ماڻهو وقت ضايع نه ڪندا آهن، خاص ڪري ڪم شروع ڪرڻ ۾ هرگز وقت ضايع نه ڪندا آهن. اهي ڪم جلدي شروع ڪندا آهن ۽ تڪميل تي پهچائيندا آهن.

    اڪثر ڪري ناپسنديده ڪم ۽ مشڪل ڪم ملتوي ڪيو ويندو آهي. شين کي ملتوي ڪرڻ مان خوف وڌندو آهي ۽ عمل (Action) کان ختم ڪري ڇڏيندو آهي. ناپسنديده ۽ مشڪل معاملن کي اسان جيترو ملتوي ڪندا آهيون، اهي اسان کي وڌيڪ پريشان ڪندا آهن. ملتوي ڪرڻ جي صورت ۾ اسان وڌيڪ ڏک ۽ تڪليف برداشت ڪندا آهيون. مسئلي کي شروع ۾ ئي ختم ڪري ڇڏجي. جيڪڏهن زخم جو بروقت علاج نه ڪيو وڃي ته تمام وڌيڪ خطرناڪ ٿي موت جو سبب به ٿي سگهي ٿو.

    ناپسنديده ڪم کي وقت ضايع ٿيڻ کان بغير ڪري پنهنجي پريشاني گهٽايو. توهان ان کي جيترو ملتوي ڪندا ويندؤ، اهو اوترو ئي اڻ وڻندڙ ۽ خراب ٿيندو ويندو. جيڪو ڪم توهان اڄ نه ڪندؤ، انهيءَ کي ڪرڻ لاءِ سڀاڻي ٻيڻي ۽ پرينهن ٽيڻي وڌيڪ محنت، وقت، صلاحيت ۽ طاقت جي ضرورت هوندي. ڪامياب ماڻهو عملي قدم جلدي ۽ فورن کڻندا آهن، جڏهن ته ناڪام ماڻهو دير سان. ڪامياب ماڻهو ملتوي ڪرڻ جي ڪري وقت ضايع نه ڪندا آهن، خاص ڪري ڪم شروع ڪرڻ ۾ هرگز وقت ضايع نه ڪندا آهن. اهي ڪم جلد شروع ڪندا آهن ۽ ڪامياب ٿي ويندا آهن. ڪم کي ملتوي ڪرڻ وارا اڪثر چوندا آهن ته سڀاڻ ڪنداسين، ان سلسلي ۾ امام غزالي رحه تمام خوبصورت ڳالهه ڪئي آهي، ”جيڪو ڪم توهان اڄ نٿا ڪري سگهو، يقين ڪري ڇڏيو ته توهان ان کي سڀاڻي به نه ڪري سگهندؤ.“

    جيڪڏهن توهان واقعي ڪامياب ٿيڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ملتوي ڪرڻ جي عادت کي يڪدم ختم ڪرڻو پوندو. ان لاءِ مان هيٺ ڪجهه مشورا بيان ڪيان ٿو.

    هر ڪم کي مڪمل ڪرڻ جو هڪ وقت طئي ڪري ڇڏيو. هي هڪ تمام سٺو اثرانداز طريقو آهي. تڪميل جو وقت مقرر ڪرڻ جي ڪري انساني جسم ۾ هڪ خاص هارمون وڌيڪ پيدا ٿيندو آهي، جيڪو ماڻهو کي ڪم ڪرڻ جي لاءِ Motivate ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪم مشڪل يا وڏو هجي ته انهيءَ کي ننڍن حصن ۾ ورهايو ۽ روزانو هڪ حصي کي مڪمل ڪيو.

    هڪ ڪاغذ جي وچان ليڪ لڳايو هڪ پاسي ڪم کي ملتوي ڪرڻ جا سبب لکو ۽ ٻئي پاسي فائدا. ملتوي ڪرڻ جا سبب گهٽ هوندا ۽ مڪمل ڪرڻ جا وڌيڪ، انهن کي هر هر پڙهو.

    مشڪل ڪم جي سلسلي ۾ پنهنجي رويي کي بدلايو. ان کي مصيبت جي بجاءِ چئلينج سمجهي ڪيو. انشاءَ الله اڪثر ڪري اسان ناپسنديده ڪم کي ملتوي ڪندا آهيون. اهڙي صورت ۾ توهان ڪم کي ملتوي ڪرڻ جي بجاءِ صرف 5 منٽن جي لاءِ ڪم ڪيو. پنهنجو پاڻ سان واعدو ڪريو ته توهان 5 منٽ ڪم ڪندؤ. 5 منٽن جي ختم ٿيڻ تي چاهيو ته ڪم جاري رکو ۽ وڌيڪ 5 منٽ ڪريو. ختم ڪرڻ کان پهريائين طئي ڪريو ته اڳيان 5 منٽ ڪڏهن ڪم ڪندؤ. ڪامياب ماڻهو پنهنجي واعدي جي پابندي ڪندا آهن.

    ڪم کي ملتوي ڪرڻ جي عادت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سڀ کان پهريائين آسان ڪم ڪريو ۽ پوءِ مشڪل. ڪجهه ٻين ماهرن جو رايو آهي ته پهريائين مشڪل ڪم ڪريو پوءِ آسان، ائين ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي مجبور ڪريو. جلد ئي توهان جي عادت بڻجي ويندي پوءِ زندگي آسان ٿي ويندي. توهان ٻئي طريقا استعمال ڪريو، جيڪو طريقو توهان جي لاءِ سهي هجي يا توهان کي سٺو لڳي، اڳتي لاءِ ان کي استعمال ڪريو.

    اها ڳالهه ذهن ۾ رکو ته اڪثر ڪري مشڪل ۽ ناپسنديده ڪمن جا نتيجا تمام شاندار ۽ خوشگوار هوندا آهن. ماڻهو اڪثر ڪري مشڪل ۽ ناپسنديده ڪم جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اطمينان جا شاندار احساس محسوس ڪن ٿا. سڪون جي حالت ۾ صبح جو ۽ رات جو سمهڻ وقت هن ڳالهه کي بار بار ورجايو ”ڪامياب ماڻهو انتظار نه ڪندا آهن.“

    “Winners do not wait.”

    ڪامياب ماڻهو سڀ ڪم پاڻ ته ڪندا آهن. سوچيو نه ڇا ڪو اهڙو ماڻهو آهي، جيڪو هي ڪم توهان کان وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪري سگهي ٿو؟ پوءِ اهو ڪم ان کان ڪرايو. اڪثر ڪري جيڪو ڪم توهان کي ناپسنديده هوندو آهي، ان کي توهان بهتر طريقي سان نٿا ڪري سگهو.

    اگر توهان بوريت جي ڪري ڪم ملتوي ڪريو ٿا ته ڪم ڪندي هلڪي موسيقي مثال طور عارفانه ڪلام ٻڌو. ممڪن هجي ته ڪنهن دوست سان گڏجي ڪم ڪريو. ملتوي ڪرڻ جي عادت کي ختم ڪرڻ جو هڪ سٺو طريقو هيءُ به آهي ته، پنهنجو پاڻ کي ڪنهن پسنديده شيءِ کان محروم رکو. مثلن فلم ڏسڻ، ڊراما ڏسڻ، رانديون، دوستن سان ڪچهريون وغيره.

    ڪم کي ملتوي ڪرڻ جي هڪ اهم سبب ڪم جو زياده هجڻ يا وڌيڪ هجڻ به آهي.

    اڃا ڪجهه وڌيڪ مشوره ۽ صلاحون ايندڙ ڪالم ۾ بيان ڪيون وينديون، في الحال انهن ڳالهين تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ نتيجو ڏسو.

    lakhozubair@yahoo.com
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    جيئن ئي صبح بستري ۾ ئي سنڌ سلامت جي هي پوسٽ پڙهي ته يڪدم ڪم تي وڃڻ لا تيار ٿي ويس، ان کان اڳ ۾ بهانا سوچي رهيو هئس، جو هڪ ڪم ڪافي ڏکيو آهي، جيڪو ڪافي ڪوشش ڪرڻ باوجود سمجهه ئي نه پيو اچي. توهان جي پوسٽ پڙهي في الحال ان کي سرد خاني حوالي ڪري، ٻئي ڪم کي شروع ڪيو اٿم.

    وڏي مهرباني. آرٽيڪل ڏاڍو ڏاڍو ڏاڍو وڻيو. تُرڪن واري ڳالهه ويري ويري ويري.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏5 سيپٽمبر 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هي آزمايل آهي. گُذريل ڪُجهه ڏينهن کان ڪم جو طوفان آيل آهي. پر اهي طريقا هلائيندي ڪم اڳتي هلي پيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو